قائداعظم جي جنم واري حقيقي جاءِ ڪهڙي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]مونکي ياد آهي ته جڏهن کان اسان درسي ڪتاب پڙهيا آهن ته انهن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم جي جاء وزير مينشن کارادر ڪراچي آهي پر اسان جا وڏڙا ٻڌائن ٿا ته هنن پنهنجي وقت جي درسي ڪتابن ۾ قائد اعظم جو جنم هنڌ جهرڪ پڙهيو آهي جيڪو ٺٽي ضلعي ۾ آهي۔

    ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ حميرا علواڻي پاران ٺهراء پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪراچيء بجاء جهرڪ کي قائد اعظم جي جنم جاء پڙهيو وڃي۔ 1996 ع ۾ ان وقت جي وزير اعلى سيد عبدالله شاهه هڪ ڪميٽي ٺاهي هئي جنهن جهرڪ ۾ ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ سان گڏ تحقيقات پڻ ڪئي هئي۔ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته قائداعظم جي شخصيت کي تڪراري نه بڻايو وڃي. 1948ع ۾ محمود اي هارون جي آجياڻي ۾ تقرير ڪندي قائداعظم پاڻ چيو هو ته هو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو آهي. سردار احمد چيو ته جيڪو شخص پاڻ چوي ته هو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ته پوءِ ان ڳالهه کي تڪراري نه بڻايو وڃي، آئون قائداعظم جي اها تقرير اربع تي ايوان ۾ پيش ڪندس. قائداعظم جي پاسپورٽ ۽ ٻين دستاويزن تي پڻ سندس جنم ڀومي ڪراچي لکيل آهي.

    گُل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي ۾ لکي ٿو ته جهرڪن ۾محمد علي جي ڏاڏي جي نالي ”پونجا جو پٽ “ اڄ به مشهور آهي جيڪو بعد ۾ قائداعظم جي والد جيڻا جي حصي ۾ آيو هو جتي خوجن جي هڪ پراڻي عبادت گاهه اڄ به آهي ۽ هتي قائداعظم پيدا ٿيو ۽ هتي اسڪول ۾ به داخل ڪيو ويو جتي ان جو نالو ”محمد علي جيڻا ڀائي خوجاڻي“ هو. سندس نالو اسڪول جي رجسٽر ۾ به موجود هو. ون يونٽ جي وقت کان اڳ جملي سرڪاري توڙي خانگي ڪتابن، رسالن، اخبارن، سنڌ ۽ پنجاب بورڊ جي نصابي ڪتابن ۾ قائداعظم جو جنم هنڌ جهرڪ لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ان کي جهرڪن ۾ داخل ڪيو ويو. نالو اسڪول ريڪارڊ ۾ به موجود هو. اهو نالو عبدالله شاهه جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هو ته هڪ ڪاميٽي جاچ لاءِ موڪلي هئي جنهن ۾ وزير تعليم پيار علي الانو، سينيٽر امداد اعواڻ ۽ محمد بخش خاصخيلي هئا. اهو ريڪارڊ انهن به ڏٺو هو۔ چون ٿا ته لفظ جيڻا انگريزيء ۾ جناح ۾ تبديل ٿي ويو۔

    هاڻي مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ته ايترن سالن کان هي تڪرار ڇو ختم ناهي ٿي سگهيو؟؟ ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اهو سمجهيو به وڃي ته جهرڪ قائد اعظم جي جنم جو هنڌ آهي ته ان مان ڪهڙا فائدا آهن۔ ٿي سگهي ٿو ڪي فائدا هجن ته مان اهي سمجهڻ چاهيندس۔ جهرڪ به سنڌ آهي ته ڪراچي به سنڌ آهي ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: قائداعظم جي جنم واري حقيقي جاءِ ڪهڙي آهي

    سائين سٺي پوائنٽ ڊسڪس لا رکي اهي ته آخر قائداعظم کي جهرڪ جو مڃڻ سان ڪهڙو فرقپوندو؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو