آمريڪا جي چين سان جنگ جي تياري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    A View from Abroad
    آمريڪا جي چين سان جنگ جي تياري
    پال ڪريگ رابرٽس


    [JUSTIFY] 1930ع ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ هالينڊ پئسفڪ خطي ۾ جپان خلاف سازش ڪري ٻي عالمي جنگ جو بنياد رکيو، ٽنهي حڪومتن جپان جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪري تيل، رٻڙ، ٽن، لوهه ۽ ٻئي اهم سامان جي خريداري کان محروم ڪيو. ڇا پرل هاربر واقعو جپان جو ردعمل هو؟ ساڳي ريت هاڻ آمريڪا ۽ سندس نيٽو جا پٺو چين خلاف ساڳي حڪمت عملي استعمال ڪري رهيا آهن. تيونس، مصر، بحرين ۽ يمن جي عوام آمريڪا جي ڳيجهو بڻيل حڪمرانن خلاف احتجاج ڪيو. پر قذافي، جيڪو اولهه جو پالتو ناهي ان خلاف احتجاج سي آءِ اي جو تيار ڪيل آهي ۽ اهو احتجاج ملڪ جي اولهندي حصي ۾ ٿي رهيو آهي جتي تيل جا تمام وڏا ذخيرا آهن ۽ اتي چين جي توانائي تي وڏي سيڙپ ٿيل آهي. لبيا جي تيل جو 80 سيڪڙو ذخيرو سرت بيسين ۾ آهي ۽ هاڻ اهو علائقو آمريڪا جي مدد سان باغين جي ڪنٽرول هيٺ آهي. جيئن ته لبيا جي جي ڊي پي جو 70 سيڪڙو تيل مان اچي ٿو ان ڪري لبيا کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ سان لبيا جي قذافي حڪومت ڪنگال ٿي ويندي.

    چين جي اخبار پيپلز ڊيلي جي رپورٽ آهي ته چين جا لبيا ۾ 50 وڏا منصوبا آهن ۽ گڙ ٻڙ کان پوءِ اهي بند آهن جنهن ڪري 30 هزار چيني پورهيتن کي لبيا مان ڪڍيو ويو آهي ۽ چيني ڪمپنين کي سوين ملين يوئان جو نقصان ٿيو آهي. مستقبل جي توانائي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ چين جو دارومدار آفريڪا خاص طور لبيا، انگولا ۽ نائيجيريا تي آهي. چين جي آفريڪا سان اقتصادي ڀائيواري جي جواب ۾ آمريڪا فوج مقرر ڪري خاص ڪمانڊ 2007ع ۾ آفريڪام جي نالي سان قائم ڪئي، جنهن ۾ 49 آفريڪي ملڪن حصيدار بڻجڻ جي حامي ڀري پر ڪرنل قذافيءَ انڪار ڪيو ۽ اهو انڪار لبيا تي آمريڪا جي قبضي جو ٻيو جواز بڻيو. لبيا تي ڪاهه جو ٽيون سبب اهو آهي ته ڀونوچ سمنڊ ڪناري لبيا ۽ شام ٻه اهڙا ملڪ آهن جيڪي آمريڪا جي ڪنٽرول يا اثر هيٺ نه آهن. ساڳي ريت شام ۾ به احتجاج ٿي رهيا آهن. ڇا به هجي حڪومت جو فيصلو شامي عوام کي ڪرڻو آهي خاص طور عراق ۽ لبيا جو حشر ڏسڻ کان پوءِ پر اهو نظر نه ٿو اچي ته هو ملڪ ۾ آمريڪي مداخلت جو جواز فراهم ڪندا. دنيا ڄاڻي ٿي ته سي آءِ اي ۽ موساد سوشل نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽس کي ڪنٽرول ڪري غلط خبرون پکيڙين ٿيون. شام ۽ لبيا جون حڪومتون به احتجاج جي سازشن جا الزام انهن ايجنسين تي هڻي چڪيون آهن. تيونس ۽ مصر ۾ عوامي احتجاج جي ڪاميابي کان پوءِ آمريڪا کي احساس ٿيو ته عوامي احتجاج وسيلي قذافي ۽ بشارالاسد کي به هٽائي سگهجي ٿو. آمريڪا بحرين ۾ پنهنجو پنجون بحري ٻيڙو بچائڻ لاءِ سعودي فوجون داخل ڪري چڪو آهي ته جيئن احتجاج ڪندڙن کي چيڀاٽي سگهجي ان لاءِ لبيا تي حملو انساني همدردي جي بنياد تي ڪرڻ واري ڳالهه ايتري ساکائتي نه آهي.

    جيڪڏهن آمريڪا شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته روس کان ڀونوچ سمنڊ ڪناري شام جي بندرگاهه ترتس تي قائم نيول اڏو کسجي ويندو. ڀونوچ سمنڊ تان روس ۽ چين بي دخل ٿيا ته ان جو آمريڪا کي تمام وڏو فائدو ٿيندو ۽ روم جو ”اسان جو سمنڊ“ وارو اصطلاح آمريڪا جو اصطلاح بڻجي ويندو. بارڪ اوبامه، قذافي کي وڃڻو پوندو جو نعرو ته هڻي چڪو آهي پر شايد ڪجهه وقت کان پوءِ اهو نعرو به هڻي ته اسد کي وڃڻو پوندو. آمريڪا جي محڪوم ميڊيا قذافي ۽ بشارالاسد ٻنهي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. منافقت ان وقت آسمان کي ڇهڻ لڳي جڏهن اوبامه قذافي ۽ اسد ٻنهي کي آمر سڏيو. اڳوڻي صدر جارج ڊبليو بش ته ڪانگريس جي منظوري سان دهشت گردي خلاف جنگ شروع ڪئي هئي پر اوبامه کانئس ٻه وکون اڳتي وڌندي ڪانگريس جي منظوري کان سواءِ ئي لبيا سان جنگ شروع ڪري ڇڏي. اهو مواخذو ٿيڻ جوڳو ڏوهه آهي پر ڪانگريس پنهنجا اختيار بچائڻ لاءِ ڪجهه به نه پئي ڪري، ڪانگريس انتظامي اختيار قبول ڪري سيزرازم کي هٿي وٺرائي آهي. آمريڪي عوام جو پنهنجي حڪومت تي ڪوبه ڪنٽرول نه آهي.

    آمريڪا جي دنيا فتح ڪرڻ واري لالچ دنيا کي ٽين عالمي جنگ ڏانهن ڌڪي رهي آهي. چين 1930ع جي جپان کان گهٽ فخر لائق نه آهي ۽ هو اولهه کي پاڻ تي راڄ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. روس جي فوجي اثر ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. آمريڪا جو غرور وڏي رتوڇاڻ آڻي سگهي ٿو.[/JUSTIFY]

    عوامي سنڊي ميگزين تان ورتل
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: آمريڪا جي چين سان جنگ جي تياري

    تحقيق سان پتو پيو آهي ته آمريڪا جنهن به ملڪ خلاف جنگ ڪئي آهي ۔۔۔ اتي جو عوام اڳ ئي سياسي، لساني ۽ مذهبي گروهن ۾ ايترو ته ورهايل هوندو آهي جو آمريڪا خلاف مذاهمت نه هئڻ جي برابر ٿيندي آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا اهڙين ڪاميابين کان پوءِ اهڙن ملڪن تي وار ڪرڻ جو به سوچيندو آهي جيڪي معاشي يا اقتصادي اعتبار سان آمريڪا کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن۔۔۔

    جاپان خلاف جنگ ۾ آمريڪا اڪيلو ڪاميابي ڪڏهن به ماڻي نه سگهي ها ۔۔۔ جتي کيس اتحادي ملڪن جي سپورٽ هئي اتي جاپاني ڪمزور پاسا به هيا جن کي آمريڪا خوب استعمال ڪيو پر جيڪڏهن آمريڪا چين ته ساڳي ئي نموني سان جنگ مڙهڻ جو سوچي رهيو آهي ته شايد هن دفعي کيس عام حريف بجاءِ سخت حريف سان مقابلو ڪرڻو پوندو ۔۔۔
    چين پنهنجي معيشيت جي بل بوتي تي دنيا جي اڪثر ملڪن سان سهڪاري رهيو آهي۔۔۔ ۽ سندس دوستاڻا ناتا جتي پاڪستان جهڙي ڪمزور ملڪ سان آهن اتي ڪافي سگهارن ملڪن سان به آهن ۔۔۔ ان کانسواءِ اقوامِ متحده ۾ پڻ هڪ خاص مقام رکي ٿو۔۔ ائٽمي ۽ اقتصادي ملڪ هجڻ سان گڏو گڏ جديد ٽيڪنالاجي کي پنهنجي زورِ بازو سان استعمال خوب ڄاڻي ٿو ان ڪري آمريڪا دو بدو ته چين سان مقابلو نه ڪندو ها چين خلاف ٻين ملڪن جهڙوڪ انڊيا وغيره کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آمريڪا جي چين سان جنگ جي تياري

    ادا رشيد مهرباني

    مونکي ليکڪ جون ڳالهيون ڪجهه عجيب پيون لڳن۔ مان سمجهان ٿو عرب ملڪن ۾ مچايل ان ممڻ جي پويان امريڪا جو اصل مقصد ڪجهه ٻيو آهي۔ هڪ ته هن جا ارادا تيل جي ذخيرن تي پنهنجو ڪنٽرول هجڻ آهي ته اتي ٻيو مقصد عرب ملڪن تي قبضو ڪري پنهنجي مرضيء جي ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪري ايران تي سوڙهه رکڻ پڻ آهي۔

    ٻي ڳالهه جيڪا مونکي سمجهه ۾ نه ٿي اچي اها آهي ايڏا سارا محاذ کولڻ۔ افغانستان کانپوء هاڻي تازو پاڪستان، ان کانسواء لبيا ۽ شام ۔۔۔۔۔۔۔ اهو سڀ ڪرڻ ڪو ايڏو سولو نه هوندو ۽ وري جي چين سان ٽڪراء ڪري ته پوء ان سموري محاذن کي سنڀالڻ به ڪو سولو ڪم نه هوندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو