مسلمانن جا ڀلارا ڏينهن ويجها پر۔۔۔۔۔۔؟!!1

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابو محمد طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2011۔

  1. ابو محمد

    ابو محمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 اپريل 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    قم
    ماضي ۽ هاڻوڪي زماني ۾ ايڏو وڏو فرق! ڪالهه مسلمان حاڪم ۽ پنهنجي رعيت جا ذميوار هئا،۽ وري اڄ حڪومت ۽ بادشاهي ته آهي ۽ رعيت به آهي پر حڪومت يهودي ۽ نصراني ڪري رهيا آهن، ۽ مسلمان رعيت جا ذميوار مسلمان نه بلڪي يهودي ۽ نصراني آهن. هن دنيا ۾ ڏيڍ ارب مسلمان هجڻ باوجود اڄ جو مسلمان ڪافرن ۽ مشرڪن جو محتاج ۽ زرخريد غلام بڻيل آهي. آخر ڇو؟!! ڪالهه هر ڪنهن جي زبان تي مسلمانن جي سورهيائي(دليري)، شان شوڪت، عزت، غيرت ۽ جنگ ۽ جهاد جا چرچا هئا، نيزي، تير، تبر، خنجر ۽ تلوار سان کيڏڻ واري قوم اڄ ايتري ته ڀاڙي (بزدل) ٿي چڪي آهي جو يهودين ۽ نصرانين جي ٺَلهي ڌمڪين ۽ هَڪَل(للڪار) تي چپن تي چُپ جا تالا لڳائي خاموشي ساڻ انهن جي غلامي قبولي ورتي آهي. پاڪستان کان هندوستان، افغانستان کان عربستان، عراق کان فلسطين، بحرين کان يمن، قيروان کان قاهره وغيره تائين جتي به جنهن به جڳهه تي جنهن ڪنڊ ۾ به مسلمان رهن ٿا اتي انهن جي خون سان انهن سان ئي حولي کيڏي وڃي رهي آهي. ماڻهن کي جانورن جي تباهه ۽ برباد ٿيڻ تي افسوس ڪندي ڏٺو ويو آهي پر انهن کي انسانن جي قتل تي ڏک جو اظهارناهن ڪندا، انهن جي نگاهه ۾ انسان جي ته ڪا اهميت ئي ڪانهي! هر روز هر هڪ سيڪنڊ ۾ هزارين بي گناهه انسانن کي ماريو وڃي ٿو! صرف انهن جي جان نه پر انهن جو مال ،گھر ۽ ڌن دولت پڻ لُٽجي رهي آهي. ۽ ان تي اڪتفا نه ڪئي ويئي، ڏاڍ جي انتها ته اها آهي جو انهن جي ناموس تي وحشياڻا حملا ڪري انهن جي عزت کي پائمال ڪيو ويو.! جنهن جي زندهه مثال عراق، افغانستان، بحرين، يمن ۽ ليبيا جهڙيون سرزمينون اوهان جي اڳيان آهن. دنيا جي ذليل ترين شخص کي به پنهنجي ناموس تي ٽيڙهي نظر برداشت ڪونهي هوندي، ان کي به پنهنجي عزت پياري هوندي آهي، پنهنجي عزت تي جان جي بازي لڳائي ڇڏيندو آهي، ۽ پنهنجي عزت تي ظلم جو ڪو داغ ڏسندو آهي ته ظالم مٿان بکايل شينهن جيان ٽٽي پوندو آهي، اها حالت فقط انسانن ۾ نه بلڪي جانورن ۾ به ڏٺي ويئي آهي ته هو هر ممڪن صورت ۾ پنهنجي ناموس جي حفاظت ڪندو آهي، پر اڄ جي مسلمان کي ڇا ٿي ويو آهي جو سرزمين وحي کان اسلامي اقدار ۽ اسلام جي نياڻين جي عزت ۽ آبرو جي پائمالي لاءِ فوجين جي شڪل ۾ انسان نما درندا موڪليا وڃن ٿا! جنن کي نه پنهنجي اسلامي ڀائرن جو دانهون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن ۽ نه ئي وري ناموس جي مظلوميت ۽ انهن جون اڀ ڏاريندڙ چيخون! اڄڪلهه بحرين يمن سعودي عرب ۽ ليبيا...... جهڙيون سرزمينون مسلمانن جي بي گناهه خون سان رڱيل آهن! انهي ناحق خون جا ذميوار صرف ۽ صرف اهي ماڻهو آهن جنهن جي هٿن ۾ اسلام جون واڳون آهن. جنن جي جرات ايتري ته وڌي ويئي آهي جو سرعام مسلمانن جي بي حرمتي ۾ رُڌل(سرگرم) آهن، ۽ پوري مسلمان امت جي ڪنن تي جونءَ ئي ڪو نه ٿي چري!...
    اگر بحرين، يمن، ليبيا، تيونس، سعودي عرب ۽ مصر جي عوام، ڊڪٽيٽرن جي خلاف آوازنه اٿاري ها ته ان مڪارن، عياشن ۽ اسلام جي ڪوڙي دعويدارن جي مڪروهه چهرن تان انهن جي ڪوڙ جو نقاب ڪڏهن به نه لهي ها، ته اهي ڪيترا نالائق، بدصفت ۽ بدڪردار آهن. هڪ طرف هو پنهنجي عوام جو خون چوسي اسلام جي دشمنن تي نوازش ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف بيت الله جي تحفن سان يهودين ۽ نصرانين کي نوازيو پيو وڃي، ۽ انهن جي اشارن تي ڪٺ پتلي جيان نچي رهيا آهن!. ۽ انهن جي رعيت وري پنهنجي بنيادي حقن جي کسڻ ڪري پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪري رهي آهي!. اگرانهن جي رعيت پنهنجي حقن ڪري زبان پيا کولين ته انهن کي باغي چئي قتل ٿو ڪيووڃي يا وري قبائلي ويڙهه (فرقه واريت،شيعا سني) جهڙي باهه جي گرميءَ ۾ ٻار، نوجوان، پوڙها مرد ۽ عورتون سڀ جلي رهيا آهن.

    اڄ دنيا جا فاسق، فاجر حڪمران، مسلمانن جي مال ، ڌن دولت ۽ سرزمين تي قابض ٿي چڪا آهن يعني مال مفت دل بي رحم مال ڪنهن جو، دولت ڪنهنجي، جواهر ڪنهنجا، زمين ڪنهن جي، ۽ وري حڪومت ڪنهن ٻئي جي!!!! ايڏا سارا مسلمان ملڪ ۽ مسلمان ! پر انهن جي حالت تي اگر تبصرو ڪيو وڃي ٿو ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته انهن جي هٿن مان حڪومت، اقتدار ۽ دولت نڪري چڪي آهي، ڪالهه يهودي ۽ نصراني انهن جي اشاري تي هلندا هئا هاڻ مسلمان انهن ئي يهودين ۽ نصرانين جي اشارن تي ڪٺ پتلي جيان نچي رهيا آهن، جيئن هو چاهين پيا ٿئي پيو، جنهن جي زندهه مثال اسلام جا حاڪم خصوصاً عربي بادشاهه آهن. دنيا جا سڀ ڏاها حيرت منجهه آڱريون ڏندن ۾ ڏئي، چئي رهيا آهن ته اي ڪاش اگر اهي ئي فوجي عرب ڀائيچاري لاءِ فلسطين موڪليا وڃن ها ته بيت المقدس يهودين جي ناپاڪ هٿن مان ڪڏهن جو آزاد ٿي چڪو هجي ها پر افسوس!!!

    مسلمانن کي ٿي ڇا ويو آهي،! مسلمان ترقي بجاءِ بدبختي جو شڪار ڇو ٿي رهيو آهي؟ مسلمانن تي دشمن جو غلبو ڇو وڌي رهيو آهي. ان بدبختيءَ جو راز صرف ۽ صرف اهو آهي ته مسلمان قرآن ۽ اسلام سان پنهنجو رابطو مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ورنا اهڙي قوم جنهن وٽ قرآن جهڙي پاڪ ڪتاب هجي ، جنهن ۾ دنيا جي هر غم ۽ درد جو علاج ٻڌايو ويو آهي، اڄ هو اهڙي حالت ۾ آهي جو دشمن ان تي کِلي رهيا آهن.! هي ابتر حالت فقط ۽ فقط اسلامي آئين تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري ئي آهي. انهيءَ لاءِ مسلمان هر جڳهه تي مصيبتن ۾ گھِريل آهن، اگر اها ئي حالت باقي رهي ته اهو وقت پري ڪونهي جو دشمن مسلمانن کي زندهه دفنائين، ڇو ته قرآن پاڪ جو اٽل فيصلو آهي: ان الله لا يغير بقوم حتى يغير بانفسهم

    جيڪا قوم پنهنجي حالت نه ٿي بدلائي خدا ان کي انهيءَ حالت تي ڇڏي ڏيندو آهي.

    ڪالهه تائين جنهن قوم جي سرواڻن ۽ اڳواڻن دنيا ۾ ترقي ڪئي، اڄ انهيءَ قوم جا بدڪردار ۽ بد صفت بادشاهه ۽ انهن جي ڪوڙي بادشاهي عالم انسانيت کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ۽ سندن جي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري حيرت منجهان آڱريون ڏندن ۾ رکيل آهن، مولا اميرؑ پنهنجي فرمانن ۾ گھڻا ئي دفعا تڪرار ڪندو رهيو آهي ته قومن جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو اهم ڪردار آهي، مولا ؑ فرمائن ٿا: الظلم يزل القدم ويسلب النعم و يهلک الامم

    ظلم ۽ ڏاڍ ، ظالم کي ڌوڏيندو، نعمتن کي کسيندو، ۽ امتن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي.

    (ميزان الحکمة ج5 ص 595)

    ظلم ۽ ڏاڍ جو قصو گھڻو ئي پراڻو آهي، هر دور جا فرعون ۽ هامان، شداد ۽ نمرود وغيره پنهنجي ڇڙواڳ ۽ بي مهار حڪومت جي سائي هيٺ زندگي گذارڻ واري مظلوم ۽ بي مددگار عوام جي خون سان پنهنجي بادشاهي جي تاريخ لکي رهيا آهن، ۽ انهن جي حقوق کي پائمال ۽ انهن جي مفادات کي ڦاهي چاڙهيندا رهيا آهن، ۽ اهو سلسلو يزيد بن معاويه تائين پهتو جنهن جي ڪارنامن ڪري ڪربلا جهڙو سانحو رونما ٿيو، ۽ اسلامي فضا ۾ “ فان حزب الله هم الغالبون” جي آواز گونجي ته مظلوم عوام کي ظالم سان جنگ لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ جذبو مليو، پاڻ تي ٿيندڙ ظلم خلاف مظاهرا ڪرڻ لڳا، پنهنجي حقوق جي پائمالي تي فرياد ڪرڻ لڳا، پر هر دور جي مڪار حڪومت ان آواز کي صحرائي وادين ۾ گم ڪرڻ لاءِ مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪيا، ڪڏهن منافقت جو ڄار وڇايو ويو ته ڪڏهن ڌن دولت ڏيئي ماڻهن کي خريد ڪيو ويو، ۽ ڪڏهن قبائلي ويڙهه جو ڍونگ رچائي مسلمان هٿان مسلمانن کي قتل ڪرايو ويو، ۽ جڏهن ان منصوبي ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پين ته مختلف شخصيتن کي قتل (terror) ڪرايو ويو، يعني انقلابي رهبرن ۽ اڳواڻن کي قتل ڪرايو ويو، ۽ اهڙي ريت پنهنجي گندن ڪارنامن تي مغرور هئا ۽ ان خواب خيال ۾ هئا ته انهن جي اها ڌڏندڙ حڪومت هميشه رهڻ واري آهي، پر اهو ڀُلي چڪا آهن ته جيڪو انسان حق جي حمايت کي ٺڪرائي ظلم ۽ ڏاڍ کي پيشو بڻائيندو آهي يا وري باطل جي ڏاڍ ڏسڻ بعد به غفلت واري ننڊ ستل هوندو آهي ته ان جي ننڊ موت جيان آهي، ۽ تاريخ انهن کي اهڙي گند ڪچري ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي، جتي انهن جونالو کڻڻ وارو به ڪونهي هوندو،! جنهن جون زندهه مثالون انسانيت جي تاريخ ۾ بي انتها موجود آهن. ابوسفيان کان يزيد،هٽلر کان صدام ۽ وري جارج بش کان ............. تائين جون حالتون اوهان جي اڳيان آهن، آساني سان ڏسي سگھو ٿا ته ڪيڏانهن ويو انهن جو تاج ۽ تخت، ڪٿي آهي انهن جي پائدار ۽ نامدار حڪومت؟! هاڻ ڪو به غيرتمند انهن جي حڪومت جو نالو ئي ڪونه ٿو کڻي! ۽ هاڻ انهن جا يار دوست جيڪي پنهنجي حڪومت واري تخت تي رنگ رليون مچائي رهيا آهن انهن لاءِ به تاريخ وڏي واڪي اعلان ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه ڏانهن هلڪو اشارو ڪري چڪا آهيون ته اڄ ڪائنات انسانيت تي مسلط حاڪم بالخصوص اسلامي ملڪن جي بي دين، بدڪردار، بد صفت، فاسق، فاجر، ظالم، عياش ۽ اسلام دشمن عناصر حاڪمن جي ئي حالت ڏسو جيڪي پنهنجي سردارن (امريڪا ۽ اسرائيل) کان ڊڄي پنهنجي رعيت جا حق پائمال ڪري رهيا آهن ۽ انهن تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرائي رهيا آهن.! پر ان ظالمن ۽ اسلام دشمن عناصر حاڪمن جون ڪوششون بي سود ۽ بي فائدا آهن، ۽ هاڻ انهن جي حڪومت واري ٻيڙي جلد ئي پنهنجي خواهشن جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ۾غرق ٿيڻ واري آهي، انهيءَ ڪري پنهنجي تمام تر طاقتن کي پنهنجي حفاظت لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

    اڄ اگر يمن، بحرين، ليبيا ۽ سعودي عرب وغيره جي عوام جي ڏکوئيندڙ حالت تي هڪ مٿاڇري نظر ڪيون ته ڪيئن انهن تي ظلم جي انتها ڪئي پئي وڃي ۽ انساني حقوق جا عالمي ادارا تماشو ڏسي رهيا آهن،! پر اُهو ڏينهن پري ڪونهي، پنهنجي حڪومت جي دربار ۾ ويهي انا ربکم الاعلى وارو نعرو لڳائڻ وارن ظالمن جي حڪومت پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي، ۽ سندن جو انجام پوري ڪائنات لاءِ عبرت جوڳو هوندو، انهن کي ساهه کڻڻ جي مهلت به نه ڏني ويندي،! ڇو ته ظالم حڪمران پنهنجي بڇڙي عملن ڪري عوام آڏو اگھاڙا ٿي چڪا آهن، ۽ انهن جي ئي رعيت انهن خلاف سراپا احتجاج آهي، ۽ سندن جو معاشرتي نظام ڇڙوڇڙ ٿي چڪو آهي، ۽ عالمي فضا ۾ هر طرف نعره تڪبير الله اڪبر، لبيڪ يا حسين جون صدائون آهن، جنهن هر طرف هڪ عجيب هلچل مچائي ڇڏي آهي، جيڪا صدا غفلت واري ننڊ ستل بي حس مسلمانن کي اهو اعلان ڪري رهي آهي ته اگر اسلام دشمن عناصر اسان کي ڪمزور ۽ گھٽ سمجهي پنهنجي طاقت ڏيکاري رهيا آهن، ته اهي ياد رکن هڪ ٻئي ڪربلا تيار ٿيڻ واري آهي، جتي عنقريب انهن جو غرور ۽ آڪڙ ،طاقت ۽ قدرت پائمال ٿي ويندي،! اهو ان لاءِ جو اسانجي سيرت ۽ اسانجي زندگيءَ جو آئين ۽ اسانجو تعلق ان پاڪ ذاتن سان آهي جيڪي پنهنجي حق جي بربادي تي چپ ته رهيا پر اسلام جي بربادي ڏسي هٿ تي هٿ رکي خاموش نه ويٺا، ان ڪري اسان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگھون ٿا پر اسلام تي ٿيندڙ وار کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، اسانجو عملي ۽ شرعي فريضو اهو آهي ته اسين اسلام دشمن طاقتن جي ايجاد ٿيل فرقه واريت ۽ قومي تعصب کي ڇڏي قرآن جي هن فرمان کي لبيڪ چئي:“ واعتصموا بحبل الله جميعاً ولا تفرقوا” ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿاريون. ۽ جنهن به جڳهه تي انسانيت ۽ بالخصوص مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي، چاهي بحرين جي مظلوم عوام هجي يا فلسطين جي ستايل عوام، يمن جا رهاڪو هجن ياسعودي عرب جا، تيونس جا مسلمان هجن يا ليبيا جا، يا وري ٻيا ملڪ هي سڀ حمايت ۽ همدرديءَ جي قابل آهن، ۽ جيڪو به ان ماحول ۾ فتني ڦيلائڻ واري ڪريل حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهي چاهي اسلام جا حاڪم هجن يا سعودي عرب جا درباري مفتي، چاهي شيخ قرضاوي ئي ڇو نه هجي لعنت ۽ ملامت جي لائق آهي.

    حضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا: سباب المسلم فسق و قتاله ڪفر

    مسلمانن خلاف گندو لفظ زبان تي آڻڻ خدا جي نافرماني آهي، ۽ انهن کي ناحق قتل ڪرڻ ڪفر آهي. “لا يقفن احدکم موقفاً يقتل فيه رجل ظلماً فان اللعنة تنزل على من حفره ولم يدفع عنه”

    جتي ڪو بي گناهه شخص مارجي رهيو هجي اتي اوهان منجهان ڪوبه خاموش نه رهي، يقيني طور تي انهن تي خدا جي لعنت ۽ غضب نازل ٿي رهيو هوندو، اگر ان بي گناهه جو دفاع نه ڪندؤ جڏهن ته اوهان اتي موجود به هجو.(طبراني،بيهقي، به سوي تفاهم ص 257 )

    عرفجه کان روايت آهي ته آءُ نبي سڳوري کان ٻڌو اوهان فرمايو: ايندڙ زماني ۾ هڪ عظيم هجوم ٿيندو(اختلافن ۽ تفرقي جي باهه هن زماني کي وڪوڙي ويندي) جيڪو به اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جي بنياد کي سست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري اهو چاهي جيڪو به هجي ان کي قتل ڪيو وڃي . (صحيح مسلم ڪتاب الامارة حديث 1852)

    اسلام،سلامتي ، ڪرامت ، عزت ۽ محبت جو دين آهي. مسلمانن جا ڀلارا ڏينهن ويجها ٿي چڪا آهن پر هن ٽائيم ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلمانن کي محمد(ص) وآل محمد بالخصوص حضرت امام مهدي (عج) سان وابستگي (ڳانڍاپو) رکڻ گھرجي، ڇو ته ان ڳانڍاپي کان بغير دين ۽ دنيا جي ڀلائيءَ جو امڪان ئي ڪونهي، ۽ نه ئي وري ڪنهن قيام جي چڱي پڄاڻي جو تصور ڪري سگھجي ٿو، ان ڪري هاڻوڪي زماني جي مسلمانن بالخصوص اسلامي سماج جي حڪمرانن کي کپي ته اسلام دشمن عناصرن(امريڪا اسرائيل.....) اڳيان گوڏا ٽيڪڻ ۽ سر بسجود ٿيڻ بجائي قائم آل محمد ارواحنا لتراب مقدمه الفداء جي ظهور لاءِ دعا ڪن. ۽ انهيءَ جي لائحه عمل کي سيني سان سانڍي پنهنجي رعيت جي حقوق ۽ انهن جي مفادن جو خاص خيال رکن تاڪي دنيا جي هر جنگي ميدان ۾ فتح ۽ ڪاميابي نصيب ٿئي ۽ هر فتني کان محفوظ رهي سگھن.

    آمين يا رب العالمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو