• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوٽيوب وڊيو بابت هڪ ٽِپ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڪثر ائين ٿيندو آهي جو توهان يوٽيوب سائيٽ تان پنهنجي پسند جي وڊيو سرچ ڪندي ڪيترائي پيج هڪ ئي وقت کوليندا آهيو۔۔۔ يا وري فيس بوڪ تي توهان جي دوستن طرفان ونڊ ڪيل وڊيوز کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن هڪ وڊيو کي هلندو ڇڏي وري ٻي وڊيو کي ڏسڻ شروع ڪندا آهيون۔۔۔
اسان جي اهڙي عمل ڪرڻ ڪري اهي دوست جن وٽ نيٽ جي رفتار گهٽ هوندي آهي سي وڊيوز جي بفرنگ ڪري منجهي پوندا آهن۔۔۔ جنهن ڪري يا ته وڊيوز جا کليل پيج بند ڪري ڇڏيندا آهن يا وري فيس بوڪ پيج کي ريفريش ڪندا آهن جن سان سندن ايڪٽِوٽي متاثر ٿيندي آهي۔۔۔

اهڙي صورتحال کان نڪرڻ لاءِ مون اڳ ئي هڪ ايڪسٽينشن بابت موضوع ونڊ ڪيو آهي جنهن تي مائوس رکي وڊيوز جو پيش منظر ڏسي سگهجي ٿو ۔۔۔ پر هتي توهان کي هڪ ننڍڙي ٽپ ڏسي رهيو آهيان ۔۔۔
توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته بفرنگ دوران سلائيڊر کي ڊريگ ڪري آخر ۾ کڻي وڃو ۔۔۔ ائين ڪرڻ سان وڊيو ٿوري دير ۾ ئي رڪجي ويندي۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان کي هي حل پسند نه اچي ته بفرنگ ڪندڙ وڊيو مٿا مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ اسٽاپ ڊائونلوڊ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

pause-youtube.gif

اميد ته دوستن کي هي ٽِپ پسند ايندي۔۔۔
 
Back
Top