مُندون ۽ پَسَڻَ عبدالقادر جوڻيجو [JUSTIFY]پاڻ اقتداري سياست جا سوڻِي ناهيون جو اهي پسڻ پوندا رهن ته اندر ٻاهر ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ يا فلاڻو ڍينگڙو ڪهڙي هاهِه ۾ مُٺو هوندو. ايتري نُوس نوس پاڻ ڪريون ئي ڪو نه. پاڻ لاءِ سياست آئي ويئي ڳالهه آهي. ڪڏهن ڪا سياسي ڳالهه ڪبي ته ڪڏهن ڪانٽا مَٽَ ڪري ٻئي پاسي هليو وڃبو. باقي اها ڳالهه آهي ته جتي ڪٿي وڃيو ٿا ڊاٻو ڪريون ته بک، بيروزگاري ۽ بيوسيءَ جي واڄٽن سان گڏ اهو سوال به ڪَرُ کڻيو بيٺو هوندو آهي ته هيل سال درياهه شاهه بادشاهه الائي ڇا ڪندو. هت اهو سوال ڀڃڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ته اِهو مامرو آخر آهي ڇا؟ سئو ڏيڍ سال کن اڳ سنڌ ۾ ايڏا ته وڏا واچوڙا اُٿندا هئا جو جتان لنگهندا هئا، اتان ڀينگ ڪندا ويندا هئا، ڏکڻ اولهه کان اهڙو ڪو واچوڙو اُٿندو هو ته اُٺين جي وڳ کي سئو ڪوهِيءَ تان پسڻ پئجي ويندا هئا. اِهي وڳ ماڻهن کي ٿُونا هڻي واچوڙي واريءَ واٽ تان مَٽائي ڇڏيندا هئا ته متان ڪو نقصان ٿي پوي. هاڻي نه اُهي واچوڙا رهيا آهن، پر اُٺين کان به پَسڻ ڦرجي چڪا آهن. هاڻي وڏو واچوڙو رڳو هالي ووڊ جي مشهور فلم ”Twister“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پر تازي تازي اها به خبر آهي ته ڪو مهينو کن اڳ ۾ سيالڪوٽ ضلعي جي هڪڙي وڏي واچوڙي اوچتو ئي اوچتو اهڙو ڦيرو ڏنو جو سڄو ڳوٺ چٽڻي ٿي ويو. مطلب ته مُندن تي ڪو ڀروسو نه رهيو آهي. ستر اسي سال کن اڳ ۾ ڳئن جي ڪنهن ڌڻ وٽان رات جو ڪو ماڻهو لنگهندو هو ته ڍڳين کي اِهي پَسڻ پئجي ويندا هئا ته جيڪو همراهه لنگهيو آهي، اُهو تو مون وانگر اشراف ماڻهو آهي يا وري ڪو نيت ۾ رولو اٿس. جي همراهه هوندو اشراف ته ڍڳيون ماٺ ڪيو ويٺيون هونديون هيون. پر جي ڪو همراهه کوٽي نيت سان لنگهندو هو ته ڍڳين جو ڌڻ کيس سڱن تي اچي کڻندو هو، پوءِ مري يا بچي، اُها سندس قسمت. ڪو ته سبب هوندو ته آخر ائين ڇو ٿيو آهي. اها به هڪ مام آهي. پنجاهي سال کن اڳ مينهن پوڻ کان اڳ پهرئين چنڊ جي چوڌاري پڙ ٺهندو هو، پوءِ ڪڪرن جي پِڇ ڦاٽي پوڻ جي ڪري اُڀ ۾ تتر کرڙي ٺهندي هئي. اصل ۾ نر تتر جڏهن مستيءَ ۾ اچي پيرن سان کوٽ کوٽان ڪري ڊزائين ٺاهيندو هو، انهيءَ کي چوندا آهن ”تتر کرڙي“، سو اهڙي ساڳئي ڊزائين جڏهن ڪڪرن جي پڇ ۾ ٺهندي هئي، انهيءَ ڪري چوندا هئا ته تتر کرڙي ٿي آهي. تتر کرڙيءَ کان پوءِ وارو ايندو هو ماڪوڙن ۽ ماڪوڙين جو. اِهي ڇا ڪندا هئا جو اناج جا سنها سنها داڻا وات ۾ وجهي ڪنهن مٿانهين هنڌ ڏانهن رڙهڻ لڳندا هئا. لُنڊي بلا جوڳين کان جهلي ڪو نه ٿئي، انهيءَ ڪري جوڳي چوندا اٿس ”بي گُرِي“. اها بلا عام حالتن ۾ وٽ تي چڙهي نه سگهندي آهي، پر جڏهن مينهن اچڻ جا پسڻ پوندا اٿس ته ڊپ جي دٻ ۾ وڻ تي چڙهي