جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
درد جو قافلو پيو ٿو هلندو هلي
موت جو مرحلو پيو ٿو هلندو هلي
اڳ فلڪ ڏانهن کڻي پو ٿو پٽ تي هڻي
جوش جو ولولو پيو ٿو هلندو هلي
مجنو نه سهي ڪوئي ٻيو ئي سهي
عشق جو معاملو پيو ٿو هلندو هلي
خوش مان آهيان ڏکن ۽ سکن جو مونسان
اڃا تائين ڀرجهلو پيو ٿو هلندو هلي
هڪ ڇُٽي ٿو ته ٻيو ٿو وري منهن ڪڌي
زخم جو سلسلو پيو ٿو هلندو هلي
پير سوريان ٿو گر هو ٿو پوئتي هٽي
ڪوهه جو فاصلو پيو ٿو هلندو هلي
وٺي حيرت ٿي جيڪي رقيب ها منهنجا
تن جو ئي مشغلو پيو ٿو هلندو هلي
ظلم ايڏا سهي جو نواز آ رهيو
سو اُتم حوصلو پيو ٿو هلندو هلي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد