ادبي شخصيتن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادبي شخصيتن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي​




    ادبي کيتر ۾ الائي جي ڪهڙي وڇوڙي جو واءُ گهليو آهي جو چند سالن کان سنڌ جا نامور اديب شاعر ۽ محقق وڇڙندا پيا وڃن۔۔۔ اديب ۽ شاعر قومن جا سنواريندڙ هوندا آهن، استاد بخاري جو شهر ۽ ضلعو دادو سنڌ لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو۔ هي تعلقو پهرين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو 1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو آهي۔ دادو شهر لاء اهيو چيو وڃي ٿو ته هي شهر سورهين صدي جي وچ ڌاري آباد ٿيو هوندو، هن شهر تي نالو سيد دادو شاه عرف دادن شاه جي نالي تي رکيو ويو آهي، ۽ دادو کي پهرين دادن شاه جا ڀاڻ ڪري سڏيندا هئا۔ ۽ دادو شهر جي آدمشماري تقريبن 140000 ٻڌائي وڃي ٿي، ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ ۔۔۔ علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد ، تاج محمد صحرائي، علڻ فقير محسن ڪڪڙائي ، احمد ّخان مدهوش، ڪماالدين سولنگي، عبدالله شاه ، لياقت جتوئي، عبدالحميد جتوئي، منظور سخيراڻي، پير الاهي بخش، پير مظهرالحق، ڊاڪٽر قربان جهتيال، سڪينه سمون ٽي وي اداڪارا ، محمد سليم سولنگي، ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير ، نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار ، سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر، عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري وغيره۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ممتاز علي وگهيو دادو شهر ۾ ڪيترائي اديب، شاعر ۽ محقق ٿئي گذريا آهن جن سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ موکيو آهي، پر افسوس جو دادو جي اديبن ۽ شاعرن کي نڌڻڪو ڪري ماريو ويو آهي. دادوءَ جا ڪيترائي اديب، شاعر، مفلسيءَ ۾ گذاري ويا آهن، جن ۾ الهنواز رڪناڻي، وزير منگي، عباس علي شاهه شامل آهن. هن وقت به ڪيترائي شاعر ۽ اديب مفلسيءَ واري زندگي گهاري رهيا آهن، انهن ۾ عاشق دادوي ۽ محمد عرس اظهر شامل آهن. عاشق دادويءَ کي چپ ڪرائڻ لاءِ ڏهن هزارن جي خيرات نما رقم ڏني ويئي ۽ محمد عرس اظهر کي به آسرن ۾ رهايو ويو آهي. محمد عرس اظهر 300 کان مٿي مقالا، مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن ۽ ٻيو هڪ تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب ”دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال“ 640 صفحن جو لکيو آهي. اهڙا اديب، شاعر ۽ محقق ٻين قومن ۾ هجن ها ته انهن کي مڃتا ڏني وڃي ها. سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي اسان گذارش ٿا ڪريون ته هنن ادبي شخصيتن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آصف علي شيخ /دادو بشڪريه ڪاوش .
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ادبي شخصيتن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي

    واهه سائين واهه
    لاجواب ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو