[JUSTIFY]مونکي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن ڪڻڪن جا لابارا ڪندا هئاسون ۽ ڪڻڪ جي فصل کي لاباري کانپوء ڪجهه ڏينهن لاء سڪڻ لاء ڇڏيندا هئاسون ته سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ واچوڙا ۽ تيز هوائون لڳنديون هيو۔ پوء واچوڙا ڪڻڪ جي ول جو جيڪو حشر ڪندا هئا اهو مونکان اڃان به نه ٿو وسري۔ ڪڻڪ جي تيلن کي گولائيء ۾ گهمائيندا گهڻو مٿي ۽ گهڻو پري تائين کڻي ويندا هئا۔ تازو ڪجهه ڏينهن کان امريڪي رياستون به وڏن خطرناڪ واچوڙن Tornado جي گهيرن ۾ آهن۔ هنن طاقتور ۽ زوردار واچوڙن سبب هن وقت تائين تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي۔ ان باري ۾ اڄوڪي عوامي آواز جي ڇپيل خبر به اوهان سان ونڊ ڪجي ٿي۔ آمريڪي عملدارن موجب گذريل هفتي ملڪ جي ڏاکڻن حصن ۾ آيل واچوڙن جي طوفان سبب 344 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته متاثر پنهنجون وڃايل شيون حاصل ڪرڻ لاءِ فيس بڪ جو سهارو وٺي رهيا آهن. ان طوفان ۾ سوين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. آمريڪي اداري نيشنل اوشيانڪ اينڊ ايٽمو سقرط ايڊمنسٽريشن (اين او اَي اَي) موجب انهن ٽورنيٽوز جي زد ۾ سوين ماڻهن جي ذاتي استعمال جون شيون ۽ دستاويز به آيا آهن جن کي اهي طوفاني واچوڙا ميلن تائين پري کڻي ويا آهن. آمريڪا ۾ ڪيترائي خاندان اهڙا به آهن جيڪي انتهائي اهميت واريون شيون ڳولڻ لاءِ فيس بڪ جهڙي فيس بڪ تي هڪ خاص پيج به جوڙيو ويو آهي. ان صفحي تي مختلف ماڻهو پنهنجي وڃايل ۽ ملندڙ شين جون تصويرون ۽ ٻي معلومات ڏئي رهيا آهن ته جيئن اهي شيون سندن اصل مالڪن تائين پهچي وڃن. 27 اپريل تي ٺاهيل ان پيج تي هيستائين 69 هزار ماڻهو وزٽ ڪري چڪا آهن جڏهن ته ان صفحي تي هيستائين هڪ هزار تصويرون پوسٽ ڪيون ويون آهن. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب ان صفحي وسيلي هڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڏاڏي جي هڪ انتهائي اهم تصوير ملي وئي جنهن کي هوا مسي سپي رياست کان تينيسي رياست تائين اٽڪل 180 ڪلوميٽر پري اڏائي وئي هئي. آمريڪي عملدارن موجب انهن شديد طوفاني واچوڙن سبب اڪثر موت اربع تي ٿيا ان ڏهاڙي 334 ڄڻا فوت ٿيا ۽ اهو انگ 1925ع ۾ آمريڪا ۾ آيل شديد طوفاني واچوڙن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. ان آمريڪي کاتي موجب اربع ۽ خميس وچ ۾ 211 واچوڙا رڪارڊ ڪيا ويا. آمريڪي صدر بارڪ اوبامه جمعي تي الاباما جو دورو ڪيو هو ۽ چيو هو ته مون اڳ ۾ اهڙي تباهي ڪڏهن به نه ڏٺي. ان واچوڙن ۽ آيل تباهيء جا ڪجهه منظر هنن وڊيوز ۾ ڏسو:[/JUSTIFY]