ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان
عورت جي توڙي مرد جي زندگي جا ٽي دور آهن مرد جا دور آهن پٽ، مڙس ۽ پي ۽ عورت جا ٽي دور آهن ڌيء ، زال ۽ ماءُ.هر دور جي پنهنجي اهميت آهي انسان جو انهن ٽنهي دورن جو پنهنجوعليحده امتحان آهي . گهڻي ڀاڱي چيو ويندو آهي ته ڀلو پٽ ڀلو مڙس ۽ ڀلو پيء هوندو آهي ان ريت ڀلي ڌيء ڀلي زال ۽ ڀلي ماءُ هوندي آهي . هر رشتي جي ڪائنات ۾ پنهنجي پنهنجي حيثيت هوندي آهي . هي ماءُ جنهن جي فطرت ۾ گهڻي ڀاڱي قرباني هوندي آهي اها هر قسم جي قرباني ڏيندي آهي . اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جي پيء مري وڃي ته زال اولاد جي ڪري گهڻي ڀاڱي شادي ان لاءِ نه ڪندي آهي جو هن کي پنهنجي اولاد جي مستقبل جا تحفظات هوندا آهن . اوهان اندازو نه ٿا هڻي سگهو ته سڄي عمر بکيو رهڻ مذاق ناهي .
جڏهن عورت جو ڪردار ڌيء جو هوندو آهي ته اها پيء جي لاءِ رحمت هوندي آهي ۽ جڏهن زال جي ڪردار ۾ هوندي آهي ته تڏهن مڙس جو اڌ ايمان هوندي آهي ۽ جڏهن ماء جي روپ ۾ هوندي آهي ته ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي .
نبي سائين جي حديث مبارڪ آحي ته جنت مشڪلاتن ۾ گهريل آهي . جي جنت مشڪلات ۾ گهريل آهي ته ان ماء ڪيتري قرباني ڏني هوندي جنهن جي پنهنجي پيرن هيٺان جنت اچي ويندي آهي. ڪنهن شخص وٽ جڏهن دولت آئي ته ان چيو ته آء دنيا جا سڀ احسان جيڪي جن جن مونتي ڪيا آهن انهن کي لاهڻ ٿو چاهيان . هي جڏهن سڀني جا احسان لاهي آخر ۾ ماءُ وٽ پهتو ته ماء هن کي چيو ته ٺيڪ آهي پر تون هڪڙو ڪم ڪر جيئن بچپن ۾ تون منهنجي پاسي ۾ سمهندو هئين ائين هڪڙي رات قميض لاهي تون منهنجي پاسي ۾ هڪڙي رات سمھ . هن همراه چيو ٺيڪ آهي . رات جو سمهڻ وقت هن جي ماء پنهنجو بسترو پاڻي سان آلو ڪري ڇڏيو جڏهن هي همراه اچي ستو ته هن کي جسم ۾ عجيب ڪيفيت ٿي ته هن ماء کي چيو امان هي ڇاهي مان هن ڀڳل بستري تي ڪيئن سمهان ته ماء چيس اهو وقت ياد ڪر جڏهن ته سرد راتين ۾ پيشاب ڪندو هئين ۽ آءُ تو کي خشڪ جاء تي سمهاريندي هيس ۽ سڄي رات سردي جي حالت ۾ تنهجي پيشاب جي آلي جاءِ تي ستي رهندي هيس. هاڻي تون ٻڌاء تو وٽ منهنجي احسان جي ڪيتري قيمت آهي . ڇا تون مونکي ان تڪيلف جي ڪا قيمت ڏئي سگهندين جا ان وقت مونکي ٿيندي هئي جڏهن تو منهجي پيٽ م پاسو بدليندو هئين يا منهنجي پيٽ ۾ پنهنجي لتن جو ڇڙهيون هڻندو هئين.ڇا تو وٽ منهنجي انهن قربانين جي قيمت آهي ؟؟ جيڪي ڪريون مون تو خاطر ڪيون ته جيئن هي شي مونکي ناهي کائڻي جو هن سان توکي پيٽ ۾ سور ٿيندو هن شي کائڻ سان تنهنجو پيٽ خراب ٿيندو وغيره . ته ان همراه ماءُ جي قدمن ۾ ويهي ڪري چيو ته نه جيجل منهنجي اها حيثيت ڪانهي جو مان تنهنجي ڪنهن هڪ قرباني جي قيمت ادا ڪري سگهان۔
حضرت موسى عليه السلام پروردگار کان سوال ڪيو ته پروردگار ڇا ڪو اهڙو ماڻهون به آهي جنهن جو جنت ۾ هن وقت منهنجي برابر مقام هجي . وحي نازل ٿي ها بلڪل آهي ۽ اهو ڪاسائي آهي حضرت موسى عه ان شخص وٽ مهمان ٿيڻ چاهيو . جڏهن حضرت موسى عه ان ڪاسائي جي دڪان تي پهتو ۽ جڏهن پاڻ عه ان وٽ مهمان ٿيا ته هن سڄي ڏينهن ۾ هن جو ڪو اهڙو خاص عمل نه ڏٺو جنهن عمل جي بنياد تي هن شخص جو مقام جنت ۾ هڪ پيغمبر جي برابر هجي . پاڻ عه ان شخص وٽ رات رهڻ جي اجازت گهريائون ۽ هن ڪاسائي وٽ مهمان ٿيا. جڏهن رات جو هي همراه حضرت موسى عه سان گڏ گهر پهتو ته هن شخص جي گهر ۾ هڪ ڏول ٽنگيل هو هن همراه هن ڏول کي جڏهن هيٺ لاٿو ته ان ۾ هڪ ضعيف خاتون هئي جا اکين کان نابين هئي هٿن پيرن کان معذور انتهائي ضعيف هئي هن ان عورت کي لاٿو هن کي هٿ منهن ڌورايو ۔ جڏهن ماني جو وقت آيو ته حضرت موسِى کي ان شخص چيو توهان ماني کائو آء امڙ کي ماني کارائي پوءِ ماني کائيندس. حضرت موسى ان شخص کي چيو نه ماني تون ۽ آء گڏجي کائينداسين پهريان تون امڙ کي ماني کاراءِ جڏهن هن ماءُ کي ماني ٿي کارائي ته حضرت موسى عه کي ٻڌايائين ته منهنجي گهر ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي ان لاءِ صبح جو آءُ ڪم تي وڃڻ کان پهريان امڙ کي وهنجاري ماني کارائي ڏول ۾ مٿي ان لاءِ ٽنگي ويندو آهيان جو هتي ڪئي جانور آهن ته جيئن اهي هن کي ڪو نقصان نه پهچائين . ۽ شام جو موٽي وري اچي سندن خدمت ڪندو آهيان. جڏهن ڪاسائي ماءُ کي ماني کارائي بس ڪئي ته هن ڪجھ پٽ کي چيو حضرت موسى عه چيو امڙ ڇا ٿي چوي ته ڪاسائي ٻڌقيو ته امان دعا ٿي ڏئي خدا قيمت ۾ تنهنجو حشر موسى سان ڪري .حضرت موسى عه چيو بيشڪ آءُ موسى پيغمبر آهيان تنهنجي ماءُ جي دعا قبول ٿي چڪي آهي پروردگار مونکي اها بشارت چني آهي ته تنهنجو حشر مون سان گڏ ٿيندو .
