اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته اسان کي پيپير جي ٻنهي پاسي پرنٽ ڪڍڻو هجي ٿو ۽ اسان کي پڪ ناهي هوندي ته پرنٽ ٿيل پاسو مٿي رکون يا هيٺ۔ ۽ انهي ڪشمڪش ۾ هڪ ئي سائيڊ تي 2 دفعا پرنٽ ٿي ويندو آهي ۽ پيپر توڙي وقت جو زيان۔ ۽ خاص ڪري جڏنهن اسان ڪنهن ٻي هنڌ وڃي پرنٽ ڪڍندا آهيون ته الاهي پريشاني ٿيندي آهي ڇو ته پنهنجي پرنٽر تي هڪ ٻه دفعا غلطي کان پوءِ ياد ٿي ويندو آهي۔ پر پرائي پرنٽر جي سيٽنگ جي خبر ناهي هوندي۔
ان جو آسان حل آهي ته مٿي ڏيکاريل تصوير ۾ ڏنل نشانين 1 ۽ 2 مان ڪا هڪ هر پرنٽر ( پوءِ اهو ڪهڙي به ڪمپني جو هجي) ان جي انهي حصي تي ضرور ڏنل هوندي آهي جتي پيپر پرنٽ ڪرڻ لاءِ رکبو آهي ۔
اوهان هنن تصويرن کي پيپر سمجهو جنهن جي هڪ ڪنڊ وريل آهي (يعني پيپر جو ٻيو پاسو ٿو ڏسجي)۔ تصوير ۾ نمبر 1 جو مقصد آهي ته اوهان پرنٽر ۾ پيپر رکندوء ته ان جي مٿين سائڊ پرنٽ ڪڍندو۔ تصوير 2 جو مقصد آهي ته اوهان پيپر رکندوء ته ان جي هيٺين سائيڊ تي پرنٽ ايندو۔
لڪيرن جو مقصد آهي اها سائيڊ جنهن تي پرنٽ نڪرندو۔