• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حقيقت

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

ڊاڙ ناهي هي حقيقت آ پرين
منهنجي توسان ڏاڌي محبت آ پرين

ٻي ته مون وٽ ڪا به دولت ناهي پر
پيار تنهنجي جي ها دولت آ پرين

پاڻ نفرت جي به پاڇي کان پري
پاڻ وٽ ڪينو نه نفرت آ پرين

توکي ڀاڪر ۾ ڀري توکي چُمان
منهنجي دل جي ڏاڍي حسرت آ پرين

عاشقن کي هون به مڙئي عشق ۾
ڪوڙ جي ٿوري ها عادت آ پرين

سونهن تنهنجي جي ۽ پنهنجي سنڌ جي
مونکي ٻنهن جي ها آٿت آ پرين

قسم سان تنهنجي مٺي گُفتار ۾
آبِ زم زم جهڙي لذت آ پرين

جت به ويهان سونهن تنهنجي جو ذڪر
هي پُراڻي منهنجي فطرت آ پرين

جاويد نواز

دعائن ۾ ي
اد
 
جواب: حقيقت

ادا لڳي ٿو منهنجي شاعري اوهانکي ڪون ٿي وڻي سائين جيڪو حال پريان نال منهنجا ڀاءُ
 
جواب: حقيقت

ها ها ها ۔۔۔ سائين عبدالڪريم جي ڳالهه تي کل آئي ۔۔۔

سائين جاويد نواز اوهانجي شاعري ته لاجواب هوندي آهي، سادا ۽ عوامي لفظ ۔۔۔ عام ۽ پيارا جذبا هوندا آهن،

اوهانجي هن غزل جي هڪ بند ۾ آهي ته:

توکـــي ڀاڪر ۾ ڀــــري توکــي چُمان،
منهنجي دل جي ڏاڍي حسرت آ پرين۔

هر عاشق جي اها خواهش هوندي آهر، پر چوندا آهن ته، ” ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ عشق جو هڪ اصول هوندو آهي ۔۔۔

اوهانجي شاعريءَ جا وزن بحر ڪيئن آهن، ان بابت ته ڪو شاعر ئي ٻڌائي باقي اوهانجا لفظ، جملا ۽ ّخيال اسانجي اکين تي ۔۔۔۔
 
جواب: حقيقت

سائين نثار صاحب اوهانجا لک قرب باقي سائين اسان جي شاعري سادن لفظن تي مشتمل آهي اسان کي الله جي طرفان هي سوغات مليل آهي اسان نه ڪڏهن ڪنهن ڪو وڏو مُتالعو ڪيو آهي ۽ نه وري ڪنهن وڏي شاعر جي ڪا چو ري باقي سائين ڪنهن کي وڻي ته ٺيڪ نه به الله سڀ کي خوش رکندو اسان جو ڪنهن سان بحس مُباحسو ڪونهي۔ جي ڪا ڳالهه آ سا اوهانجي آڏو حاضر آ
 
جواب: حقيقت

جت به ويهان سونهن تنهنجي جو ذڪر
هي پُراڻي منهنجي فطرت آ پرين

ادا جاويد بهترين ۔۔۔۔

سٺا لفظ، سهڻي شاعري ۽ خوبصورت احساس۔ اهائي ته شاعري آهي باقي شاعريء جي وزن، بحر ۽ تڪ بندي ته ڪو شاعر ئي سمجهي سگهندو۔ اوهان جا خيال بهترين آهن۔ اسان کي انهن سان ڪم آهي۔ سدا خوش رهو
 
Back
Top