هڪ سالڪ ٻڌايو ته هڪ پير وٽ جڏهن به ڪو شخص دعا لاءِ ايندو هو ته هو چوندو هو بابا ماءُ پي زنده اٿئي ۔ جي چوندو هو ته جي زنده آهن ته پير سائين چوندا هيا سڀ کان وڏا پير و مرشد والدين آهن جي ماءُ جي هجئي ته اڃان به وڌيڪ ڇو جو جيڪا دعا دل مان نڪرندي آهي اها ئي الله وٽ قبول ٿيندي آهي ۽ اولاد جي حق ۾ ماءُ پي کان وڌيڪ ڪو دل سان دعا نه ٿو ڪري سگهي . مون مقتل جي روايت ۾ ڪاٿي پڙهيوهو ته امام حسين عه جڏهن پنهنجي جوان پٽ علي اڪبر عه کي ميدان ۾ موڪليو ته سندن والده دروازي تي بيٺي ڏسي پئي حضرت علي اڪبر ٻه ڀيرا واپس آيو ته بيبي الله جي بارگاه ۾ دعا ڪئي پروردگار منهنجي قرباني قبول ڪر . امام حسين عه گهرواري کي چيو توهان مسلئي عبادت تي وڃي دعا ڪريو جو اولاد جي حق ۾ سڀ کان وڌيڪ دعا ماءُ جي قبول ٿيندي آهي .
ان ماء جو ڪو متبادل ڪونهي جنهن اولاد جي ٿاٻي تي پنهنجو پاڻ ڦٽو ڪيو ان ماءُ جو متبادل ڪونهي جنهن جي محبت جو مظهر خدا جي محبت جو مظهر هجي ، ڇو جو اسان اڪثر اهو ٻڌو آهي ته الله ماء کان ستر ڀيرا وڌيڪ پيار ڪرڻ وارو آهي خدا ڪنهن ٻئي جي محبت سان تشبِيهه ناهي ڏني ان لاءِ ماء ئي خدا جي محبت جو مظهر آهي . حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ” ان ماء اڳيان ڪڏهن زبان نه هلائينداڪريو جنهن ماءُ اوهان کي ڳالهائڻ سيکاريو آهي“ . ماءُ جي محبت فطرتي محبت آهي جنهن جي ضرورت ۽ حقيقت کي هر مذهب مڃيو آهي .
ماءُ ته ماءُ هوندي آهي اها جانور جي ماءُ هجي يا انسان جي ماءُ هجي . اولاد جي لاءِ هيڻي ماءُ ڏاڍي کي چنبو وهائي ڪڍندي آهي . توها اڪثر ڏٺو هوندو ته ڪڪڙ ٻلي کان فطرت جي حوالي سان ڊڄندي آهي پر جڏهن ٻلو هن جي ٻچي ڏي ڏسندو آهي ته ان کي رانڀوٽو هڻي وٺندي آهي . الله جي بندگي جي وجه جنت دنيا ۾ جنهنج ڪنهن به مذهب ۾ بندگي جو جيڪو خيال آهي اهو خدا جي رضا سان جڙيل آهي ۽ الله جي رضا جو مقصد جنت . خدا ان جنت کي ماءِ جي قدمن ۾ رکي ڇڏيو آهي .
بس هن مشهور واقعي تي اجازت گهرندس ته حضرت موسى عه جي والده جو جڏهن انتقال ٿي ويو ته پروردگار حضرت موسى عه کي چيو موسى هاڻ پنهنجا قدم سنڀالي هلجان ڇو جو اڄ ان جون دعائون تو سان گڏ ناهن جيڪا چوندي هئي پروردگار منهنجي موسى جي پارت اٿئي .
اڄوڪي ظلم جي هن دور ۾ جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ماڻهون ان ماء کي ستائين ٿا انهن مائرن تي هٿ کڻن ٿا . ته هي جانور کان به بدتر نظر اچن ٿا . خدا سڀني جي مائرن کي قيامت تائين زنده رکي.
ڪنهن چيو هو ته بهرين مائرون بهترين قومن کي جنم ڏينديون آهن ۔۔۔ آمين.