دوستو هي هڪ اهڙي ٽپ آهي جيڪا ونڊ ته ڪمپيٽر ٽپس ۾ ڪرڻ کپي پر جنهن طريقي سان اهو ڪيو ويو آهي اهو هڪ ڀوڳ آهي۔ اڪثر ايئن ٿيندو آهي جو ڪنهن وڊيو ۾ آواز وڊيو کان يا ته اڳتي هلي رهيو هوندو آهي يا وري پوئتي۔ اسان جي هڪ دوست ڇا ڪيو جو 2 پليئرز کولي انهن ما هڪ ۾ آواز بند ڪري ڇڏيائين ۽ ٻي ۾ وڊيو ويٺي ڏٺائين۔ باقي سيٽنگ پاڻ ڪرڻي پوندي ته جيترو فرق ٽائيم جو آهي وڊيو ۾ اوترو وقت پليئر آن يا پلي ڪرڻ ۾ فرق رکڻو پوندو۔:no:
جواب: جڏنهن آواز ۽ وڊيو گڏ نه هلن۔ هاهاهاها واهه جو ٽپ آهي ۔ اهو ته اسان کي به ڪرڻو پوندو۔ واقعي ڪم واري شيئرنگ آهي
جواب: جڏنهن آواز ۽ وڊيو گڏ نه هلن۔ يار اڪثر منهنجا ننڍڙا منهنجي طرفان آندل ڪارٽون وڊيوز ان ڪري نه ڏسندا آهن جو اهي درست طريقي سان ڊبڊ ٿيل نه هونديون آهن۔۔۔ ڪئي دفعا اهو مسئلو پليئر جو سمجهي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيم پر بعد ۾ اهو سوچي ئي بس ڪري ڇڏي ته هي ڊبنگ صحيح ناهي ٿيل۔۔ پر ان مسئلو اهڙي طرح ڀوڳن ڀوڳن ۾ حل ملندو اهو سمورو ڪريڊٽ توهان ڏانهن ٿو وڃي۔۔۔
جواب: جڏنهن آواز ۽ وڊيو گڏ نه هلن۔ هاهاهاهاهاهاهاه! اهو ڪريڊٽ منهنجي هڪ ڪوليگ آفتاب ڪانڌڙو کي ڏيو جنهن اهو ڪم ڪيو۔ مون کي خوشي کان وڌيڪ کل آئي،