ويندي آهي، ائين جيئن ڪو چور چڪار ڊپ وچان وڏو لوڙهو ٽپي ويندو آهي. لنڊي بلا وڻ تي چڙهي ته معنى ته مينهن اچڻ جي پڪ ٿي ويندي هئي، باقي اها خبر ڪا نه پوندي هئي ته ڪڏهن مينهن اچڻو آهي. تنهن کان پوءِ ڳيرا ۽ ڳيريون ڌڌڙ ۾ کنڀ هڻي سن باٿ وٺنديون هيون. معنى ته مينهن اڄ نه، ته سڀاڻي اچيو ٿو ڪڙڪي، پر جڏهن ڪا ڍڳي ڪنڌ مٿي کڻي نُوس نوس ڪندي هئي ته پوءِ رڳو گهرن ڏانهن ڊوڙ شروع ٿيندي هئي ته جيئن ڪپڙا پُسڻ کان بچي وڃن. پر هاڻي ڪنهن به جيت جڻي، پکي پکڻ، جانور جڙي ۽ ماڻهو ڇيڻي کي پَسَڻ نٿا پون ۽ نه ئي ڪا مينهن پوڻ جي اڳواٽ ڪا خبر ٿي پوي. انهيءَ ۾ به وڏي مام رکيل آهي. پنجاهي سال کن ٻن قسمن جا مينهن پوندا هئا. هڪڙو مينهن اتر اوڀر جي ڪنڊ کان ڌوڙيا ڪندو ايندو هو، کنوڻين جا کيل لڳي ويندا هئا. انهيءَ مينهن کي ڪٿي چوندا هئا ”ٻڪراڙ کنوڻ وارو مينهن“ ڪي وري چوندا هئا ”ٻڪر ڪنڊ“ اِهو وڏ ڦڙو مينهن ڪلاڪ ٻن ۾ ڍنڍون ڍورا تار ڪري هليو ويندو هو. ٻئي ٿيندي هئي ”رُهِي“. مطلب ته سڄو اُڀ ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هوندو هو. رُهِيءَ وارو اِهو مينهن ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ کان ايندو هو ۽ بنا ڪنهن گوڙ کنوڻ جي اٺ ڏهه ڏينهن ٽيپو ٽيپو ڪري پيو وسندو هو. رُهِيءَ واري انهيءَ مينهن کي ”گنگ ٻوڙ“ ڪري چيو ويندو هو. اهو مينهن گهرن کي به نقصان ڏيندو هو، فصل جا به لاهه ڪڍندو هو ۽ مزور مڙهي کي به ڪم کان وڃائيندو هو، انهيءَ ڪري اهڙي مينهن کان ماڻهو ڊڄندا هئا، پر اڄ نه ”ٻڪر ڪنڊ“ رهي آهي ۽ نه ئي ”گنگ ٻوڙ“ رهي آهي. ڪڏهن ڏس ته ڪٿان ڪو ڪڪر وسندو وڃي، ڪڏهن ڏس ته اُڀ ڦاٽيو پوي ۽ ڪڏهين ڏس ته بي مندائتو پيو وسي. اها مام به سمجهڻ وٽان آهي. پنجاهي سال کن اڳ جڏهن چئوڙ/ٽڙهه سيءُ پوندو هو ته ٻنين ۾ پارو پوندو هو ۽ گهر کان ٻاهر رکيل مٽن ۽ دِلن ۾ پيل پاڻيءَ جو تهه ڄمي برف ٿي ويندو هو. پر هاڻي ته چئوڙ سيءُ رهيو آهي، نه ٽڙهه سيارو ٿو اچي. نه وڻن ۾ ايڏو ساڙو ٿو پوي ۽ نه ئي وري دِلن ۾ ٿو پاڻي ڄمي. البته هيلوڪي سياري ۾ پارو پيو، سو به پنجاهي سالن کانپوءِ. اها به هڪ مام آهي. چاليهارو سال کن اڳ گهوڙي تي چڙهي روانو ٿبو هو ته گهوڙو هلندي هلندي گهه ڪري بيهي رهندو هو ۽ زِيلون هڻندو هو ته اها پڪ ٿي ويندي هئي ته گهوڙي کي پسڻ پيو آهي، ته اڳيان خطرو آهي، يا وري رات ڪو چور چڪار گهڙي ايندو هو ته به گهوڙو زيلون هڻندو هو. پر هاڻي گهوڙي کي به ڪو پسڻ نٿو پوي. معنى ته ڪا وڏي گڙ ٻڙ آهي. مورڳو ڏهاڪو سال کن اڳ ڏکڻ سنڌ ۾ جيئن ئي سيارو ختم ٿيندو هو ته واهوندو ورندو هو. مطلب ته ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ کان زوردار طوفاني هوا هلندي هئي ۽ منهن مٿو ڌوڙ ٿيو پيو هوندو هو. اهو واهوندو پورا ٻه مهينا هلندو هو، پر هاڻي انهن ٻنهين مهينن يعني اپريل ۽ مئي ۾ ڪڏهن واهوندو ورندو ٿو نظر اچي، ڪڏهن گُهٽ ٿيو وڃي، ته ڪڏهن وري ڏِس ته اُتر جي ڦُرڪ پيئي لڳي، مطلب ته واهوندي ۾ به ڪا گڙ ٻڙ پيدا ٿي ويئي آهي. اِها مام به سکڻ وٽان آهي. سنڌي زبان جي جهونن ليکڪن جا ڪجهه ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته جڏهن ٻئي سنڌ ۾ گرمي پوندي هئي ته سکيا ستابا ماڻهو سنڌ جي ئي شهر ڪراچيءَ ۾ هوا خوريءَ لاءِ وڃي رهندا هئا. پر پوءِ ڪراچيءَ جي مند ۾ ڦيرو آيو ته سنڌ جا ماڻهو آرهڙ جي گرمي کان بچڻ لاءِ ڪوئيٽا وڃڻ لڳا. پاڻ اهڙا ته سکيا ستابا ناهيون، جو هاسيڪار ٿڌڪار وٺڻ لاءِ ڪوهه مريءَ وڃون. پر شوبز جي سلسلي ۾ ڇهه سال اڳ ڪوهه مري وڃڻ ٿيو ته بازار گهمندي پاڻ کي ته پگهر اچي ويا. مطلب ته ڪوهه مري به ڇٽي، پر حيرت جي ڳالهه اِها آهي ته هن سال اپريل جي پهرئين هفتي ۾ ڪوهه مريءَ جي جبلن تي برف پيئي. اپريل جو مهينو ۽ برف؟ کوڙو ئي نٿو لڳي. پر اها به ڪا وڏي مام آهي. ڪجهه سال اڳي ڀنڀوريون، پوپٽ، کڙ کٻيتا جام ڏسڻ ۾ ايندا هئا. آرون به ڪن کائينديون هيون، پر هاڻي ڪچي کي ڇڏي ڪري ٻئي هنڌان سڄيءَ سنڌ ۾ اِنهن جي سونهن نظر نٿي اچي. آخر اها سونهن ڪيڏانهن گم ٿي ويئي؟ اهو به هڪ وڏو سوال آهي. ڪائنات جي ڄاڻو سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ايندڙ چئن ڪروڙ سالن ۾ نه ته زمين پنهنجي سگهه وڃائي ڪنهن ٻئي گرهه سان ٽڪر کائي تباهه ٿيندي ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو گرهه اچي زمين سان لڳندو. اهڙو ته ڪو خطرو ناهي، پر جي ماڻهو بڇڙو ٿو ٿئي ته پوءِ هيءَ زمين ڪنهن به وقت تباهه ٿي سگهي ٿي. سو انسان ذات ارڙهين صديءَ کان وٺي اهڙي بڇڙائي شروع ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳ ۾ ڄاڻايل پسڻ به پورا ٿيا ۽ مندن به منهن مٽائيو ۽ ماحولياتي ڦيٽارو آيو. اهو ڇو ٿيو؟ ڪيئن ٿيو؟ هاڻي ڇا ٿيندو؟ بچڻ جا ڪهڙا لنگهه آهن؟ سائنس ڇا ٿي چوي؟ اِها مام ڪنهن ٻئي ايندڙ مضمون ۾ ڀڃبي. تيستائين اوهان پاڻ به سوچيو ته اها سوچ به هڪ ٻئي سان شيئر ڪري سگهجي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: مُندون ۽ پَسَڻَ مندون ۽ پسڻ جي لکڻ جو انداز، ان ۾ موجود سنڌ جي موسمن جي اڳڪٿين جا احوال، موسمن جي حساب سان جيت جڻين جي چر پر جون ڪٿائون، محترم عبدالقادر جوڻيجي اهڙو ته احوال ڪيو آهي، جو پڙهندڙ پڙهندو ئي وڃي ۽ اوچتو مضمون جي آخر ٿيو وڃي ۔۔۔ سندس لکڻ جو ڏانءَ مذاح، ڄاڻ ۽ دلچسپين سان ڀريل هجي ٿو ۔۔۔ انکي چوندا آهن لکڻ جو ڏانءُ مٿان وري عبدالقادر جوڻيجو صاحب تحقيق جي فن کان مدد وٺندي اهڙا ته دلچسپ جملا ۽ قصا بيان ڪري ٿو جو اصل مزو اچي وڃي ٿو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت