• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ارجنٽائين ۾ ٺهيل ڪتابن جو مينار

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ارجنٽائين ۾ ٺهيل ڪتابن جو مينار


intfI2.jpg


ino8z0.jpg


insXlW.jpg


اوهان دنيا ۾ ڪيتريون ئي منفرد تخليقون ته ڏٺيون هونديون پر هي هڪ حيران ڪندڙ ۽ ڪارائتي تخليق آهي. ارجنٽائين جي مشهور آرٽسٽ مارٽا منجئن 25 ميٽر ڊگهي گولائي ۾ گهمندڙ ڪتابن جو ٽاور ٺاهيو آهي جيڪو دنيا جي مختلف ٻولين جي ٽيهه هزار ڪتابن تي مشتمل آهي. يونيسڪو ۽ بينس آئرس جي لوڪل اٿارٽيز جي تعاون سان ٺهندڙ هن ڪتاب ۾ دنيا جا قديم ۽ جديد سڀ نسخا موجود آهن.

ڪتابن جو هي ٽاور جيڪو ٽاور آف بابل جي نالي سان سڏجي ٿو اهو پتل جي گولائي وارن فريمن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ سافٽويئر ، تاريخ، انسائيڪلوپيڊيا، ڊڪشنريون ، ناول، ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب شامل آهن. هي ٽاور ڇهن منزلن تي مشتمل آهي جنهن جي پهرين منزل دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪتابن لاء، ٻي ۽ ٽين منزل آمريڪن ڪتابن لاء، ٽين ۽ چوٿين منزل يورپ جي ڪتابن لاء، پنجين منزل آفريڪا ۽ ڇهين منزل ايشيا جي ڪتابن لاء مخصوص ٿيل آهي. سورهن هزار ڪتاب بينس آئرس ۾ موجود ٻاونجاهه سفارتخانن طرفان تحفي طور مليل آهن ، باقي ارجنٽائين جي پڙهندڙن پاران مهيا ڪيا ويا آهن.
 
جواب: ارجنٽائين ۾ ٺهيل ڪتابن جو مينار

جيتوڻيڪ يورپ ۾ اڃان ڪتاب جي اهميت آهي ۽ تمام سٺا ڪتاب لکجن ٿا ۽ پڙهيا به وڃنٿا ۽ وڪرو به ٿين ٿا پر پو به انٽرنيٽ جي وڌندڙ رجحان سبب لڳي ٿو ته هاڻ ڪتابن جا مينار ۽ محل ئي تيار ڪيا ويندا ۔۔۔

هي مينار به شايد عام ماڻهن کي ڪتابن جي طرف آڻڻ جي ڪوشش پئي لڳي ۔۔۔

تمام وڏي محنت ڪئي اٿن ۔۔۔ ترقي يافته قومن جا ڪم به ڪمال جا هوندا آهن ۔۔۔

سٺو ونڊ آهي:wave:
 
Back
Top