اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون (قسط ٻين)

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]


    اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون .​



    اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون
    هي اشعارجن تي اڳتي هلي ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي سي شاھ صاحب جي سر يمن ڪلياڻ جي داستان پنجين جا آهن جنهن جي شرح ڪلياڻ آڏواڻي ڪئي آهي . ان ترجمي تان سهارو ورتو ويندو۔

    ٻيون شعر داستان پنجون.


    سوفي سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساھ
    سا نه ڪري ڳالهڙي ، جئن پويون پروڙي پساھ
    آهيس اي گناه ، جي ڪا ڪري پڌري
    [justify] جي هن جو سَوَلو ترجمو ڪجي ته اهو ٿيندو ؛ صوفي جو سڀني طرفن ڏي ائين سير هوندو آهي جيئن ساھ رڳن ۾ هوندو آهي يعني اوهان جيئن ساھ لاءِ ائين نه ٿا چئي سگهو ته ساھ بدن جي ڪهڙي حصي ۾ آهي ڇو جو ساھ جنهن حصي ۾ نه هوندو اهو حصو مئل هوندو آهي .جيڪو مئل حصو هوندو اهو اپاهج هوندو اهي ان مان ڪئي بيماريون جنم وٺي سگهن ٿيون اها هڪ بيماري جي علامت آهي (آءُ هن پهرين حصي ۾ هن شعر جو فقط هي پهلو کڻي موضوع بڻائيندس پر آءُ اهو ٿو چاهيان ته پهريان شعر جو ترجمو پورو ڪريان .) صوفي اها ڳالھ ناهي ڪندو جيڪا پسندو آهي ڇو جو جيڪا جنهن شي ڏٺي ناهي اها ڳالھ ان کي ڪيئن سمجهائجي نه هو پاڻ وڻائڻ لاءِ هر هڪ جي سامهون پنهنجي زڪر جي تعريف پيو ڪندو آهي بلڪه هو ته هميشه پنهنجي راز کي لڪ ۾ رکندو آهي اتي مونکي هڪ واقعو ياد پيو اچي ته هڪ ڀيري ڪنهن سالڪ سان گڏ ڪٿان گزريا سين پئي ته اسان جي اڳيان هڪ شخص پيراڻي پوشاڪ ۾ ڪجه ماڻهن سان گڏ وڃي رهيو هو هڪ همراه ان پيراڻي پهريل پوشاڪ واري وٽ آيو ۽ اچي هن کان دعا گهرڻ جو چوڻ لڳو۔ ان همراه سوالي کي چيو بابا آءُ ڪو پير وير ناهيان جو تون مونکان دعا گهرائڻ جو سوال ڪري رهيو آهين اهو همراه هليو ويو ته سالڪ چيو اهو ماڻهون ته ٺيڪ آهي پر باطني بيماري ۾ مبتلا آهي سالڪ جي نگاه به عجيب اسرار جي مالڪ هوندي آهي.اسان ان سالڪ کان سوال ڪيو ته سائين اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته هي همراه باطني طور تي بيمار آهي ته انهن چيو ته با با ريا ڪاري ، عجب مان ،وڏائي وغيره هي سڀ بيماريون آهن. جي هن جي باطن ۾ بيماري نه هجي ها ته هي ڪڏهن به الڳ ٿلڳ رهن وارو لباس نه پائي ها هن جو پيراڻو لباس پهرڻ ٻڌائي ٿو ته هن جي تحت الشعور ۾ (جنهن جي طرف هن وقت شايد پنهنجو ڌيان به نه هجي) جيڪا وقت اچڻ تي اچانڪ ظاهر ٿيندي . هي پاڻ کي ان جاءِ تي ويهڻ کان چو نه ٿو روڪي جتي هن کي ٻين کان الڳ سمجهيو وڃي. وغيره يعني ڪا ته اندر ۾ بيماري آهي .
    ان مضوع کي به اڳتي هلي ٻي قسط ۾ ظاهر ڪنداسين ته صوفي طبعن ڪنجوس هوندو آهي يا ڪو ٻيو راز هوندو آهي .
    اهو هن جي لاء گناه هوندو آهي جي هو ڪنهن نااهل اڳيان اها ڳالھ ڪندو آهي جيڪا ان ماڻهون جي لاءِ ناهي هوندي يا جنهن ڳالھ جي سمجهڻ جي ان ماڻهون ۾ اپروچ وسعت ناهي هوندي.
    هي ته هو ترجمو جو اوهان آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي . هي ترجمي جو به هڪ پهلو آهي جنهن جي نگاه جيتري بلند هوندي آهي اهو عارف جي ڳالھ کي اوترو سمجهندو آهي ٿي سگهي ٿو ڪجھ دوستن کي جن جي عرفان ۾ منزل اعليٰ هجي اهي هن ترجمي تي کلن.

    هاڻي هن شعر جي هڪ پهلو تي اچونٿا ته شاھ صحب جيڪو چيو آهي ته صوفي سير سڀن ۾ جيئن رڳن ۾ ساھ جنهن جو لفظي ترجمو اهو آهي ته صوفي جو سير هر سمت ڏانهن هوندو آهي ، ڇا مطلب ؟. اهي سمتون آهن ڪهڙيون جن ڏانهن صوفي جو صفر ۽ هر سمت ڏانهن هن جو سفر هوندو آهي ڪا سمت هن جي سفر کان کالي ناهي هوندي .
    [/justify]
    [justify]ان جي مطلق سالڪن جو چوڻ آهي ته هڪ انسان هڪ ئي وقت ڪئي محاظن تي مطلوب هوندو آهي هڪ ئي وقت انسان جو جُهد ڪيترن ئي منزلن تي هوندو آهي هاڻي جيتريون انسان ۾ صفتون آهن انهن سڀني صفتن تي انسان گهربل آهي مثال انسان ۾ ڪهڙيون صفتون آهن ، بهادري ، سخاوت ، عدالت ، شجاعت ، عدل ، حياء ، صبر ، شڪر، پرداداري ، رحم، ڪرم وغيره [/justify][justify]ايتريون سمتون آهن انسان جي ذات ۾ جنهن جو شمار ڪونهي . هاڻي هي انسان هڪ ئي وقت انهن سڀني محاظن جو محافظ آهي، ته صوفي اهو آهي جيڪو هڪ ئي وقت انهن محاظن تي موجود ائين رهندو آهي جيئن رڳن ۾ ساھ .[/justify]
    اسان جي معاشري ۾ ته صوفي ان کي چيو ويندو آهي جيڪو هڪ جاءِ تي ويهي بس ويٺو الله الله ڪري، نه سائين اها صوفي جي تشريح شاه صاحب جي شعر جي روح جي حساب سان بلڪل غلط آهي اسان جي معاشري ۾ جنهن کان ٻار پالڻ نه پڄن اهو گودڙي ڳلي م وجهي ٿو نعرا هڻي ته آء صوفي آهيان الله هر انسان جون ذميداريون رکيون آهن ۽ اهي ذميدارريون ئي انسان جو اصل امتحان آهن انهن امتحانن کان ڀڄندڙ الله وارو نه ٿو ٿي سگهي هي جيڪي اولياءِ الله وارن جا واقعا اسان وٽ مُروج آهن اهي دل کان تسليم نه ٿا ٿين .
    [justify]هڪ انسان هڪ ئي وقت انهن محاظن تي ڪيئن موجود رهي سگهي ٿو انشاءِ الله ان موضوع کي اڳين قسط ۾ ڇيڙينداسين. جاڏي پير تاڏي خير
    وسلام[/justify]




    ٻيون شعر داستان پنجون.​

    سوفي سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساھ
    سا نه ڪري ڳالهڙي ، جئن پويون پروڙي پساھ
    آهيس اي گناه ، جي ڪا ڪري پڌري​

    اسان جيڪو موضوع چونڊيو اهي ان جي اسانجي معاشري ۾ غلت طريقي سان ترويج ٿي رهي آهي ۽ اسن جو نوجوان به ان غلت رجحان ڏانهن تيزي سان وڌندو نظر پيو اچي .
    اسن هن شعر جو جيڪو پهلو کنيو آهي اه اهو آهي ته انسان هڪ ئي وقت گهڻ محاظن جو محافظ آهي . انسان جيڪو ڪائنات ۾ الله جو نائب آهي اهو مرتبو هن کي بغير جُهد ائين ئي عطا ناهي ڪيو ويو . مثال جي اسان چئون ته انسان فرشتن کان افضل آهي ته ان ۾ ڪا غلط ڳالھ ڪانهي . فرشتي ويچاري کي ڪهڙي خبر ته گهر جا مسائل ڪيئن هوندا آهن. فرشتي ويچاري کي ڪهڙي خبر ته زال مڙس جا حقوق چا آهن . هاڻي جي ڪو انسان زماني کان لا تعلق ٿي ڪري وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي رهي ۽ چئي ته بس بابا منهنجو ڪم آهي الله الله ڪرڻ ته پوءِ سڀ کان وڏو صوفي ته فرشتو آهي جيڪو نه کائي نه پيئي نه ڪنهن ٻئي جو سوچي نه ٻئي ڪنهن کي سمجهي بس هڪ ڪم اٿس جي سجدي ۾ آهي ته سجدي ۾ جي رڪوع ۾ آهي ته رڪوع ۾ .نه سائين هي تعريف بلڪل صوفي جي برخلاف آهي هاڻي هن موضوع تي مون ايتري ڪوشش ڪئي آهي تهاڳيان شعر پيش ڪرڻ ۾ سَوَلائي ٿي ويندي. جي صوفي جو سفر سفاتي نه هجي ها ته شاھ صاحب ڪڏهن به هي شعر نه پڙهي ها يا چوي ها ،
    شاھ صاحب صوفي جي اڳين وصف ٿا ٻڌائين هي ٽئين شعر جي پهرين سٽ آهي
    ڏنئي ڏکويا، اڻ ڏني، راضي ٿيا
    صوفي تي ٿيا، جئن ڪين کنيائون پاڻ سين.


    صوفي جي هي وصف آهي ته جڏهن هنکي ڪجھ ملندو آهي ته هي ڏکيارا ٿي ويندا آهن هنن جو هر ڪم رضا ءِ محبوبو سان جڙيل هوندو آهي هنن جو ڪو فعل سواءِ سڄڻ جي ٻي ڪنهن لاءِ ناهي هوندو هنن کي پنهنجي عمل جي جزا جي ضرورت ناهي هوندي. سوره دهر ۾ ان جي مطلق اشارو ملي ٿو. هي صوفي ان لاءِ ٿيا جو هنن دنيا جو ڪو سامان پاڻ سان ناهي کنيو. هاڻي اڳتي وڌجي ته شاه صاحب صوفي جي عجيب صفت بيان ڪئي آهي ..
    صوفي لا ڪوفي ، ڪو نه ڀائينس ڪير
    منهجيان ئي منجھ وڙهي ، پڌر ناهيس پير
    جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.

    هي شعر هن داستان جو چوٿون شعر آهي جنهن جي هر سٽ پنهجي دامن ۾ عالمگير انسانيت جا مسئلا سلجهاڻ جا بهترين ڏس ڏئي ٿي .[/i]

    صوفي لا ڪوفي ، ڪو نه ڀائينس ڪير ​

    صوفي منافق ناهي هوندو (ٿي سگهي ٿو ته ڪو ساٿي منهنجي هن لا ڪوفي جي ترجمي سان متفق نه ٿين ته لا ڪوفي مان مراد ڪوفي ڪردار ڪونهي پر اها ڳالھ اسان جي ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته اهو لفظ ڪوفين جي منافقت جي ڪري اسان وٽ مهاوري ۾ استعمال ٿيندو آهي ته هي ته ڪوفي آ يان ملڪ مدينو ماڻهون ڪوفي جا وغيره)ته صوفي ڪوفين جيان ڌوڪيباز ناهي هوندو. جيڪو هوندو آهي اهو سچ هوندو آهي ان لاءِ ان کي ڪير ناهي ڀائيندو. هن جي ذات ۾ مذهبن جي ملاوٽ ناهي هوندي ان جي مثال جي ائين ڏيان ته هڪ مسلمان ۽ هڪ يهودي جي وچ ۾ جيڙو ٿي پيو ته يهودي چيو هل فيصلو تنهنجي نبي صه وٽ ٿا ڪرايون مسلمان چوڻ نه فيصلو فلاڻي مسلامن وٽ ٿا ڪرايون. يهودي چيو ته آءُ ٿو چوان ته فيصلو ٿا تنهنجي نبي صه وٽ ڪرايون ۽ تون ٿو چوين نه ڪنهن ٻي وٽ ٿا ڪرايون ، آخر ٻين ماڻهن به چيو ته جي يهودي فيصلو تنهنجي نبي وٽ ٿو ڪرائي ته تون وڃ وڃي پنهنجي نبي وٽ فيصلو ڪراءِ . آخر ڪار اهو فيصلو نبي سائن جي درٻار ۾ پهتو ته پاڻ صه جن فيصلو يهودي جي حق ۾ ڏنو . ته صوفي جيڪو نبي جو پيروڪار هوندو آهي ان جي هڪ وڏي حقيقت اها هوندي آهي ته هو ڳالھ اها ڪندو آهي جيڪا الله ان جي رسول جي حڪم جي مخابق هوندي آهي اسان جي معاشري ۾ اڪثر اها ڳالھ ٻڌي ويندي آحي ته ادا لٺ ڀاء جي طرفان هڻبي باقي ڳالھ خدا ڪارڻ ڪبي . هي جملو صوفي جي مزاج جي بلڪل ابتڙ هوندي آهي. ڇو جو هو ته ڳالھ ئي اها ڪندو آهي آهي جيڪا هن جي ضمير جي پڪار هوندي آهي هو پنهنجي ضمير جي آواز کي الله جي آواز سمجهندو آهي هو پنهنجي من جي آواز کي پنهنجي امام جي آواز سمجهندو آهي .

    بس هن سٽ کي واضع ڪرڻ لاءِ هڪ درويش جي مثال ڏيندس .
    هڪ درويش گرمي ۾ منجهند جي وقت هڪ رستي تان گذري رهيو هو. رستي ۾ گدرن جي واڙي هئي فقير جيڪو فاقه ڪش هوندو آهي جڏهن هن جو گذر ان واڙي کان ٿيو ته هن کي هن جي اندرين دشمن چيو اڄ واڙي مان ڪو گدرو پٽي کاراءِ. فقير چيو ائين نه ڪر هن جو مالڪ ڪونهي اهو فعل چوري جي زمري ۾ ايندو الله ڏسي ٿو هو انسان جي ساھ واري رڳ کان به ويجهڙو آهي.
    وري اندر جي آواز آئي ڪو مسئلو ڪونهي الله رحيم و ڪريم آهي تون پريشان نه ٿي ڪير به ڪو نه ٿو ڏسي.
    آخر هن فقير ڇا ڪيو جو زمين تي ويٺو ۽ اتان هن رومال ۾ ٻه ڀتر وڌا. جڏهن هي ڀتر پٺي جي پٺيان ورائي هليو ته واڙي جي مالڪ جيڪو اڳئي چور کي پڪڙڻ لاءِ ڪنهن وڻ تي لڪو ويٺو هو هن فقير کي هڪل ڪري اچي پهتو. اچڻ سان هن جي هٿ ۾ لٺ هئي هن کي بح ٽي وهائي ڪڍيائين . هي درويش چُپ رهيو. جڏهن مالڪ رومال کولي ڏٺو ته هن فقير کان پڇيو تو ٻڌايو ڇو نه ته هي گدرا ناهن. هن مهراه چيو تو مون کان پڇيو ئي ڪو نه ، ۽ هي درويش پنهنجو اندا ئي اندر ۾ چوڻ لڳو ڏيحوال کاڌئي گدرا آيو مزو شڪر ڪر جو هي ڀتر هيا جي واقعي گدرا چوري ڪري کائين ها ته ٻڌاءِ ڪهڙو حشر ٿئي ها.هن جي ڀڻ ڀڻ تي همراه فقير کان سوال ڪيو ڇا ٿو چوين هن چيو ڪجه به نه .
    ته درويش جو جهڙو پنهنجو پاڻ سان هوندو آهي هن جو جهيڙو پنهنجي
    نفس سان هوندو اهي جنهن سان وڙهڻ لاءِ نه ڪنهن هٿيار جي ضرورت
    .هوندي آهي نه ڪو هن جو نشان ئي نظر ايندو آهي


    جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.
    هي سٽ به عجيب آهي جنهن ۾ صوفي جي عجيب علامت نشاني ٻڌائي آهي ته صوفي اهو هوندو آهي جيڪي هن ساڻس وير رکندا آهن انهن جو ئي همراهي هوندو آهي .پر زهن ۾ هڪ شي رهي ته صوفي اهو هوندو اهي جيڪو هر شي ۾ سير ڪندو آهي . جي. حضرت علي عه جو فرمان آهي ته غلط ڳالھ تي عصو اچڻ شرافت جي نشاني آهي ، ۽ غضي کي پي وڃڻ مومن جي نشاني آهي در اصل غصو جي انسان جي صفت۾ آهي ته پوءِ شي ته صحيح آهي پر اسان کي ڪٿي ان جو استعمال ڪرڻو آهي ڪٿي ان جو استعمال ناهي ڪرڻو . حقيقت ۾ هر شي جو صحيح استعمال عبادت آهي . هن سٽ جي حوالي سان هڪ واقعوپيش ڪري هن قسط کي هتي پنهنجي پڙهيل سبق کي بند ڪندس. ڪندس هڪ فقير کي ان جي نفس تنگ ٿي ڪيو هي شهر مان گذري رهيو هو ته هن چيو ڇو نه ڀلا هن کي ڪٿان جوتا هڻايان اڳيان هليو ته هڪ ڄڃ ٿي گذري فقير گهوٽ جي منهن مٽي جو ٻڪ ڀري اڇلي هنيائين . گهوٽ جو پي سالڪ هو گهوٽ چيو ڏسو هن کي نه ماريو هي بابي جي برادري جو ماڻهون ٿو لڳي هن کي بابي جي سامهون پيش ڪيو . جڏهن گهوٽ جي پي هن فقير تي نگاه وڌي ته هو سمجهي ويو ته هن جي مار کائڻ جي مرضي آهي . گهوٽ جي پي جي ان مجذوب کي چيو ته يار اسان کي ڇڏ ڪو ٻيو در تاڙ اسان في الحال شادي تي وڃون پيا . هي جي ٻه واقعا مون اوهان جي سامهون پيش ڪيا آهن مون ڪنهن به مقام تي اها ڳالھ ناهي ڪئي ته اهي ٻئي مجذوب، فقير ، درويش صوفي هيا نه صوفي اڃان ڪنهن ٻي منزل جو نالو آهي صوفي جو سير هر جُهت ڏانهن هوندو آهي اها ته مجذوبانه ڪيفيت آهي صوفي ان کان اتاهائين مقام جو رهواسي آهي .
    انشاءِ الله باققي زڪر اڳين قسط ۾ ڪنداسين.
    وسلام
    [/justify]
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون (قسط ٻين)




    شاه عبداللطيف سنڌيءَ جو واقعي به سرتاج شاعر آهي. لطيف جي ٻولي ئي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ جي ضمانت آهي شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. شاه صاحب جو اهو اسان تي وڏو احسان آهي جو اهڙي لازوال ۽ ڪمال واري شاعري سنڌي ٻولي کي ڏئي ڪري سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي۔ توهان سنڌي ادب مان اگر شاه جي شاعري ۽ سندس شخصيت کي الڳ ڪندا ته توهان کي سنڌي ادب خالي خالي ۽ اڻ پورو لڳندو۔ ڀٽائي جو فڪر دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي پنڌ جوپڻ ڏس پتو آهي، ( ڏاڏل صاحب ) مان توهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ ۽ لازوال پيغام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ڪيترن ئي جنمن جي عقل ۽ علم جي ضرورت آهي، مگر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ۽ شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ۽ شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي مگر اها انسان جي فطرت آهي ته هميشه پنهنجو قابل ماڻهو هن کي گهٽ ۽ ٻئي قوم جو ناقابل ماڻهون به هن کي وڌيڪ نظر ايندو آهي۔ ۔۔۔۔۔ ادا ڏاڏل صاحب توهان جي شاه صاحب تي لکڻ جي ڪوشش تعريف جوڳي آهي، ۽ توهان شاهه صاحب جي صوفي واري خيال کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا پڻ تعريف جي لائق آهي، باقي ادا صوفي ته هوندا ئي لاڪوفي آهن۔جنهن لاء وڌيڪ معلومات اوهان کي علامه آء آء قاضي صاحب جي لکيل ڪتاب صوفي لا ڪوفي ۾ ملي سگهي ٿي۔ .
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون (قسط ٻين)

    سائين ممتازصاحب اوهان جا لک لائق جواوهان اسانجي ٽٽل الفاظن کي اهميت به ڏني سائين پرحقيقت ته اها به آهي ته مونکي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تي آئيگهڻا ڏينهن ٿيويا آهن پر حقيقت اها آهي ته هن فورم تي به گهڻن ڏينهن کان اهو سوچيم پئي ته ڪٿان شروع ڪجي سو ڪالھ لطيف سرڪار کيپڙهندي پڙهندي وڃي ان موضوع تي نظر پئي ڪوشش ڪبي ته پنهنجيڪم علميجيمطابق جيترو پڄندو ڪوشش ڪندس۔
    دعائن جو متمني
    وسلام
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اچو ته شاھ صاحب جي شعرن ۾ صوفي ڳوليون (قسط ٻين)

    ادا سٺي ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو