
پهرين آڪٽوبر 2010 تي جڏنهن ايبٽ آباد ۾ هڪ ڪانفرنس اٽينڊ ڪري موٽي رهيو هوس ته ڪراڪرم ايڪسپريس مان ڊرگ روڊ اسٽيشن تي لٿس ۽ ڏٺم ته راشد منهاس روڊ تي رائيٽ ٽرن فلائي اوور وٽ ڪافي پوليس بيٺل هئي ۽ ٽريفڪ کي ليفٽ ڏانهن ٽرن پئي ڪيائين جتان ڪارساز کان اڳيان هڪ يو ٽرن وٺي واپس اچڻو ٿي پيو ڇو ته شاهراه فيصل تي يو ٽرن گهٽ آهن۔ سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته فلائي اوور ۾ سوراخ ٿي ويو آهي۔ ۽ اڄ وري هي خبر ڇپي آهي ته ساڳي صورتحال وري به آهي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔شير شاه پل ڪرڻ ۽ انساني جانين جي زيان کان پوءِ ڪراچي جي فلائي اوورس هيٺ بيهندي ساهه ته سڪندو ئي آهي پر ڪجه وقت پهرين هانگ ڪانگ جي ميئر جي انٽرويو ۾ هن اهو اظهار ڪيو ته هي فلائي اوور اوهان کي وقتي سهولت ته ڏين ٿا پر اهي اوهان لاءِ آزار بنجي ويندا ڇو ته ٽريفڪ جي وهڪ ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ اهي فلائي اوور ان کي گذارڻ لاءِ سوڙها ٿي پوندا۔ ۽ اوهان پاڻ اهي ڊاهيندا ۽ انهي جو ملبو اڇلائڻ لاءِ پريشان ٿي ويندا۔
هن اهو تجويز ڪيو ته فلائي اوورس کان بهتر آهي ته روڊ وڏا ويڪرا ٺاهيو پر هن کي اهو ڪير ٻڌائي ته هتي قبضا مافيا قبرستان ڪونه ٿي ڇڏي سو روڊن لاءِ زمين بچندي؟
بس الله رحم ڪري۔