جواب: سوره بقره پرهڻ سان دل جوسور ختم ٿي ويندو
بيشڪ حضور اڪرم جو فرمان مقدس اسانجي اکين تي ۔۔۔ اسان لاءِ شفا جا دروازا ۽ امت جي هر تڪليف جو خيال ڪندڙ هئا ۔۔۔ رحمت اللعالمين جي لقب سان نوازيا ئي انڪري ويا هئا جو هو انسان جي هر ڏک جي دوا ساڻ کڻي آيا هئا ” قرآن شريف“
قرآن شريف تي ايمان رکڻ وارن لاءِ هدايت به آهي ته شفا به آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ رات جو اوچتو اک کلي ته منهنجي دل جي رفتار وڌيل هئي، سستي ۽ ساه ۾ رڪاوٽ محسوس ٿي ٿي، ڇاڪاڻ ته ننڊ مان اچانڪ اهڙي حالت سبب شايد پريشان ٿي ويس انڪري هڪدم ڪلمو پڙهي، الحمد شريف پڙهيم ۽ انکانپوِءِ يا حي يا قيوم جو ٿوري دير ورد ڪيم ته دل جي رفتار به معتدل ٿي وئي ۽ ٿوري ئي دير ۾ وري آرام جي ننڊ به اچي وئي ۔۔۔
جنهنکي رب رکي تنهنکي ڪير چکي ۔۔۔ بيشڪ موت ته هڪ ڏينهن مقرر آهي پر اوچتي تڪليف ۽ پريشانيءَ جو حل الله جي ڪلام ۾ موجود آهي، بس نيت صاف مراد حاصل ۔۔۔
لک ٿورا ڀيڻ محدثه جا ۔۔۔