• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنهن قوم جا مهاري هجن غلام

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جنهن قوم جا مهاري هجن غلام​

جنهن قوم جا مهاري هجن غلام
سا قوم رهندي هميشه بدنام
لا الا چئي هڻي منهن منجه حرام
جاتي ڪوڙ لاءِ هجي ادب احترام
اتي سچ سدائين رهندو موردِ الزام
هي مسئلو سڌوآ ناهي ڪو ابهام
ناهي اندهيرن جي سفر جو اختتام
سچج ناهي اڀريو ڪيئن ٿيندي شام
ڪنڌ ڪپيو جي ڪوڙو آ ڪلام
هنن غيرت وڪڻي ورتو آ انعام
هڪ کان پوءِ ٻي طمع ناهي تمام
ڏاڏل خودي جو خدائي آهي دام
ڏاڏل خودي تي خدائي قربان
سو ئي مسلمان جو آهي انسان
 
Back
Top