سنڌ سلامت جا ڪافي دوست پنهنجي مختلف فينس جي شاعري ڪارڊ يا وري انهن جي سالگره جون وڌايون يا وري ڪنهن خاص موقعي تي کين ڀيٽا ڏيڻ رنگين، دلچسپ ۽ خوبصورت ڪارڊ ٺاهي فيس بوڪ يا وري سنڌ سلامت تي ونڊيندا آهن۔۔۔
اهو ڪم ايترو آسان بلڪل به نه هوندو آهي۔۔۔ ڊيزائين جي چونڊ وري لفظن جي چونڊ ۽ ان کي ڪنهن خوبصورت ڍانچي ۾ تيار ڪرڻ ڪو سکڻ چاهي ته سليمان وساڻ يا وري عاشق سولنگي کان سکي۔۔۔ ڪجهه ٻيا به سيکڙاهٽ دوست پڻ جستجو جاري رکيو اچن ۔۔۔
هي آهي Wondershare Scrapbook Studio
هتي اهڙن پيارن دوستن جي ڪم کي آسان بڻائڻ لاءِ مان کڻي آيو آهيان هڪ بهترين ۽ پروفيشنل سافٽويئر جنهن جي ذريعي خاص موقعن يا وري ڪنهن کي لفظي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ خوبصورت ڊيزائنز وارين ٽيمپليٽس سان ڀريل بهترين ڪارڊ جن کي معمولي محنت سان ترميم ڪري خوبصورت ۽ ديدازيب ڪارڊ بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
هن ۾ موجود ٺهيل ٺڪيل 300 کان وڌيڪ ڪارڊس نما ٽيمپليٽس کي بس ڊريگ ڊراپ جي ذريعي تصويرن جي مٽا سٽا ڪري ۽ معمولي ترميم ڪري ڪو به رڪن آرام سان خوبصورت ڪارڊ بڻائي سگهي ٿو۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔
هوئن ته هن سافٽويئر جي قيمت 30 ڊالر آهي پر ”امڙ جي عالمي ڏينهن“ جي مناسبت سان ڪمپني پنهنجي پسند ڪندڙ کي مفت ۾ ڏئي رهي آهي ۔۔۔ ان لاءِ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي فيس بوڪ پيج تي وڃو جتي لائيڪ بٽڻ کي ڪلڪ ڪري ڪمپني جي چاهيندڙن ۾ شامل ٿيو جنهن کان پوءِ پيج تي موجود فارم ڀريو ۽ مڪمل سافٽويئر حاصل ڪرڻ لاءِ Get keycode تي ڪلڪ ڪريو جڏهن ته سافٽوئير حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔۔۔