وري به تنهنجا فون بند، ميسيجز بند، خط بند، الائي ڇا ٿيئي؟ ڊپريشن وري وڌي ته نه ويو اٿئي؟ اهو ئي تنهنجو آخري فون هو، جنهن ڏينهن تو مون کي پنهنجي ان استاد جون ڳالهيون ٻڌايون هيون، جيڪو ماڻهن کان پري رهي ڪتابن ۾ ئي گم رهيو. جنهن پنهنجو گهر نه ٺاهيو، رڳو لئبرري ٺاهي، شوشا ۽ غوغاءَ کان پري رهيو...۽ پنهنجي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو هو. انهيءَ ڏينهن تو مون کي ٻڌايو هو ته اڄ تنهنجي ان استاد جي ورسي آهي. انهيءَ کانپوءِ تون گم رهئين، آفيس فون ڪيم ته معلوم ٿيو ته موڪل تي آهين. اڄ آئون ٿو توکي پنهنجي هڪ استاد جون ڳالهيون ٻڌايان، جيڪو آخر تائين خود کي فلسفي جو شاگرد ئي سڏائيندو هو. هو جڏهن اسان جي ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو ته هن منفرد استاد جي ڳالهائڻ جو انداز اختيار ڪرڻ جي شاگردن ڪوشش ڪئي، هو فلسفي ۾ جيئندو هو ۽ فلسفي ۾ گذاري ويو. هن کي پنهنجي پروفيسر هجڻ تي ايمانداراڻو فخر هوندو هو. هو شاگردن کي هميشه ”ادا“ ڪري مخاطب ٿيندو هو....”ادا! هڪ ڳالهه ٻڌايان، جڏهن به نوڪرين ڪري ته نوڪري پنهنجي جوتي جي نوڪ تي رکجانءِ، نه ته نوڪري توکي کائي ويندي.“ سائين مٺا خان مري مون کي چيو. هن ته سدائين ائين ڪيو هو ۽ ان کي ڀوڳيائين به سهي. هن کي مون بار بار لکڻ لاءِ چيو پر سائين چوندو هو ته ”ادا! مون کي ٻڌو، رڪارڊ ڪريو ۽ پوءِ ڇپائي ڇڏيو.“ آئون رول پارٽي اهو به نه ڪري سگهيس. هن جون ڳالهيون الائي اجايون ويون يا سجايون، پر هن جون ڳالهيون يقينن هن جي سوين، هزارين شاگردن توڙي هن جي پنهنجي حلقن کي ياد هونديون. هڪ غريباڻي، پوئتي پيل ڪاليج ۾ ويهي هن شاگردن کي فلسفي، سائنس، تاريخ، مذهبن جي ارتقا جا سبق پڙهايا. پهرين نظرياتي سائنسدان ٿيلس کان وٺي فيثا غورث، سقراط، افلاطون، ارسطو، هيراقليطس، لڪريشس پوءِ جديد فلسفي جا هيگل، برگسان، ڊي ڪارٽ، لاڪ، هابس، اسپينوزا، سڀ جا سڀ هن جا ڄڻ ته اوتيل هئا. هو فلسفي جي استاد طور تعليم کاتي ۾ آيو هو. اهڙي تعليمي نظام ۾، جتي اهو Subject ئي پوڇڙي جو Subject آهي. مٺا خان وٽ ڪاغذي ڊگري نه هئي.”ادا! اسان فلسفي جو زهر پيو ويٺا آهيون، اسان تي ٻي ڪا شيءِ اثر نٿي ڪري سگهي.“ هو چوندو هو. ”ٻڌمت جي پيروڪار کي درگا ديوي خواب ۾ ڇو نٿي اچي سگهي، يا وڻن پٿرن جي پوڄا ڪندڙن کي مهاوير ڇو خواب ۾ نٿو اچي...