• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

جن آزادي جو سفر ڪيو آهي
تن پنهنجو پاڻ کي سچ چيو آهي

ڪنهن کان پڇان ڪير ٻڌائي؟
مسلمان ڪڏهن غلام رهيو آهي

رسم و رواج آهي مذهب اسانجو
ائين اسان وڏڙن کي ڏٺو آهي

دين رهيو نه دينداري رهي آ
حلال حرام ڇا؟ پنهنجوآ جو ڦٻيو آهي

جوا هوٽل تاش تي سڀ گڏ ها
آئي اذان هرڪو پنهنجي مسجد ڀڳو آهي

لا الا چوين ۽ لا نه ڪرين جي
ڄڻ خيال ۾ زاهد جنت ڦِريو آهي

انا ، عُجب، رياڪاري، مان ڌوڪو
ڪهڙي مذهب کان مسلمان سکيو آهي

تنهنجي عدالت جي تاب نه سهي سگهنداسين
ڏاڏل نه سوا ڪوڙ ڪجه ڪمايو آهي
 
جواب: جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

ادا ڏاڏل تمام سٺو خيال باقي الله ائين سڀ کي ڪري ته تمام سٺو

جوا هوٽل تاش تي سڀ گڏ ها
آئي اذان هرڪو پنهنجي مسجد ڀڳو آهي
 
جواب: جن آزادي جو سفر ڪيو آهي

انا ، عُجب، رياڪاري، مان ڌوڪو
ڪهڙي مذهب کان مسلمان سکيو آهي

اسانجو به اهو ئي سوال آهي پر جواب ملڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ اوهانجي چوڻ جيئان اسين آهيون موروثي مسلمان، جڏهن پاڻ مسلمان ٿينداسون ته آزاد به ٿي وينداسون ۔۔۔ ڪيترائي ٻڌڻ آهڻ جن ۾ ڄمڻ کان ٻڌل رهي ٿو انسان ۔۔۔ جڏهن ٻڌڻ کلندا ته هٿ پير هلندا ۔۔۔ ممڪن دماغ به ڪم ڪرڻ شروع ڪري ۔۔۔

واه سائين سمجهو ڪي سمجهن ۔۔۔ سالڪن کي سلام
 
Back
Top