2 مئي 2011 جي رات جو ايبٽ آباد ڀرسان بلال ڪالونيء ۾ رات جي انڌاري ۾ آمريڪي فوج پاران ڪيل 44 منٽن جي ڪاروائي اسان جي انٽيلجنس ادارن ۽ پاڪ فوج جي نااهل هجڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي۔ چون ٿا ته اسان جي فوج جا ڪمانڊر ته 6 سيپٽمبر 1965 واري ڏينهن بي خبر هئا ۽ سڪون جي ننڊ ۾ هئا جڏهن هندستان لاهور جي سرحد تي حملو ڪيو هو۔
اهي ڳالهيون ڪرڻ ته ان قسم جا سيڪيورٽي فيليوئر ته 9/11 وقت آمريڪا ۾ به هئا۔۔۔۔۔۔ڇا مقصد رکن ٿا ؟؟ مان سوچڻ کان قاصر آهيان۔ هڪ ملڪ جي فوج اوهان جي ملڪ ۾ اچي حملو ڪري ڪاروائي ڪري وڃي ۽ اوهان کي خبر نه هجي۔۔۔۔۔۔ شرمندهه ٿيڻ جهڙي حقيقت بيان ڪندڙن کي اهي ڳالهيون ڪرڻ وقت نڪ جي ڪيترائي پڪائي آهي اها ته صحافي ئي بهتر ٻڌائي سگهن ٿا۔
هاڻي سموري دنيا جا سوال آهن ، عوام جا سوال آهن ۽ هوڏانهن بي بس حڪومت ۽ اسان جا ڍول سپاهي جن تي قوم کي شايد اڃان به فخر آهي۔ اها ڪا ڍڪيل ڳالهه ناهي ته هن واقعي جي منظوري ته سابق صدر پرويز مشرف ڏني هئي پر هن واقعي تي دنيا ڪيترو کلندي شايد هنن تي ان جو ڪو اثر ڪونه ٿيندو ، ڇو ته اسان ڪارگل ۾ به ته ايئن ئي ڪيو هو۔ اسان جي حڪومت جيڪا جمهوري حڪومت ٿي سڏرائي اها ته اسلام آباد ۾ ويهي سياسي جوڙ توڙ ۾ پوري هئي ۽ اسان جي محافظن جي اڳواڻ ته پاڻ به اهو اعتراف ڪيو آهي ته اسان کي آخر تائين خبر نه پئجي سگهي ۔۔۔۔ ان مان اندازو لڳايو ته اسان ڪيترو محفوظ آهيو ؟؟ اسان جا ايٽمي اثاثا ڪيترو محفوظ آهن ؟؟؟
اسان جي سنڌي قومپرست اڳواڻن ۽ بلوچ قومپرست اڳواڻن جي ته هر وک جي انٽيليجنس ادارن کي خبر آهي انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ هو ڪيترو تڪڙا آهن اها ته سانگهڙ واقعي مان خبر پوي ٿي۔ پر دنيا جي سڀ کان وڏي دهشتگرد کي نه ڳولڻ يا ان جي خبر نه پوڻ مان ڇا معنى ڪڍون ؟؟ هڪ غير ملڪي ايڏو ديده دليري ۽ ٺٺ ٺانگر سان رهي جنهن لاء سڄي دنيا جون انٽيلجنس ايجنسيون ڏينهن رات هڪ ڪن، پوء به اسان ان کي ڳولي نه سگهون، اهو ممڪن ڪونهي۔۔۔۔!!!
ماڻهو بک مري رهيا آهن، بجلي ڪونهي، پاڻي ڪونهي، معاشي طور ملڪ تباهه ٿي چڪو آهي پر ميڊيا تي اساما ۽ ان سان لاڳاپيل خبرون آهن جو ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿيون وٺن۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: پاڪ فوج، ملڪي خفيه ايجنسيون ۽ ايبٽ آباد واقعو
ها ها ها ۔۔۔ سائين وساڻ لڳي ٿو ته اوهان به هاڻ اسان جيئان پاڪستان جي ڪوڙي ٺٺ کان تنگ اچي ويا آهيو، اساما بن لادن، جيئري لک جو مئي ڪروڙ جو ٿي ويو آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان جا ادارا ان مان ڪيترو فائدو وٺندا ان جو جواب مستقبل ۾ ملي ويندو ۔۔۔
فلمون ٺهن ٿيون، عوام کي ته جيڪا فلم ريليز ٿئي ٿي ان جي خبر پوي ٿي، باقي جيڪي لڪ ڇپ ۾ فلمون هلن ٿيون انهن جو پتو اسانکي پوڻو ئي ناهي ۔۔۔ پاڪستان جي فوج لاءِ هاڻ نه پر 50 سالن کان ڏاها ٻڌائن ٿا ته آمريڪا جي پگهاردار فوج آهي، پوءِ جيڪا فوج آمريڪا جي پگهاردار هوندي انکي آمريڪا جي جهاز ڪيئن نظر ايندا ۔۔۔؟؟؟؟
جواب: پاڪ فوج، ملڪي خفيه ايجنسيون ۽ ايبٽ آباد واقعو
سائين سهڻل گورک ڌندو آهي ڪرائي جا قاتل آهن هتان جا حڪمران هر هڪ ايترو گندو آهي جيترو هن جو وس هلي ٿو ۽ اهو سفر صرف حڪمرانن تائين محدودو ناهي رهيو اهو سفر هيٺين طبقي ۾ پڻ سرايت ڪري ويو آهي ۔ هن جو سفر ڪٿي ختم ٿيندو ان جو اندازو اسانجي سست رفتاري جي ڪري نه ٿو لڳائي سگهجي ۔
وسلام
سائين سهڻل گورک ڌندو آهي ڪرائي جا قاتل آهن هتان جا حڪمران هر هڪ ايترو گندو آهي جيترو هن جو وس هلي ٿو ۽ اهو سفر صرف حڪمرانن تائين محدودو ناهي رهيو اهو سفر هيٺين طبقي ۾ پڻ سرايت ڪري ويو آهي ۔ هن جو سفر ڪٿي ختم ٿيندو ان جو اندازو اسانجي سست رفتاري جي ڪري نه ٿو لڳائي سگهجي ۔
وسلام
جواب: پاڪ فوج، ملڪي خفيه ايجنسيون ۽ ايبٽ آباد واقعو
دوستو ! هي معاملو جيترو سولو نظر اچي ٿو اهو ايترو ته منجهيل آهي جو اسان سوچي به نه ٿا سگهون، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ملٽري اڪيڊمي جي ويجهو ٿيڻ واري هن آپريشن جتي پاڪستان جي ملٽري کي نااهل ثابت ڪيو آهي اتي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ کي به ثابت ڪيو آهي۔ انڊيا، افغانستان ۽ آمريڪا جهڙي ملڪن جو اهو دعوو ته پاڪستان ۾ ڪيتري ئي عرصي کان دهشتگرد لڪيل آهن اهو صحيح ثابت ڪيو پيو وڃي۔ ان ڳالهه جو نتيجو اهو نڪرندو ته پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي محفوظ هٿ (يونائيٽڊ نيشن يا آمريڪا) جي حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويندا۔۔ پاڪستان کي اونئين هتان جي حڪمرانن کائي کپائي ته ڇڏيو آهي ان ڪري عوام کي پنهنجي نفسانفسي ۽ حڪمرانن جي ڪرتوتن جي ڪري حب الوطني وسرندي پئي وڃي ۔۔ لڪيل حملا ته اونئين ٿين پيا پوءِ ظاهر ظهور حملا به ٿيندا۔۔۔۔۔
باقي اساما جي موت ته آهي ئي سنئون سڌو ڊرامو، ياد اٿوَ هن کان پهرين ڪيترا مرتبا اساما جي موت جو ڊرامو ڪيو ويو آهي، پر وري به ڪا نه ڪا وڊيو ان حوالي سان اچي ويندي هئي۔ هن ڀيري موت جو ڊرامو اهڙي ته انداز سان رچايو ويو آهي جو شڪ 99 سيڪڙو ۽ پڪ 1 سيڪڙو به نه آهي۔ ڇو ته جنهن کي ماريو ويو آهي نه ان جي لاش ملي آهي نه ان جي باري ۾ ڪو پڪو ثبوت مليو آهي ته ان عمارت ۾ موجود هيو يا نه۔۔۔
ڪي چون ٿا ته اساما مريو ئي ناهي ان کي سڌو سنئون جيئرو اتان کڻي ويا آهن ۽ واشنگٽن ۾ آهي
جواب: پاڪ فوج، ملڪي خفيه ايجنسيون ۽ ايبٽ آباد واقعو
سڀني دوستن جون مهربانيون
اها هڪ سٺي روايت آهي ته سنڌ سلامت جا دوست حالات حاضره تي لکن ۽ پوء سڀ دوست پنهنجا ويچار ونڊين۔ مون به اهائي اميد رکي هئي ۽ دوستن سٺي موٽ ڏني ۽ پنهنجا ويچار ونڊ ڪيا۔
مست جي ڳالهه کي وٺجي :
باقي اساما جي موت ته آهي ئي سنئون سڌو ڊرامو، ياد اٿوَ هن کان پهرين ڪيترا مرتبا اساما جي موت جو ڊرامو ڪيو ويو آهي، پر وري به ڪا نه ڪا وڊيو ان حوالي سان اچي ويندي هئي۔ هن ڀيري موت جو ڊرامو اهڙي ته انداز سان رچايو ويو آهي جو شڪ 99 سيڪڙو ۽ پڪ 1 سيڪڙو به نه آهي۔ ڇو ته جنهن کي ماريو ويو آهي نه ان جي لاش ملي آهي نه ان جي باري ۾ ڪو پڪو ثبوت مليو آهي ته ان عمارت ۾ موجود هيو يا نه۔۔۔
جيڪڏهن هي ڊرامو هجي ته پوء پاڪستان جي جڳ هنسائي نه ٿئي ها ۽ جيڪڏهن اهو ڊرامو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ اسان جي ڍول سپاهين کي ان تي ايڏي پريشاني نه ٿئي ها۔ جيڪڏهن هي ڊرامو آهي ته ان کي ڊرامو ڪير ۽ ڪيئن ثابت ڪري۔۔۔۔۔
جيستائين ميڊيا جو سوال آهي ته بي بي سي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستاني ميڊيا کي هڪ ڪثير رقم خرچ ڪئي آهي ته پاڪساتي حڪومت ۽ پاڪستاني انٽيلجينس کي ناڪام ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اهو ثابت ڪري ته هي ايبٽ آباد واقعو سچو آهي ۽ اساما اتي رهائش پذير هو۔
جواب: پاڪ فوج، ملڪي خفيه ايجنسيون ۽ ايبٽ آباد واقعو
ادا جڏنهن هر ماڻهون چپراسي کان وٺي ڪري وزير اعظم تائين ملڪ کي لٽڻ۾ پورو هجي ته چورن مٿان مور ته ايندا نه۔ سو هتي به اها ئي ڪهاڻي آهي اسان وٽ به اها ئي حالت آهي اسان جي حڪومت به ۽ انٽيليجنينس ادارا پاڻ کان ڪمزور انسان تي هر قسم جو قانون استعمال ڪندا ۽ انهن وقت قانون ياد به هوندو اٿن سو ادا پاڻ کان ڏاڍي جي اڳيان اسان جي فوج هجي يا خفيه ايجنسيون سڀ خاموش هيون۔ اسان فخر ڪيون به ته ڪهڙي شي تي فوج تي يا حڪومت تي ، حڪومتن تان ته قوم کي پهريان ئي ويساه ختم ٿي چڪو آهي باقي رهيل کهيل آسرو فوج ۾ هو سو به انهن ايبٽ آباد جي واقعي کان پوء اهو ٻڌائي ڇڏيو ته بي هوش تم پڙي هو تو هوش ۾ هم بهي نهين.. ... خدا اسان مسلمانن جي غيرت کي اڀاري باقي حال پورو آهي
جواب: پاڪ فوج، ملڪي خفيه ايجنسيون ۽ ايبٽ آباد واقعو
حڪومتن تان ته قوم کي پهريان ئي ويساه ختم ٿي چڪو آهي باقي رهيل کهيل آسرو فوج ۾ هو سو به انهن ايبٽ آباد جي واقعي کان پوء اهو ٻڌائي ڇڏيو ته بي هوش تم پڙي هو تو هوش ۾ هم بهي نهين..
يار علي توهان کي شاباس آهي جو فوج تي اعتبار اٿو۔ مونکي ته 71 واري واقعي کانپوء فوج تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي۔ عائشه صديقه پنهنجي ڪتاب ۾ فوج کي محافظ نه پر هڪ ڪارپوريشن لکيو اهي۔ جيڪا سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي۔ جنهن جي خلاف ڪو ايڪشن به نه ٿو کڻي سگهي۔
خير ان ڳالهه تي تبصرو نه ڪبو ته حڪومت تان اعتبار ختم ٿيو آهي يا فوج تان۔ ڇو ته اسان جي فوج 60 سالن کان ملڪ تي حڪمران آهي، سياستدان ته هنن جا نمائنده آهن اصل طاقت فوج جي ڪمانڊرن وٽ آهي۔ خير اهو اوهان ۽ اسان جي سمجهه کان بالاتر آهي۔