دوستو سلام
انڊلٺ جيڪا گهڻو ڪري مينهن کانپوء ٿيندي آهي ان جا رنگين نظارا ڏسڻ زندگيء جي يادگار ۽ وڻندڙ لمحن مان ڪجهه لمحا هوندا آهن۔ انڊلٺ جي رنگن کي شاعر به خوب استعمال ڪندا آهن پر جيڪڏهن انڊلٺ ٻيڻي يعني ڊبل هجي ته اها ڳالهه يقين ڪرڻ جهڙي نه ٿي لڳي۔
اوهان سان جيڪا وڊيو ونڊ ڪجي ٿي ان ۾ هن نوجوان ڪيمرامين انڊلٺ جو نظارو رڪارڊ ڪندي جڏهن اهو ڏسي ٿو ته هڪ ٻي انڊلٺ به آهي جيڪا مکيه انڊلٺ سان گڏ آهي ته هن جي خوشيء جو اظهار ٻيڻو ٿي ٿو وڃي۔ سندس اهو اظهار ۽ جذبات سندس آواز مان ظاهر آهن۔
هڪ ڪلاڪ تائين رهندڙ هيء انڊلٺ پهرين آگسٽ 2010 تي ٿي هئي ۽ هڪ نوجوان پال ويسڪز ان کي ياسمٽ نيشنل پارڪ آمريڪا ۾ رڪارڊ ڪيو آهي :