• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين

عرس پريو

سينيئر رڪن
گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين،
وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نه وڃين۔

هي جام، جام تي پيئندي ٿي رهندو تاس وڌي،
ته احتياط، اڃا بي اجائجي نه وڃين۔

رکين ته چنڊ سا رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا،
متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين۔

خلوص، چنگ نه ٿي جو بکيا وتن چارڻ،
کڄي، اير جي در تي وڄائجي نه وڃين۔

ٽڪر به ٿي متان نانگڻيون نچن توتي،
ڪڪر نه ٿي جو گگن ۾ نچائجي نه وڃين۔

اسان سان حوُر، خواب ۾ به بي حجاب نه ٿي،
نڪور ٿان ته آهين، امهائجي نه وڃين۔

چڪور، چنڊ کان، مجنون خان ليلي1 کان،
ته ڪاٿي سونهن کان تون بي ستائجي نه وڃين۔

بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل،
اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين۔

بخاري
 
جواب: گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين

بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل،
اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين۔

سهڻي شاعري استاد جي ۽ عرس جي چونڊ به لاجواب هوندي آهي۔ ادا طاهر اڃان هاڻي ڪراچي پهتو آهي ۔۔۔۔۔۔۔يار عرس ٿو رو ته خيال ڪرين ها ۔۔۔۔۔
 
جواب: گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين

بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل،
اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين۔

سهڻي شاعري استاد جي ۽ عرس جي چونڊ به لاجواب هوندي آهي۔ ادا طاهر اڃان هاڻي ڪراچي پهتو آهي ۔۔۔۔۔۔۔يار عرس ٿو رو ته خيال ڪرين ها ۔۔۔۔۔

سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين

رکين ته چنڊ سا رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا،
متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين۔


تمام بهترين ادا عرس

استاد بخاري جي شاعري ونڊ ڪري اصل روح کي قرار ڏئي ڇڏيو

جاري رکجو


سدائين گڏ
 
Back
Top