ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون .
اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون
هي اشعارجن تي اڳتي هلي ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي سي شاھ صاحب جي سر يمن ڪلياڻ جي داستان پنجين جا آهن جنهن جي شرح ڪلياڻ آڏواڻي ڪئي آهي . ان ترجمي تان سهارو ورتو ويندو۔
ٻيون شعر داستان پنجون.
سوفي سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساھ
سا نه ڪري ڳالهڙي ، جئن پويون پروڙي پساھ
آهيس اي گناه ، جي ڪا ڪري پڌري
سا نه ڪري ڳالهڙي ، جئن پويون پروڙي پساھ
آهيس اي گناه ، جي ڪا ڪري پڌري
جي هن جو سَوَلو ترجمو ڪجي ته اهو ٿيندو ؛ صوفي جو سڀني طرفن ڏي ائين سير هوندو آهي جيئن ساھ رڳن ۾ هوندو آهي يعني اوهان جيئن ساھ لاءِ ائين نه ٿا چئي سگهو ته ساھ بدن جي ڪهڙي حصي ۾ آهي ڇو جو ساھ جنهن حصي ۾ نه هوندو اهو حصو مئل هوندو آهي .جيڪو مئل حصو هوندو اهو اپاهج هوندو اهي ان مان ڪئي بيماريون جنم وٺي سگهن ٿيون اها هڪ بيماري جي علامت آهي (آءُ هن پهرين حصي ۾ هن شعر جو فقط هي پهلو کڻي موضوع بڻائيندس پر آءُ اهو ٿو چاهيان ته پهريان شعر جو ترجمو پورو ڪريان .) صوفي اها ڳالھ ناهي ڪندو جيڪا پسندو آهي ڇو جو جيڪا جنهن شي ڏٺي ناهي اها ڳالھ ان کي ڪيئن سمجهائجي نه هو پاڻ وڻائڻ لاءِ هر هڪ جي سامهون پنهنجي زڪر جي تعريف پيو ڪندو آهي بلڪه هو ته هميشه پنهنجي راز کي لڪ ۾ رکندو آهي اتي مونکي هڪ واقعو ياد پيو اچي ته هڪ ڀيري ڪنهن سالڪ سان گڏ ڪٿان گزريا سين پئي ته اسان جي اڳيان هڪ شخص پيراڻي پوشاڪ ۾ ڪجه ماڻهن سان گڏ وڃي رهيو هو هڪ همراه ان پيراڻي پهريل پوشاڪ واري وٽ آيو ۽ اچي هن کان دعا گهرڻ جو چوڻ لڳو۔ ان همراه سوالي کي چيو بابا آءُ ڪو پير وير ناهيان جو تون مونکان دعا گهرائڻ جو سوال ڪري رهيو آهين اهو همراه هليو ويو ته سالڪ چيو اهو ماڻهون ته ٺيڪ آهي پر باطني بيماري ۾ مبتلا آهي سالڪ جي نگاه به عجيب اسرار جي مالڪ هوندي آهي.اسان ان سالڪ کان سوال ڪيو ته سائين اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته هي همراه باطني طور تي بيمار آهي ته انهن چيو ته با با ريا ڪاري ، عجب مان ،وڏائي وغيره هي سڀ بيماريون آهن. جي هن جي باطن ۾ بيماري نه هجي ها ته هي ڪڏهن به الڳ ٿلڳ رهن وارو لباس نه پائي ها هن جو پيراڻو لباس پهرڻ ٻڌائي ٿو ته هن جي تحت الشعور ۾ (جنهن جي طرف هن وقت شايد پنهنجو ڌيان به نه هجي) جيڪا وقت اچڻ تي اچانڪ ظاهر ٿيندي . هي پاڻ کي ان جاءِ تي ويهڻ کان چو نه ٿو روڪي جتي هن کي ٻين کان الڳ سمجهيو وڃي. وغيره يعني ڪا ته اندر ۾ بيماري آهي .
ان مضوع کي به اڳتي هلي ٻي قسط ۾ ظاهر ڪنداسين ته صوفي طبعن ڪنجوس هوندو آهي يا ڪو ٻيو راز هوندو آهي .
اهو هن جي لاء گناه هوندو آهي جي هو ڪنهن نااهل اڳيان اها ڳالھ ڪندو آهي جيڪا ان ماڻهون جي لاءِ ناهي هوندي يا جنهن ڳالھ جي سمجهڻ جي ان ماڻهون ۾ اپروچ وسعت ناهي هوندي.
هي ته هو ترجمو جو اوهان آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي . هي ترجمي جو به هڪ پهلو آهي جنهن جي نگاه جيتري بلند هوندي آهي اهو عارف جي ڳالھ کي اوترو سمجهندو آهي ٿي سگهي ٿو ڪجھ دوستن کي جن جي عرفان ۾ منزل اعليٰ هجي اهي هن ترجمي تي کلن.
هاڻي هن شعر جي هڪ پهلو تي اچونٿا ته شاھ صحب جيڪو چيو آهي ته صوفي سير سڀن ۾ جيئن رڳن ۾ ساھ جنهن جو لفظي ترجمو اهو آهي ته صوفي جو سير هر سمت ڏانهن هوندو آهي ، ڇا مطلب ؟. اهي سمتون آهن ڪهڙيون جن ڏانهن صوفي جو صفر ۽ هر سمت ڏانهن هن جو سفر هوندو آهي ڪا سمت هن جي سفر کان کالي ناهي هوندي .

ان جي مطلق سالڪن جو چوڻ آهي ته هڪ انسان هڪ ئي وقت ڪئي محاظن تي مطلوب هوندو آهي هڪ ئي وقت انسان جو جُهد ڪيترن ئي منزلن تي هوندو آهي هاڻي جيتريون انسان ۾ صفتون آهن انهن سڀني صفتن تي انسان گهربل آهي مثال انسان ۾ ڪهڙيون صفتون آهن ، بهادري ، سخاوت ، عدالت ، شجاعت ، عدل ، حياء ، صبر ، شڪر، پرداداري ، رحم، ڪرم وغيره
ايتريون سمتون آهن انسان جي ذات ۾ جنهن جو شمار ڪونهي . هاڻي هي انسان هڪ ئي وقت انهن سڀني محاظن جو محافظ آهي، ته صوفي اهو آهي جيڪو هڪ ئي وقت انهن محاظن تي موجود ائين رهندو آهي جيئن رڳن ۾ ساھ .
اسان جي معاشري ۾ ته صوفي ان کي چيو ويندو آهي جيڪو هڪ جاءِ تي ويهي بس ويٺو الله الله ڪري، نه سائين اها صوفي جي تشريح شاه صاحب جي شعر جي روح جي حساب سان بلڪل غلط آهي اسان جي معاشري ۾ جنهن کان ٻار پالڻ نه پڄن اهو گودڙي ڳلي م وجهي ٿو نعرا هڻي ته آء صوفي آهيان الله هر انسان جون ذميداريون رکيون آهن ۽ اهي ذميدارريون ئي انسان جو اصل امتحان آهن انهن امتحانن کان ڀڄندڙ الله وارو نه ٿو ٿي سگهي هي جيڪي اولياءِ الله وارن جا واقعا اسان وٽ مُروج آهن اهي دل کان تسليم نه ٿا ٿين .هڪ انسان هڪ ئي وقت انهن محاظن تي ڪيئن موجود رهي سگهي ٿو انشاءِ الله ان موضوع کي اڳين قسط ۾ ڇيڙينداسين. جاڏي پير تاڏي خير
وسلام
وسلام