امريڪي سفير جو ڀٽ شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي جو دورو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    امريڪي سفير جو ڀٽ شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي جو دورو

    ڄامشورو/حيدرآباد/هالا (نمائندن وٽان) آمريڪي سفير ڪيمرون منٽر سوال اٿاريو آهي ته پاڪستان جي سرڪار کي اها وضاحت ڪرڻ گهرجي ته اسامه بن لادن ايبٽ آباد ۾ ڇا ڪري رهيو هو. ڪالهه حيدرآباد جي دوري دوران ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا مفاد ساڳيا آهن. مشڪلاتن باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتري ڏانهن وڌي رهيا آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا کي گڏجي دهشتگردي خلاف ڪم ڪرڻو پوندو، دهشتگردن کي هر صورت ۾ شڪست نصيب ٿيندي. هن چيو ته پاڪ آمريڪا دوستي مستقبل ۾ به برقرار رهندي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسڻ چاهيون ٿا. دهشتگردي خلاف گڏجي وڙهڻ چاهيون ٿا ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي مٿان اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪيترائي معصوم ماڻهو دهشتگردي جو شڪار ٿيا آهن پاڪستان کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته آمريڪا کي به ڪروڙين ڊالر اجايو جنگ تي خرچ ڪرڻ جو شوق ناهي پر اسين خطي ۾ مڪمل امن چاهيون ٿا. آمريڪا اعليٰ تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪالر شپون پاڪستان جي نوجوانن کي ڏئي رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيمرون منٽر چيو ته اسامه بن لادن عالمي دهشتگرد هو جنهن کي ختم ڪيو ويو، وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قانون موجب جنگ جاري آهي، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو احترام ڪريون ٿا. دنيا مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون، دنيا جا امن پسند ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏين، هن شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام کي ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي پرسڪون رهائش واري معاملي تي خدشا آهن، پاڪستان کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن ڇا ڪري رهيو هو؟ هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پوري خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردي جو خاتمو آڻيندو، اميد آهي ته انسانيت جي فتح واري ڪاميابي ضرور نصيب ٿيندي. هوڏانهن ڪيمرون منٽر پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر مرلين سان گڏ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. آمريڪي سفير جي ڀٽ شاهه پهچڻ تي ڊي سي او مٽياري ثاقب سومرو، مخدوم امين فهيم جي فرزند ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله، ڊي پي او عبدالهادي بلو، پير آف ڀٽ شاهه نازڻ سائين سندس استقبال ڪيو. آمريڪي سفير لطيف سرڪار سان گڏ سندس والد شاهه حبيب الله جي مزار تي پڻ حاضري ڀري ۽ درگاهه جي احاطي ۾ شاهه سائين جو راڳ ٻڌو. درگاهه جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئون پنهنجي گهر واري سان گڏ سنڌ جا تاريخي ماڳ، مڪان گهمي رهيو آهيان، اڄ هتي ڀٽ شاهه ۾ عظيم صوفي شاعر جي درگاهه تي پهچي حاضري ڀري آهي. هن چيو ته لطيف سرڪار جڳ مشهرو عالم ۽ بزرگ آهي، سندس درگاهه جي طرز تعمير هڪ شاندار نمونو آهي. هن چيو ته جيڪي شڪ شبها آهن، اهي ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا آمريڪا خطي ۾ امن چاهي ٿو، دهشتگردي جي خاتمي توڙي ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ پاڪستان سان مضبوط ۽ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. آمريڪي سفير جي انگريزي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ سندس زال ڊاڪٽر مرلين چيو ته آئون هن وقت پاڪستان جي انتهائي خوبصورت ترين مقام تي موجود آهيان، هتي اچي دلي سڪون ملي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن کيس خبر پئي ته لطيف سرڪار امن ۽ ڀائيچاري جو شاعر آهي ته ڀٽ شاهه اچڻ سندس حسرت بڻجي وئي ۽ اڄ اها حسرت پوري ٿي آهي، ان موقعي تي مخدوم امين فهيم پاران سنڌ جي ثقافت رلي، لونگي ۽ ٻيو سامان آمريڪي سفير کي تحفي طور ڏنو ويو. جڏهن ته ڊي سي او مٽياري سنڌ جي ثقافت اجرڪ، ٽوپي ۽ نصرپور جي تاريخي ٽائل جا نمونا گفٽ طور ڏنا. دوري دوران آمريڪي سفير کي شاهه جو رسالو ۽ ٻيا تاريخي ڪتاب پڻ ڏنا ويا. آمريڪي سفير ۽ سندس گهر واري انتهائي دلچسپي سان درگاهه لطيف کي گهمي ڏٺو. ان کان اڳ آمريڪي سفير جي آمد سبب لطيف سرڪار جي درگاهه کي زائرين کان خالي ڪرائي سيل ڪيو ويو. جڏهن ته درگاهه چاڙهي وارو علائقي جو ڪاروبار بند ڪرايو ويو. هن چيو ته ڊرون حملا جاري رهندا، ان کانسواءِ ٻيو ڪو حل ناهي


     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: امريڪي سفير جو ڀٽ شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي جو دورو!

    ساري رات سبحان، جاگي جن ياد ڪيو،
    تن جي عبدالطيف چئي، مٽي لڌو مان،
    ڪوڙين ڪن سلام، اچيو اڱڻ ان جي۔

    لطيف سرڪار جي فڪر کي دنيا هوند سمجهي وٺي ته هي دهشتتگردي ۽ انسان سان ٿيندڙ ڏاڍايون ختم ٿي وڃن ۔۔۔ لطيف سرڪار دنيا جو مفڪر آهي، سندس پيغام آفاقي آهي انڪري انجي اڱڻ تي اچي سلام ڀرڻ جو حق دنيا جي سڀني انسانن کي حاصل آهي ۔۔۔

    اسين آمريڪا جي سامراجي سوچ جي خلاف ضرور آهيون پر انسانيت جا علمبردار آهيون، انڪري دنيا جو هر انسان اسانجو ڀا آهي، اسانجو حصو آهي ۔۔۔

    لک ٿورا درويش جا جنهن هي سهڻو ونڊ ڪيو آهي۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: امريڪي سفير جو ڀٽ شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي جو دورو!

    بلڪل نثار سائين لطيف جي پيغام ۾ امن آهي اسان کي ان جو پيغام سمجهڻ گهرجي بلڪه دنيا کي سمجهائڻ گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌين جو مرشد ته عالمي امن جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ عالم سڀ آباد ڪرين جي دعا ٿو گهري، ان لا هن وقت پاڪستان جي جيڪا مجموعي صورتحال آهي ان جي پيش نظر سنڌ پرڳڻي کي الڳ نگاهه سان ڏٺو وڃي اسان هن وقت پاڪستان ۾ جيڪا رت جي راند هلي رهي آهي ان جو حصو هرگز ناهيون
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: امريڪي سفير جو ڀٽ شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي جو دورو!

    جي سائين بلڪل ادا اوهان جي ڳالهه صحيع آهي ۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: امريڪي سفير جو ڀٽ شاه ۽ سنڌ يونيورسٽي جو دورو!

    اسان پاڪستان جي دشمن جيڪو اسان جي گهر اچي ڌمڪيون ڌئي کي ويلڪم نه ٿا ڪريون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو