دوستو مخدوم طالب المولا جي شاعري اوهان سان ونڊ ڪجي ٿي، اميد ته پسند ايندي:
وئي عمر گذري خوب عطائون ڪندي ڪندي
ماڻهن گھٽايو ڪونه دغائون ڪندي ڪندي
راضي رکڻ ۾ ان کي مان ناڪام ئي رهيس
تسليم ان جون روز رضائون ڪندي ڪندي
هيء ڳالھ سمجھ ۾ ته اڃان ئي نه ٿي اچي
وڻندو وڃي ڇو جاني جفائون ڪندي ڪندي
مان دل ڏيڻ ۾ واقعي محتاط آهيان
ليڪن هو دل کسي ويو ادائون ڪندي ڪندي

ساڳي ڪلام کي محترمه عابده پروين به سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي