ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو پنٿُ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي ڪو ميراثي ڪَلونَتُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو مُلان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي ڪو روزيدار نمازي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو رَدِ چوي ڪو بَدِ چوي، ڪو بيديني بيحد چوي ڪو مُشرڪ ڀي مُلحِدُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شِرُ ڀريو شيطان چوي ڪو بزرگ ڪومستان چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو سُستُ ڪو چست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي ڪو عاشق روزِالست چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رهنماءُ رفيق چوي ڪو غرقيءَ منجهه عميق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو رنگ ڪوئي بيرنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي ڪو ازلي مست موالي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اها برحق چوي مون کي مرشد عبدالحق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪو خاص چوي ڪو عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي ڪو ”سچو“ سچو نام چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان سچل سرمست
جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان سائين باري ڀٽي صاحب لک قرب اوهان سچل جي ڪلام مان وڻندڙ چونڊ اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔ سچل جي هن ڪلام کي موٽڻ شاهه ۽ بابو غلام حسين فقير پنهنجي وجداني ڪيفيت ۾ ڳايو آهي۔ هن ڪلام جي وڊيو هيٺ پيش ڪجي ٿي:
جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان زبردست سائين، ڀٽي صاحب ۽ وسان صاحب ڄڻ ته ايمان تازو ڪري ڇڏيو آهي، صوفين جا اهي روحاني رمز اصل دل ۾ گهر ڪري ٿا وڃن
جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ادا سلمان وساڻ صاحب ، توھان جا لک قُرب ادا پسند ڪري توھان مون فقير جي حوصلا افضائي ڪئي ۔۔۔ لک ٿورا ادا مھرباني
جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان ادا يونس ملڪاڻي صاحب بلڪل دل جي ڳالھ ڪئي اٿئو واقعي ايمان تازو ٿي ويو ۔۔۔ توھان جا لک قُرب ادا
جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان واه سائين لاجواب ونڊڪيو اٿو سچل سارو سچ ٻيا پنڌ مڙئي اجايا۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين
جواب: ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان سچل سارو سچ لاجواب ونڊ آهي ادا جاري رکجو سدائين گڏ