قاسم آباد جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قاسم آباد جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟

    تحرير: منصور لاکو (قاسم آباد)

    [​IMG]

    [JUSTIFY]هر دور ۾ قاسم آباد کي ڄاڻي واڻي رٿابنديءَ سان تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو ويو آهي. سنڌي ماڻهن جي آباديءَ تي ٻڌل قاسم آباد جو سنڌي عوام دهشتگرد ٽولي، ڪرپٽ ۽ بدعنوان ڪامورا شاهيءَ جي اک جو ڪنڊو رهيو آهي، ان ڪري دهشتگرد ٽولي ۽ ان جي ساٿاري قوتن هٿ وٺي مسئلن جي اوڙاهه ۾ اُڇلايو آهي. قاسم آباد مان هن وقت هڪ سينيٽر، ٻه ايم اين ايز، ٽي ايم پي ايز چونڊيل آهن، انهن کي ترقياتي ڪمن لاءِ ساليانو فنڊ به ملي ٿو، پر اهو فنڊ ڪٿي خرچ ڪيو وڃي ٿو، ان جي ڪا به خبر نٿي پوي. 1988ع کان ڪيترائي وڏيرا، ڀوتار، مذهبي اڳواڻ آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ بيٺا، ووٽ ورتا، ڪي کٽيو ته ڪي هارائي ويا، پر ڪنهن به قاسم آباد واسين جي ڪا به واهر نه ڪئي. بلڊر مافيا ۽ ڪامورن سان ڳٺ جوڙ ڪري قاسم آباد کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي آهي. قاسم آباد ۾ 72 ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽر ۽ وزيرن کان علاوه گادي نشين، سجاده نشين، وڏيرن جون رهائش گاهون آهن. هنڊا پئلس کان وٺي سڄي قاسم آباد جا سمورا روڊ اکڙي پيا آهن ۽ قاسم آباد جو ڪو به روڊ، رستو ۽ گهٽي تعمير ٿيل نظر نٿي اچي.

    علمدار چوڪ کان وٺي سڄي قاسم آباد جو ڊرينج ۽ سيوريج سسٽم مڪمل تباهه آهي. رڪارڊ ۾ ترقياتي ڪم ڏيکاريل آهن، پر سر زمين تي ڪجهه به نه آهي، اهڙي طرح فنڊ هضم ڪيا ويا آهن. پيئڻ جي پاڻيءَ جون لائينون ٽُٽِي چڪيون آهن ۽ اهي گٽر جي لائينن سان ملي ويون آهن، قاسم آباد جا شهري گٽرن جو بدبودار ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. قاسم آباد مان ڪچري کڻڻ ۽ روڊن جي صفائيءَ لاءِ الڳ الڳ گاڏيون آهن پر اهي گاڏيون نه ڪچرو کڻن ٿيون، نه وري صاف ڪن ٿيون، ان ڪري قاسم آباد ۾ هر هنڌ ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ گاڏين جو تيل استعمال ۾ ڏيکاري اها رقم هضم ڪئي پئي وڃي. ڪچري کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪٿي به ڊسٽ بن رکيل نه آهي. قاسم آباد جي رڪارڊ ۾ اسٽريٽ لائيٽون لڳل ڏيکاري اها رقم هضم ڪئي پئي وڃي ۽ قاسم آباد اوندهه ۾ ٻڏل آهي.

    قاسم آباد ۾ تعلقه اسپتال ته آهي، پر ان ۾ ڊاڪٽرن، نرسن، دوائن، صفائيءَ جي عملي جي کوٽ آهي. اسپتال ۾ ڊائگنوسٽڪ ليبارٽري، هيپاٽائيٽس جون ٽيسٽون ڪرڻ جون سهولتون موجود ڪو نه آهن، اسپتال ۾ دل، دماغ، گردن، ڦڦڙن ۽ هڏن جو وارڊ به ڪو نه آهي. اسپتال ۾ ڊرينج ۽ صاف پاڻيءَ جي سهولت به ميسر نه آهي، ايمبولينس جي به سهولت نه آهي، اسپتال ۾ بسترن جي واڌ وارو ڪم ڪيتري عرصي کان بند پيل آهي. قاسم آباد ۾ هلال احمر اسپتال آهي، جيڪا صرف رڪارڊ جي پورائي لاءِ قائم آهي، ان ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کانسواءِ ايڪسري مشين، ليبارٽري، الٽرا سائونڊ جي به سهولت موجود نه آهي. قاسم آباد ۾ 39 بوائز پرائمري ۽ 22 گرلز پرائمري، 5 بوائز هاءِ اسڪول، 3 گرلز هاءِ اسڪول آهن. انهن مان ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ڪوڙي داخلا ڏيکاريل آهي. ڪجهه اسڪول رڪارڊ ۾ کليل پر عملي طور بند پيل آهن. جن اسڪولن ۾ شاگرد آهن، انهن ۾ هٿرادو نموني استادن جي کوٽ پيدا ڪيل آهي. قاسم آباد جي ڳوٺن ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول ڪونه آهن، اسڪولن ۾ فرنيچر، ليبارٽري، لائبريريون ڪو نه آهن، اسڪولن ۾ صفائيءَ جو عملو ڪو نه آهي. اسڪولن ۾ بجلي، باٿ روم، پاڻي جو ڪو به بندوبست ٿيل نه آهي. اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول گدو حسين آباد، جيڪو هڪ سٺو اسڪول هلندڙ هو، ان کي پرائيويٽ اسڪول هلائيندڙ استادن جي خواهش تي منجهند واري شفٽ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. قاسم آباد ۾ گرين بيلٽ مڪمل تباهه آهن، انهن ۾ گندو پاڻي ۽ ڪچري جا ڍير ٿيل آهن۔

    سڄي قاسم آباد ۾ جتي به پارڪ قائم ڪيل آهن، اهي به مڪمل تباهه ٿيل آهن. قاسم آباد ۾ ٽريفڪ جو تمام وڏو مسئلو آهي، ٽريفڪ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به چوراهي تي ٽريفڪ سنگل جو بندوبست ڪو نه ڪيل آهي، ان ڪري قاسم آباد جي روڊن تي هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي. ضلعي حڪومت، ٽي ايم اي قاسم آباد انتظاميه ۽ قاسم آباد جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي، لاتعلقيءَ سبب هوش محمد شيدي فلاءِ اوور جي ڪري قاسم آباد ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جو رستو بند ٿي ويو آهي. قاسم آباد جي نوجوانن لاءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ به ٺهي نه سگهيو آهي، نه وري قاسم آباد جي شهرين جي سهولت لاءِ ڪو ڪميونٽي هال آهي. قاسم آباد ۾ شهرين جي سهولت لاءِ مڇي، گوشت، سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ به نه آهي. ضلعي حڪومت حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ ته لائبريريون قائم ڪيون آهن، پر قاسم آباد جي شهرين لاءِ لائبريري ٺاهڻ لاءِ سوچيو ئي ڪو نه آهي. قاسم آباد ۾ منشيات ۽ جوا بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ رنڊڪ جي جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش آهي ته، قاسم آباد جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي.

    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي هائيڊ پارڪ تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو