هڪ نئين تحقيق مان پتو پيو آهي ته انٽر نيٽ جي دنيا ۾ ايپل Apple ڪمپني پنهنجي مقبول ۽ مهانگي برانڊز سبب گوگل Google کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. گذريل چئن سالن کان مقبول سرچ انجڻ گوگل مقبوليت ۾ مسلسل پهرين نمبر تي هئي. ملورڊ برائون نالي ايجنسي دنيا جي سئو وڏي برانڊز واري تحقيق ۾ پڌرو ڪيو آهي ته آئي فون ۽ آئي پيڊ جهڙيون مقبول ۽ مهانگيون برانڊز ٺاهيندڙ ايپل Apple جي اثاثن جي ماليت 153 بلين ڊالر ٿي وئي آهي.
ايجنسي جي گلوبل برانڊز ڊائريڪٽر پيٽر والش پڌرو ڪيو آهي ته ايپل پنهنجي پاليسي تبديل ڪندي مهانگيون برانڊز تمام وڏي قيمت تي آڻي ماڻهن لاء ڪشش پيدا ڪري پنهنجي مصنوعات کي خوب مٿي پهچايو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته دنيا جي ٽاپ ڏهن برانڊز ۾ 6 ٽيليڪام ۽ ٽيڪنالاجي جون ڪمپنيون آهن. جن مان ايپل پهرين، گوگل ٻئي آئي بي ايم ٽئين، مائڪروسوفٽ پنجين، اي ٽي ۽ ٽي ستين ۽ چائنه موبائل نائين نمبر تي آهن.
فاسٽ فوڊ ڪمپني ميڪڊونلڊز ڇهين کان چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي. ڪوڪا ڪولا هڪ نمبر پوئتي ڌڪجي ڇهين نمبر تي ۽ سگريٽ ٺاهيندڙ ڪمپني مارلبورو اٺين نمبر تي آهي.
ياد رهي ته سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ جي ويب سائيٽ 20 بلين ڊالر سان پنجٽيهين نمبر تي آهي.

حوالو : هماري ويب ڊاٽ ڪام