جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو سائين ملڪاڻي صاحب الله پاڪ اوهان کي نيڪ ڪم جو اجر ڏيندو سڀني دوستن کي ۽ وس وارن کي عرض آهي ته پنهنجي وت آهر هن نيڪ ڪم ۾ هٿ ونڊاين ۽ هن گل جهڙيء حياتيء کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔
جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو مهرباني وساڻ صاحب، اسان جي هي ننڍڙي ڪاوش آهي متان الله اسان جي هٿان هن معصوم جي زندگي جي شفا لکي هجي، زاهد علي ملاح اسان سڀني جي ڪوششن سان انشاالله ضرور صحتياب ٿيندو
جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو زاهد علي جي مڪمل چيڪ اپ لا کيس اڱاري جي ڏينهن ڪراچي وٺي اينداسين جتي ماهر ڊاڪٽر سندس مڪمل معائنو ڪندا ۽ سندس علاج تجويز ڪندا، دوستن کي گذارش آهي ته ننڍڙي زاهد علي جي صحتيابي لا دعا ڪن
جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو پاڪستان ۾ جنهن به ٻار جي دل ۾ سوراخ هجي ته ان جو مفت علاج ٿي سگهي ٿو رابطي جي لا خواجا رياض (03468985269) تفصيل هتي ڏسندا
جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو ادا بشير توهان جي مهرباني پر اهو همراهه فون بند رکيو ويٺو آهي آئون 15 ڏينهن کان ڪوشش ۾ آهيان، ميسيج به ڪيو اٿم پر لڳي ٿو ڪنهن مذاق ڪيو آهي
جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو ادا يونس ملڪاڻي سابقه ايڊيٽر آف باب الاسلام يا مون کان ڀل ٿي رهي آهي ؟ ادا جيڪڏهن نمبر مسلسل بند آهي ته توهان ڄاڻايل لنڪ تي رجسٽر ٿي انس نضر صاحب کي ذپ ڪيو انس نضر صاحب انتهائي ذميدار ۽ نالي وارا اسڪالر آهن جيڪڏهن فيڪ نمبر هجي ها ته پاڻ فورم تي شيئر نه ڪن ها
جواب: دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ ورتل غريب ٻار جي مدد ڪريو ها ادا بشير فقير کي صحيح سڃاتو اٿئو، اوهان پنهنجي تصوير ناهي ڏني سو سڃاڻپ کان چڙهيل آهيو ، ادا لنڪ تي ميسيج ڪيو اٿم اوهان به ڪريوس متان اوهان کي رپلائي ڪري