“ پوءِ هو لاشعور ۽ عقيدن جي دنيا تي ڳالهائيندي فرائڊ ۽ ينگ جا حوالن تي حوالا ڏيندو ويندو هو. پکين، گلن، ساوڪن، رنگن، ڪڪرن، افق، شفق ۽ هر فطرتي منظرن تي عاشق مٺا خان مري ٻهراڙي جي ڪاليج جي شاگرد کي فلسفين جو يونان گهمائيندي گهمائيندي، فلسفين جي جرمني تائين وٺي ايندو هو. افلاطون جي World of ideasکان وٺي، هيرا قليطس، لڪريشس جي ماديت تائين جون ڳالهيون، هو منظر چٽيندو ويندو هو. ”ادا! افلاطون ۽ ارسطو بازار مان پئي گذريا ته ڪنڀر چڪ تي ڪو ٿانوَ پئي ٺاهيو. افلاطون بيهي رهيو. ڪنڀر جي هٿن ۾ بي شڪل مٽي مان ٺهيل ڪجهه ئي گهڙين ۾ هڪ خوبصورت صراحي هئي. افلاطون ارسطو کي ٺونٺ هڻي پڇيو ته، ”ٻڌاءِ هي صراحي ڪنڀر جي تصور ۾ پهرين هئي يا مٽي ۾ اڳ موجود هئي؟“ هو اٿينز جون رانديون، مقابلا، ملاکڙا، بيان ڪندي سقراط طرف نڪري ويندو هو ۽ پوءِ سقراط تي لکڻ ۾ ۽ زباني الزام، سقراط جو مقدمو، سقراط جي تقرير ۽ موت جي سزا. ”سقراط اقليتن جو نمائندو هو. سچائي کي اقليت ئي ويجهي کان ڏسي سگهي ٿي. سقراط آخر تائين ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته حق لاءِ موت کان ڊڄبو ناهي. تڏهن ته هو هڪ ٽنگ تي بيهي زهر جو پيالو پيئڻ لڳي ٿو، ڄڻ ته سقراط رقص پيو ڪري ادا!“ ۽ سائين ڪرسي تان اٿي بيهي خود هڪ پير تي بيهي اهو منظر چٽي ڏيکاريندو هو شاگردن کي. ”لڪريشس به ايترو ئي بهادر هو. هن موت واري ڏينهن خوب انجواءِ ڪيو هو ۽ چيائين ته موت کان ڊڄڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ جڏهن موت آهي ته اوهان ناهيو ۽ اوهان آهيو ته موت ناهي.“ مٺا خان چيو. جنهن کي پنهنجي پروفيسري تي ايترو ناز هو، جو وقت جي وزيرن مشيرن تي اک ئي ڪو نه ٽڪندي هئس. ڪاليج جي مسئلن تي ميٽنگ هلندي وزير تعليم سان وڙهي پيو. وزير وزيري ڏيکاريندي اتي جو اتي سسپينڊ ڪيس. هو ميٽنگ ۾ سسي فس واري مرڪ مرڪيو، پنهنجي آڱوٺي ۽ شاهد آڱري سان دائرو ٺاهي هٿ هوا ۾ جهولائيندي چيائين وزير کي ”واهه ڙي مور واهه! منهنجي مٿي تان اهو تاج لاهي ڇڏيئي نه. تنهنجي وس ۾ اهو ئي هو نه بس؟ پوءِ به اسان به بنا پگهار هو فلسفيانه سچائين، صداقتن، نيڪي، بدي تي ڳالهائيندو رهيو. هو ته سزا جي انهيءَ ساڳي گهاڻي مان ضيائي مارشل لا کان اڳ به گذري چڪو هو. هن جو ڏوهه فقط اهو هو جو، مٺا خان غوث بخش بزنجو سان ملاقات ڪئي هئي. ملڪ جي اڇي ڪاري جي ڌڻين کي معطل ڪري، لکت جي صورت ۾ معافي وٺڻ جو شرط رکيو، پر پروقار پروفيسر چوندو رهيو ”آئون هڪ پروفيسر آهيان، پروفيسر معافيون ناهن وٺندا“. هو جڏهن لطيف تي ڳالهائيندو هو ته هيملٽ ۽ سسئي جي اڪيلائين ۾ هڪ جهڙايون ڳوليندو ويندو هو.“ اٺ ويري اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير “...ادا! ساڳي حالت شيڪسپيئر جي هيملٽ جي آهي. درٻار کان وٺي سڀ رشتيدار هن جي خلاف آهن. پوءِ هونديون هيون سائين جي چپن تي هيملٽ جون Soliloquies حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ اڪثر ٽڪرائجي ويندا هئاسون. ٽاڪ منجهند جو به هن جي چپن تي سائنس، تاريخ، فلسفن جا موضوع ۽ لطيف جي شاعري هوندي هئي. ”آمريڪا ۾ وجودي فلسفي کي پذيرائي ان ڪري نه ملي جو ادا...جنگ جي دوزخ مان يوروپ گذريو هو، آمريڪا تي گهٽ جنگي اثر پيا هئا.“ هن جي ڪمري ۾ مهاڀارت جي جنگي منظر واري رٿ تي چڙهيل ڪرشن ۽ ارجن واري زرد-رنگي پئنٽنگ پيل هوندي هئي. هو جنگ، طاقت، حق، ويڙهه تي ڳالهائيندي اها پئٽنگ کڻي وٺندو هو. ”ادا! ڪرشن پيو ارجن کي چوي جيڪڏهن تون جنگ نه ڪندين تنهنجا دوست تنهنجي ماضي جي عظيم ڪارنامن کي وساري ڇڏيندا...“ آئون ۽ منهنجو دوست هڪ ڏينهن مٺا خان سان ڪچهري لاءِ وياسون، ان ڏينهن منهنجي دوست جي کيسي ۾ سترهين گريڊ جي ليڪچررشپ ۽ يارهين گريڊ جي سب رجسٽراري جا آرڊرز هئا ۽ دوست ان مونجهاري ۾ هو ته ڪهڙي نوڪري وٺان. مون چيومانس ته سائين سان مشورو ڪر، گهٽ لکندڙ مٺا خان هن جي آرام سان ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو...”ادا! آئون ٿر ويس، گهمندي ڦرندي پريان ڏٺم ته هڪ ڍونڍ پئي آهي، جنهن تي ڳجهون چهٽون پيون آهن. پر ٿورو پريان خوبصورت مور نچن پيا رقص پيا ڪن، ٽهڪن پيا، ڍونڍ ڏي نظر ئي نه پيا ڪن...“ سائين مورن جا ٽهوڪا ڪرڻ لڳو...”ادا ٿلهيون متاريون ڳجهون ڍونڍ کائينديون ڪکون ڀرينديون رهيون. مون ڪنهن ماڻهو کان پڇيو ته ڀلا هي مور ڍونڍ ڇو نٿا کائين ته، چيائين سائين مور ڍونڍ کائيندو ته مري پوندو. ڀلي بکيو هجي، ڪکون خالي هجنس، پر پيو رقص ڪندو...“ ”سو ادا آئون سمجهي ويس!“ سائين ڳالهه جاري رکي، منهنجي دوست طرف نهاريندي چيو ته، ”ادا! پروفيسري جو پيشو اختيار ڪندين ته ڪکون خالي رهندءِ ۽ ڪتاب پڙهندي پڙهندي مور جهڙو سهڻو ٿي ويندين ۽ سب رجسٽراري وٺندين ته رشوت جي ڍونڍ سان ڪکون ڀريل هوندءِ، ڳجهه جهڙو بدصورت هوندين، نه سونهن، نه مور جهڙي مستي ۽ رقص نصيب ٿيندئي. هاڻ تنهنجي آهي مرضي مور ٿي جيئڻ ٿو چاهين يا ڳجهه بنجي جيئڻ ٿو چاهين؟“ ريما! منهنجو دوست مور ته نه ٿي سگهيو، پر منهنجو سائين مٺا خان ڏهاڪو ورهيه اڳ مور جهڙي زندگي ڪٽي، رقص ڪندي، خوبصورتيون آڇيندي، گم ٿي ويو ۽ وڻن جو عاشق وڻن جي جهڳٽن ۾ هميشه آرامي آهي. هن جي آس پاس ڪٿي مور ٽهڪن پيا. فقط حفيظ ڪنڀر-حيدرآباد