ٿڌڙي هير جهڙي ماءُ جي محبت

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿڌڙي هير جهڙي ماءُ جي محبت

    تحرير : سارنگ منير سومرو

    [JUSTIFY]ڪائنات جا ڪروڙين رنگ آهن پر انهن ڪروڙين رنگن جو هڪ ئي اهو روپ آهي جنهن کي ”ماءُ“ چيو وڃي ٿو. ماءُ لفظ ته ٽن لفظن کي ملائي ٺهي ٿو پر اهو هڪ اهو نالو آهي جيڪو ڪروڙين لفظن کي ملائي ٿو، ڪروڙين محبتون گڏ ڪري ٿو، اربين احساس ڏئي ٿو ته جتي به ماءُ آهي اتي ٻيو ڪو به ڇپر ڇانو ڪرڻ جي حيثيت نه ٿو رکي. ماءُ هڪ اها ڇپر آهي جنهن هيٺان دنيا جا سمورا درد دور ٿي وڃن ٿا هر مصيبت موٽي وڃي ٿي، هر پريشاني پويان پير ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪروڙين ڏک پلن ٿا پر دنيا ۾ لکين مصيبتن جا دروازا کليل آهن دنيا ۾ هزارين پريشانيون آهن پر انهن سڀني مصيبتن ۽ پريشانين جو حل هڪ ماءُ جي دعا آهي. جيڪا فرش کان عرش تي پهچائي سگهي ٿي. اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمايو آهي ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. ماءُ هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو سڌو جنت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. دنيا جي عظيم ڏاهي شيڪسپيئر چيو آهي ته جيڪڏهن هر هڪ زندگي پويان ماءُ جون دعائون ڪڍو ته اها زندگي ئي نه رهندي ڇو جو هر زندگي ماءُ جي دعائن سان هلندي آهي.

    گذريل سال مائرن جي عالمي ڏينهن تي چوڌري افتخار، اعتزاز احسن، آصف علي زرداري ۽ ٻين چيو هو ته اسان جيڪو به ڪجهه آهيون ماءُ جي دعائن سان آهيون. واقعي ماءُ جي دعا اها آهي جيڪا دنيا ۾ ڪڏهن به ڪوسو واءُ نه ٿي ڏيکاري. دنيا جو هر ماڻهو اهو چوندو آهي ته هو جيڪو ڪجهه آهي ماءُ جي محبت ۽ ماءُ جي دعائن سبب آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ماءُ هڪ اهڙو رشتو آهي جنهن جو ڪو به مٽ نه آهي. ماءُ جي چهري ڏانهن ڏسنداسين ته اسان کي جنت جي جهلڪ نظر ايندي بهار جهڙي هوا لڳندي هڪ اهڙو احساس اندر مان اڀرندو جنهن مان پل پل اهو آواز ايندو ته سامهون ماءُ آهي ته دنيا آهي جيڪڏهن ماءُ نه آهي ته دنيا نه آهي پر انهي جنت جي روپ جو جڏهن اسان اندر ڏسنداسين ته اسان کي دنيا جا هي سڀ ڏک اتي ئي ملندا. هو جڏهن ماءُ بڻجي ٿي ته هن جي تڪليفن جي زندگي شروع ٿئي ٿي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار هجي يا ٻاهر پر ماءُ اها تڪليف ڏسندي آهي جيڪا مرد هڪ ڏينهن به ڏسي نه ٿو سگهي. ماءُ جا 9 مهينا تڪليفون هڪ صدي کان به مٿي آهن پر اها تڪليفن جي انهي سفر کي جڏهن 9 مهينن کان پوءِ پنهنجي اولاد کي جنم ڏئي ٿي ته هن جي 9 مهينن جا درد هڪ پل مٽجي وڃن ٿا ۽ هو پاڻ کي دنيا جي خوشقسمت عورت سمجهي ٿي. اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمايو آهي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي امڙ جي پوري زندگي خدمت ڪيو ته به ماءُ جي پيٽ دوران تڪليف جي هڪ ڪلاڪ جي به مٽ نه ٿا ٿي سگهو. اسان جي ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ حسين ۽ ٻنهي جهانن جي سردار محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم ماءُ جي رشتي لاءِ اهڙا فرمان ڪائنات لاءِ موڪليا آهن جن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ماءُ جي رشتي جهڙو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي. دنيا تباهين ۾ سڙندڙ ماڻهو انهن لاءِ ڪو به کڻي ڪيترو احساس ڪري پر هڪ ماءُ جو احساس دنيا جي تباهين کي تباهين کان روڪي سگهي ٿو ڇو جو ڪائنات جو هلندڙ سلسلو هڪ ته خدا تعالى جي حڪمراني مان هلي ٿو ٻيو ته مائرن جي دعائن سان هلي ٿو.

    ڪالهه هڪ دوست فوجي ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ پهريون ئي بارڊر ڏانهن وڃي رهيو هو، هو ڳوٺ کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪتو هو پر هو جڏهن بارڊر ڏانهن وڃي رهيو هو ته پراميد ۽ مرڪندي وڃي پيو مون کيس چيو ته ڏاڍو ڏکيو سفر اٿي خيال رکجاءِ هن چيو ته ڏکيو سفر آسان ٿي پيو آهي ڇو جو امڙ جي دعا گڏ کنيو پيو وڃان. اهڙن ڏکين سفرن تي مون کين ماڻهو ڏٺا آهن ۽ هو کلندي گهرن ڏانهن موٽي ايندا آهن. انهن جي خير ۽ کل سان واپسي جو هڪ ئي سبب آهي ته هو پنهنجي مائرن جا پير چمي نڪرندا آهن. جڏهن ته مائرن جي ڳالهه نڪرندي آهي ته مون کي سرمد سنڌي ياد ضرور ايندو آهي ڇو جو هو قدم قدم تي چوندو هو ته ماءُ جي پيرن ۾ ماکيءَ جهڙو مزو آهي مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي جڏهن آءُ پنهنجي ڏاڏي امان جي بيمار هجڻ سبب ڳوٺ کان ٻاهر ويل هيس ته مون کي اوچتو اهو احساس ٿيو ته اڄ مزو نه پيو اچي شايد مان پنهنجي ڏاڏي امان جا پير گهڻن ڏينهن کان نه چميا آهن ۽ مان انهي ڏينهن هڪ دم واپس اچي ڳوٺ پهچي مون جڏهن ڏاڏي امان جي پيرن ڏانهن ويهي هن کي زور ڏنا پئي ۽ هن کي چميون به ڏنيون پئي ته منهنجون سڀ پريشانيون ۽ بيچيني وارا لمحا ڄڻ مون کان ڀڄندا پئي ويا منهنجي اڄ ڏاڏي هن دنيا ۾ نه آهي پر مون کي امڙ آهي مان هميشه دعا اها گهرندو آهيان ته الله تعالى منهنجي حياتي منهنجي امان کي ڏئي ڇو جو امڙ جي دعائن کان بغير مان هڪ پل به رهي نه ٿو سگهان. اڄ ڏينهن تائين مون کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳو آهي. اڄ ڏينهن تائين مون مٿان ڪنهن بيماريءَ حملو نه ڪيو آهي. ڪڏهن به مان پئسي لاءِ پريشان نه ٿيو آهيان جيڪو روزگار آهي انهي مان زندگي جون سڀ سهولتون آساني سان اچي وڃن پيون پر مان سوچيندو آهيان ته انهن زندگي جي لکين سکن پويان رڳو هڪ امڙ جي دعا آهي جنهن مون کي هميشه لاءِ ڏکي ڏينهن کان محفوظ رکيو آهي. دنيا جي هن گولي مٿان ڪروڙين اهڙا وجود آهن لکين اهڙا مائرن جا ڄڻيل پٽڙا آهن جيڪي سک واري زندگي گذارين ٿا پر انهن پويان هڪ ماءُ جو هٿ آهي مان هميشه سوچيندو آهيان ته زندگي جي هر موڙ تي سکن لاءِ جدوجهد ۽ دعائون ڪندڙ انهن امڙن جو ڇا ڪنهن اندر ڏٺو آهي جنهن جي دلين ۽ اندر ۾ هزارين ڏک هڪ دم ساهه کڻن ٿا. ڪا ماءُ اولاد جي پري رهڻ سبب پريشان آهي ته ڪا ماءُ نياڻي جي رشتي نه ملڻ سبب اندر ئي اندر ۾ پوري ٿي وئي آهي ڪنهن ماءُ کان ڌيءَ کسي وئي آهي ته ڪنهن کان اولاد پري ڪئي وئي آهي ڪا ماءُ پٽ جي بيروزگاري سبب بيمارين ۾ مبتلا آهي ته ڪا اولاد جي اسڪول نه وڃڻ سبب ڪنهن جو پٽ نشو ٿو واپرائي ته ڪنهن جو وري ڏوهن کي آباد ٿو ڪري اهي سڀ درد هڪ ماءُ جي اندر ۾ آهن پر پوءِ به انهيءَ اندر مان اها دعا نڪري ٿي پئي ته منهنجي اولاد جتي به هجي هن کي ڪوسو واءُ ڪڏهن به نه لڳي. اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن آهي ڇا اڄ اهو واعدو نه ٿا ڪري سگهون ته امڙين جي اندر ۾ پيل دردن جي پيهه کي گهٽائڻ لاءِ اهڙو ڪو سفر شروع ڪيون جو خوشيون ڏيندڙ ماءُ به خوشيون ماڻي سگهي.[/JUSTIFY]

    روزاني عوامي آواز تان ورتل

    [​IMG]
     
  2. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: ٿڌڙي هير جهڙي ماءُ جي محبت

    تمام اعلي
    سچ ته اهو آهي ته اسان ماءُ جا احسان ڪڏهن به لااهي ته ڪون ٿا سگھون پر ايترو ته ڪري سگھون ٿا ڪوشش ڪري ان عظيم هستيءَ جي دل نه رنجايون
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٿڌڙي هير جهڙي ماءُ جي محبت

    ادا غلام شبير ڪيريو صاحب مهربانيون

    ماء جا اڻ ڳڻيا اهسان آهن، ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن ۔۔ لاهڻ ته پري جي ڳالهه آهي۔

    ان عظيم هستيء کي ڪروڙين سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو