• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

شايد اسان وارو دوست عاشق سولنگي ڳوٺ ويل آهي ،تنهنڪري ڊزائين ڪيل شاعريء وارو سيڪشن اڌورو پئي لڳو۔ سوچيم ته ڇونه ڪجهه چونڊ شاعري دوستن سان ونڊ ڪجي۔ مرحوم احمد خان مدهوش جو غزل اوهان جي اڳيان حاضر آهي۔

سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سِرُ لڳي
دل جي دلبر من جي من سان سِرُ لڳي

وار ڇوڙي مون مٿان جنهن ڇانو ڪئي
تنهن جي وارن ۽ ورن سان سِرُ لڳي

هو جتان ڀي مور جيان آيو ويو
تن دڳن ۽ پيچرن سان سِرُ لڳي

ٿا لڳن ماکي ۽ مصري کان وڌيڪ
چاشني جهڙن چپن سان سِرُ لڳي

يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو
تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي


inxUg4.jpg

مٿين شاعريء کي تعمير حسين به سهڻي انداز سان ڳايو آهي، جنهن جي وڊيو به شيئر ڪجي ٿي۔


 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

ٿا لڳن ماکي ۽ مصري کان وڌيڪ
چاشني جهڙن چپن سان سِرُ لڳي

يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو
تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي


واه ادا لاجواب بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مدهوش جي شاعري واقئي مدهوش ڪري ڇڏيندي آهي
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

ادا سليمان
بهترين ادا ۔
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

تمام سٺي شاعري تمام خوبصورت موضوع ادا وساڻ صاحب واهه
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

احمد خان مدهوش جي شاعري ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي
پر سائين سليمان صاحب اوهانجي چترڪاري به ڪمال بي مثال آهي
تمام بهترين ونڊ
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

تمام بهترين شاعري آهي ان سان گڏ توهان ويڊيو ونڊ ڪري اصل ٿريڊ کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا

سدائين گڏ
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

واھ ادا واھ تمام ذبردست
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

ٿا لڳن ماکي ۽ مصري کان وڌيڪ
چاشني جهڙن چپن سان سِرُ لڳي

يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو
تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي


واه ادا لاجواب بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مدهوش جي شاعري واقئي مدهوش ڪري ڇڏيندي آهي

ادا عرس مهرباني

احمد مدهوش سنڌ جو هڪ بهترين شاعر هو ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان سندس دور جا ماڻهو آهيون
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

احمد خان مدهوش جي شاعري ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي
پر سائين سليمان صاحب اوهانجي چترڪاري به ڪمال بي مثال آهي
تمام بهترين ونڊ

مهرباني ادا وحيد

اسان ته ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔۔۔۔۔ پر سائين غضب جي شاعري آهي، جنهن دل کي موهت ڪري وڌو آهي۔
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

تمام بهترين شاعري آهي ان سان گڏ توهان ويڊيو ونڊ ڪري اصل ٿريڊ کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا

سدائين گڏ

فقير سائين قرب

اوهان مصروف هوندي ٻه اکر اسان لاء لکيا ۔۔۔اهي ٿورا آهن اوهان ڀائرن جا

پنهنجو خيال رکجو۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

واھ ادا واھ تمام ذبردست

ادا اوهان جا قرب

اميد ته اوهان به پنهنجي سلسلي کي جاري رکندا ۽ سنڌ سلامت تي ليک ونڊ ڪندا رهندا
 
جواب: يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو، تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي

واھ سائين واھ تمام بهترين
 
Back
Top