وٽامن اَي 180 آء يو
وٽامن سي 9 ملي گرام
ڪيلشيم 32 ملي گرام
آئرن يا لوهه 8۔1 ملي گرام
فاسفورس 27 ملي گرام
پوٽيشيم 80 ملي گرام
ڪاربوهائڊريٽس 17 گرام
ڪيلوريز 70
کيري جا فائده :
کيري جا گهڻائي فائده آهن پر خاص ڪري اونهاري جي گرمين ۾ گهڻو فائديمند رهي ٿو۔
تحقيق مان پتو پيو آهي ته کيري جا ڪترا ڪري اکين تي رکڻ سان اکين جي سوزش ۽ اکين جو ساڙو ختم ٿي وڃي ٿو۔
سيني جي جلن ۽ ساڙي ۾ گهڻو فائدو ڏئي ٿو
بُڪين، پِتي ۽ پيشاب جي بيمارين ۾ گهڻو فائدو ڏئي پيشاب کي جاري رکي ٿو۔
جيري جي بيمارين جهڙوڪ هيپاٽائٽس يا يرقان جي مريضن لاء گهڻو مفيد آهي۔
پوٽيشيم جي مقدار ڪري هاء ۽ لو بلڊ پرشر جي مريضن لاء ڪارائتو آهي۔
اريسپن جي موجودگي سبب هاضمي کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو۔
سليڪون، سلفر ۽ آئرن جي مقدار جي موجودگي سبب وارن جي واڌ ڪري ٿو ۽ وارن کي ڪرڻ کان روڪي ٿو۔
کيري ۽ گجر جي جوس کي ملائي پيئڻ سان ڏندن ۽ مسوڙن جي بيمارين ۾ فائدو ملي ٿو۔
روزانو کيري ۽ صوف جو جوس ملائي پيئڻ چمڙيء کي نرم ۽ ملائم رکي ٿو۔
وزن کي گهٽائڻ لاء گهڻو ڪارآمد آهي۔