جواب: ٻن منٽن ۾ گوگل جي مڪمل ڪهاڻي۔۔۔
سهڻا رشيد!
اوهان پاران پيش ڪيل گوڪل وڊيو کي سمجهڻ لاءِ محمد سليمان وساڻ کان مدد وٺڻي پوندي منهنجي معاملي ۾ ته هو ڏاڍو ڪنجوس آهي، مهرباني ڪري اوهان ڪا سفارش ڪريوس ته من مهربان ٿئي۔
گستاخي معاف !
اوهان کي هڪڙو لطيفو ٻڌايان ٿو۔ اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو تپيدار ڍل وٺڻ آيو، اوطاق ۾ ويهي ماڻهن کان ڍل به وٺي رهيو هو ته پنهنجي ڦلپس ريڊئي تان اردو ۾ وڏي آواز سان گانا به ٻڌي رهيو هو ،ڇاٻهراڙيءَ جا هاري ۽ڇا اردو؟ ايتري ۾ احمد رشتيءَ جو گانو هلڻ لڳو،( هنگامه هنگامه،،،،،،،،،،،)جيئين گانو شروع ٿيو ته هڪڙي هاريءَ تپيدار ويچاري تي اچي لٺ الاريندي چيائين " اُٿُ! ٻاهر هيترو سارو جهنگ پيو اٿئي اتي وڃي هنگ هتي ويٺو ٿو رڙيون ڪرين؟"
ادا سائين اسان به اهڙن هارين جيان آهيون، اوهان جهڙا ٿيڻ ۾ اسان کي اڃان دير لڳندي اهان جهڙا دوست الائي جي ڪٿان ڪٿان ناياب ،اڻملهائتيون ۽ معلوماتي شيون هٿ ڪري اسان سان ونڊ ڪريو ٿا ان لاءِ دوستن جي ٽيم جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔
ادا سائين ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي دوستن سان مزاق ڪري پنهنجي ۽ انهنجي دل کي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان اميد ته ٻيا دوست مون کي معاف ڪندا۔