سنڌي

'تعارف' فورم ۾ صفدر عباس طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2011۔

  1. صفدر عباس

    صفدر عباس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڏکايل انسانن جي مدد ڪرڻ
    ماڳ:
    سنڌ
    اسلام اعليڪم
    مان سنڌي آهيان منهنجي ذات سنڌي آهي مان سنڌ جو رهواسي آهيان۔ مان هزارن سالن کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن رنگ روپ ۾ سنڌ ڌرتي تي جنم وٺندو رهيو آهيان، هينئر ماڻهون مون کي صفدر جي نالي سان سڏيندا آهن ، مختلف دورن ۾ انهن مون کي مختلف ذاتين ۽ نالن سان سڏيو آهي پر مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو جسم به سنڌ جي مٽي جو آهي ۽ منهنجي جسم ۾ وهندڙ رت به سنڌ جو آهي، مان مري ان ئي ڌرتي ۾ سمهندو آهيان ۽ ان ئي مٽي مان ڄمندو آهيان ته پو ڪير منهنجي پهچان ڪئين ٿو مٽائي سگهي۔
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌي

    ضفدر عباس اسلام عليڪم ۔هڪ تمام بهترين انداز ۾ توهان پنهنجو تعارف ڪريو آهي جنهن مان توهان جي سنڌ ڌرتي ما لا محبت ظاهر ٿئي ٿي۔توهان کي اسان هن سنڌ جي سپوتن جي محبت ڀريئي اوطاق ۾ پير پائڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔اسان کي وڌيڪ خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن توهان پنهنجي معنئ ۽ معلومات سان ڀريل ليکن سان هن اوطاق جي خوشنما رنگن کي وڌيڪ اجاگر ڪندا۔توهان پنهنجي تعليمي قابليت جي باري ۾ ڪا ڄاڻ نه ڏني آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي

    ادا صفدر سنڌي اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار ٿا چئون

    ادا سنڌي توهان ڪٿان جا رهاڪو آهيو ڪهڙي ڪرت سان وابسطه آهيو توهان کي فورم بابت ڪنهن آگاهي ڏني

    ادا صفدر ڪجهه ته معلومات سنگت سان ونڊ ڪريو ها هتي به توهان کي سنڌي ملندا

    ادا صفدر اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جوانتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: سنڌي

    ادا صفدر سنڌي هن محبتي اڳڻ تي اوهان کي ڀليڪار ٿا چئون
     
  5. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    جواب: سنڌي

    ادا صفدر سنڌي ڀلي ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آيا هن محبت ڀري اڱڻ ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. سچار سنڌي

    سچار سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2011
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي

    ادا ڏاڍو سهڻو تعارف ڪرايو اٿوَ ۔ اسان توهان کي سنڌو مٽيءَ جي سرهاڻ سان واسيل هن فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔ توهان جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته سنڌ امڙ سان توهان جي بي حد گھڻي محبت آهي ۔ پر ادا توهان تي واضح ڪندو هلان ته اهو هر هر جنم وٺڻ هندن جي عقيدي ۾ صحيح آهي باقي اسان مسلمانن وٽ ائين نه آهي ۔ ڪاوڙ نه ڪجؤ ڪنهن سياڻي کان پڇجؤ ۔ اگر آئون غلطيءَ تي آهيان ته مهرباني ڪري منهنجي غلطي دور ڪجؤ۔ رب پاڪ توهان کي آباد رکي ۔۔۔۔۔۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي

    ادا صفدر سنڌي اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون
    ادا توهان پنهنجو تعارف ٿوڙو تفصيل سان ڪرايو هان ته بهتر
    مثالطور توهان جي زات يا توهان جو واسطو ڪهڙي شهر سان آهي۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي

    صفدر عباس سنڌي ۔۔۔ بيشڪ اسان سڀني کي فخر آهي ته اسين ان ئي مٽي مان پئدا ٿيون ٿا ۽ ان ئي مٽي ۾ دفن ٿيون ٿا ۔۔۔ هزار سال اڳ جو ڄايل صفدر سنڌي يا اڄ جي وقت ۾ پئدا ٿيل صفدر سنڌي سڀ جا سڀ هڪ ئي سلسلي جي ڪڙي آهن ۔۔۔ ڪڙو منجه ڪڙي جيئن لوهار لپٽيو“ جي ڳالهه جيئان اسان جو تسلسل قائم آهي ۔۔۔

    اوهان هڪ ننڍڙي ليک ۾ صدين جي ڳالهه سمائي قرب ڪيا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ سلامت جو نعرو يا مقصد ئي آهي ” سنڌ ۽ سنڌيت“ اميد ته اوهان به هن مقصد ۾ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ ۾ اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندا ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔

    اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ دوستن جي فرمائش جو خيال ڪندي پنهنجو پورو تعرف ڪرائيندا ۔۔۔

    مون ۾ آهين تون ۾ آهيان مان
    جيئن بجلي آهي بادل سان۔

    دعائن ۾ ياد

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي

    ادا سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار۔۔۔۔ بابلا توهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي۔۔۔
     
  10. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي

    ادا اوهانکي سنڌ سالامت جي اڱڻ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا
     
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌي

    ادا سنڌي توکي سڪ ڀريو سنڌي سلام ۔۔۔۔ اميد ته سنڌي طريقي سان سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو
     
  12. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌي

    ادا صفدر سنڌ سلامت تي اچڻ تي توهان کي ڀليڪار
    پر توهان جي ذات ۽ ڪٿي رهندا آهيو اهو ته ڪونه ٻڌايو توهان
     
  13. صفدر عباس

    صفدر عباس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مئي 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڏکايل انسانن جي مدد ڪرڻ
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: سنڌي

    تمام دوستن جي قرب جو ٿورائتو آهيان، منتظمين جو پڻ جن محبت سان آڌر ڀا ڪيو آهي۔ تعارف ڪرائيندي به پهچان نه ٿي سگهي آهي ۽ سچ ته تعارف ڪرايان ته به ڇا جو ۔۔؟؟ هڪ وڃايل وجود آهي جنهن کي خود کي به پنهنجي سُڌ نه ملي سگهي آهي سوا ان جي ته هو فقط سنڌي آهي۔ گوگل تي سنڌي سائيٽس کي سرچ ڪندي سنڌ سلامت کي وزٽ ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سچ تي هي حيران ڪندڙ آهي۔ مان سمجهان ٿو ته اسان جيڪا سماجي، اقتسادي ۽ معاشي جنگ وڙهي رهيا آهيون ان ۾ سنڌ سلامت جو هئڻ هڪ نعمت کان گهٽ نه آهي۔ لاکيڻي لطيف جي چواڻي ته
    "محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو، تني جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاھ"​
    جي مصداق توهان جي ڪمال ڏانهن سفر واري ساٿ ۾ شامل ٿي ڪري خوشي ٿي آهي۔
    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو