• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هر فرد خدا جي بستي آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هر فرد خدا جي بستي آهي

هر ماڻهون ۾ راز الستي آهي
هر فرد خدا جي بستي آهي

دريا سمندر سَوَلا ماپڻ آهن
اونهي اڃا آدمي جي هستي آهي

سو ڪيئن سُڃاڻي پنهنجو پاڻ
جنهن جي نيت ۾ بد نِيتي آهي

فطرت کي ڦاڙي جو اڳتي هليو
هو دوزخي نه هو بهشتي آهي

هر روز آهي نئين نئين نواڻ
هر پل عطا نئين بُلندي آهي

راز هي رب جو، رب هن جو راز
ملندي نه اڻڄاڻ کي مستي آهي

ڏاڏل هر شي جو خالق آهي خدا
ڪهڙي مسلماني ڪهڙي ڪافري آهي
 
Back
Top