جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
نه گهوري ڏس دلبري نه ٿي پئي
توساڻ محبت مٺي نه ٿي پئي
سوال ٿيندا طرح طرح جا
جواب ڏيندي نه غلطي ٿي پئي
گهڙي گهڙي ڀي نه ويه مونسان
ٻنهيءَ جي ڪٿڙي ڪچي نه ٿي پئي
مونسان نه وڇڙڻ جي ڳالهه ڪر تون
حياتي جي گهٽ گهڙي نه ٿي پئي
نه قرب ايڏو نه سڪ ڏي ايڏي
خوشي مان دل هي چري نه ٿي پئي
گهڻي ڀي گهاٽي ٿي چَڻَ آ پوندي
ڦري مٺي مان کٽي نه ٿي پئي
جاويد نواز
دعائن ۾ياد