گهاٽي ننڊ سمهڻ وارن لاءِ الارم ڪلاڪ پهرين گهڙي ڪڪڙ ۽ انڊن واري گهڙي. هيءَ ڪڪڙ واري گهڙي الارم وڄائيندي رهندي ۽ انڊا ڏيندي رهندي ۽ انهيءَ وقت تائين نه بيهندي، جيستائين توهان سمورا انڊا انهيءَ ۾ واپس نه وجهي ڇڏيو. ٻين گهڙي اڏامڻ واري گهڙي – هيءَ گهڙي الارم وڄندي ئي اڏرڻ لڳندي آهي. هن جو الارم بند ڪرڻ لاءِ توهان کي ٽُپ ڏيئي انهيءَ کي پڪڙڻو پوندو، انهيءَ کان پوءِ ئي الارم بند ڪري سگهو ٿا. ٽين گهڙي هن الارم گهڙيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ صحيح ترتيب سان لڳائڻو پوندو ۽ ظاهر آهي ته انهيءَ جي ترتيب بتي ٻارڻ کان سواءِ ۽ اکيون کولڻ کان سواءِ ٿي نٿي سگهي. چوٿين گهڙي هيءَ سڀني کان سٺي گهڙي آهي ۽ تمام مشهور گهڙي آهي. الارم وڄندي ئي هيءَ گهڙي پاڻهي ٽيبل تان اڏري ويندي آهي ۽ اڏرندي اڏرندي پاڻهي ڪنهن جاءِ تي لڪي پوندي آهي. توهان پريشانيءَ ۾ انهيءَ کي ڳولهيندا رهندا ته جيئن هن جو وات بند ڪري سگهو. پنجين گهڙي هن گهڙيءَ جو الارم تيستائين بند ناهي ٿيندو، جيستائين توهان هن جو ڳلو چڱيءَ طرح نه دٻايو. ۽ ظاهري ڳالهه آهي، جنهن کي هنن سڀني گهڙين مان به ڪو فائدو نه ٿئي ته پوءِ ان لاءِ هيءَ گهڙي آهي:
واه ادا ابو زين ......... مون سان اهو سدائين مسئلو رهيو آهي ته بيڊ جي ڀر ۾ رکيل ٽيبل تي الارم وڄائڻ واري گهڙي کي هڪ ئي جهٽڪي سان بند ڪري ڇڏيندو آهيان.... ۽ پوءِ جڏهن ٻيهر اک کلندي آهي ته آفيس وڃڻ جي سموري تياري ڊوڙي ڊوڙي ڪرڻي پوندي آهي ايستائين جو ناشتو به آفيس ۾ پهچي ڪندو آهيان.... منهنجي لاءِ ته توهانجي موڪليل ٻيو نمبر گهڙي ئي بهتر رهندي.... پر يقينن تنهنجي آندل آخري گهڙي لاءِ علي علي ۽ وهاب جهڙا ٻيا به ڪيترائي ساٿي ضرور هوندا....
ادا رشيد، اهو آخري الارم به ڪجه ڏينهن کانپوءِ ماءُ جي لوريءَ وانگر نه ٿي پئي مون ڪيترن ئي امڙين کي ڏٺو آهي ته هو ٻارڙي جي مٿي ۽ ڪنن تي پنهنجي هٿ سان سٺا ڌڌڪا ڪڍنديون آهن، جن سان ٻار اهو سمجهندو هوندو ته سمهي پئه نه ته الائجي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ سو ڀائڙا اهو لڪي وڃڻ وارو گهڙيال سهي ٿيندو جو ڳولهي ڳولهي، گاريون گند ڏئي آخر ۾ اک نڀاڳي ضرور کلي پوندي ... سو آءُ اڄ ئي مارڪيٽ ۾ وڃي وٺانٿو ... علي علي لئه ته اڃان به ڪو بلڊوزر نمان گهڙيال هجي جو ڪافي ڏينهن کان ستو پيو آهي ... سنڌ سلامت جي اڱڻ تي نظر نٿو اچي ... asul mattasul mattasul matt hall charihall charihall chari
بروبر (برابر) ادا hall charihall charihall chari ادا ابو زين لاجواب شيئرنگس پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو sindhsalamatsaathsal
ادا رشيد اوهان لاٌءِ اهو آخري گهڙيال ئي بهتر رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي اوهان جي جسامت جي حساب سان ٻيا ڪجهه گهٽ آهن۔