ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
مون کي اڄ به اهو ڏينهن چٽيءَ طرح ياد آهي، جڏهن مان پنهنجي پرائمري استاد سائين محمد آچر ڪمانگر جي پٺيان هلندو پئي ويس ۽ سائين محمد آچر پنهنجي سائيڪل سان گڏ ڪڻڪ جي فصل جي وچ مان ٻنو ڏئي اسڪول جي موڪل کانپوءِ پنهنجي گهر ڏانهن روانو پئي ٿيو، اسان انهيءَ ڏينهن سبق ۾ ٿريشر جي باري ۾پڙهيو هو ۽ مون سائين کان پڇيو هو ته اها مشين اسان وٽ ڪڏهن پهچندي، تڏهن سائين وراڻيو ته جلد ئي اهي مشينون هتي به اچي وينديون. تڏهن ته اسان اڄ انهن کي پڙهون پيا. اڄ ان ڳالهه کي چاليهه سال گذري ويا، ان وقت جي استاد جي عظمت، محنت ۽ پنهنجي پيغمبري پيشي سان محبت جي ڇا ڳالهه ڪجي. هنن جو ڪردار ۽ رويو انهن کي عزت ۽ احترام خود بخود بخشيندو هو. مجال آهي جو ڳوٺ جو ڪو به ماڻهو استاد صاحب سان احترام کانسواءِ مخاطب ٿئي، محنتي ايترا جو گرمي هجي يا سردي، ميهوڳي هجي يا نٽهڻ اُس، استاد پنهنجي وقت تي اسڪول کوليندو ۽ بند ڪندو.
اسڪول جي ٽائيم دوران ڪنهن کي به همٿ نه ٿيندي ته پڙهائي کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه به ڪري. ها جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي ته پوءِ رسيس جي ٽائيم يا اسڪول جي ٽائيم کانپوءِ ٿيندي هئي. اسڪول جي صفائي سٿرائي، ٻارن جي پنهنجي صفائي يا انهن جي حفاظت پنهنجي ذاتي ذميواري سمجهندا هئا. پنهنجي پيشي کي هڪ مقدس ۽ معتبر ڪم سمجهي انجام ڏيندا هئا، هي اهي استاد هئا، جن مون کي پڙهايو. مون کي هن وقت به پنهنجي استادن لاءِ ساڳي ئي عزت ۽ احترام آهي. اڄ به جيڪڏهن مون کي پنهنجو استاد ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته مان ڊڪي وڃي سندس پيرين پوندو آهيان، ڇو ته مون کي ان ڳالهه جو چڱي طرح احساس آهي ته مان جيڪڏهن ڪنهن ذميوار عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهيان، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم حصو منهنجي انهن استادن جو آهي، جن مون سان محنت ڪئي. مون کي اهو ڏينهن به چڱي ريت ياد آهي، جڏهن پهرين درجي جو امتحان وٺڻ لاءِ صاحب اسڪول ۾ آيو هو. هن سڀني جي سامهون هڪ هڪ ٻار کان سوال پڇيا ۽ پاس ۽ فيل بابت رزلٽ ٻڌايو هو. استاد ته استاد هئا، پر ان وقت جا صاحب انهن کان به وڌيڪ سخت ۽ رعبدار هئا. ڪنهن کي همت نه هوندي هئي ته ڪو سندن تعليمي جاچ جي باري ۾ يا امتحان جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪري سگهي. هنن جو فيصلو انصاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل هوندو هو. مون کان سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ منهنجي والد صاحب کي رزلٽ ٻڌائي وئي ته توهان جو پٽ پاس ٿي ويو آهي. منهنجو والد صاحب پنهنجي ڳوٺ جو وڏو هو ۽ سندن ئي نالي تي اسڪول قائم ٿيل هو ۽ بابا استادن جو تمام گهڻو احترام ۽ عزت به ڪندو هو، پر جڏهن اها رزلٽ کين ٻڌائي وئي ته پاڻ ان وقت جي صاحب جن جو نالو باغ علي سهاڳ صاحب هو، سان مليو ۽ چيائون ته مان چاهيان ٿو ته منهنجي پٽ جو بنياد پڙهائي ۾ مضبوط ٿئي، ان ڪري مهرباني ڪري منهنجي پٽ کي هن سال پاس نه ڪريو ته جيئن هو ٻيو سال به پهريون درجو ئي پڙهي.
هي اهو وقت هو جڏهن مائٽ چاهيندا هئا ته اسان جو ٻار صحيح نموني پڙهي، استاد پنهنجي محنت ۽ لگن سان ٻار کي مستقبل جي مقابلن لاءِ تيار ڪندا هئا ۽ ان وقت جا صاحب پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي سان استاد جي محنت جو امتحان وٺند اهئا ۽ اڄ ان محنت ۽ سچائي جو ئي نتيجو آهي ته مان جڏهن پنهنجي ان ننڍڙي ڳوٺ جي اسڪول مان پڙهي ۽ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سڄي ملڪ جي تمام بهترين اسڪولن مان پڙهي نڪتل شاگردن سان ميرٽ تي مقابلو ڪري لاهور جي سول سروسز اڪيڊمي ۾ پهتس ته خبر پئي ته مان سڄي ملڪ مان سي ايس ايس پاس ڪري آيل آفيسرن ۾ ننڍي عمر وارو آهيان. اهو آهي ڪمال منهنجي استاد جو جنهن منهنجو بنياد منهنجي والد صاحب جي چوڻ تي ايترو مضبوط رکيو جو مون کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪو نه ٿي. جيڪا ڳالهه مان پنهنجي هن تحرير ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها اِها آهي ته اسان جو استاد لکين شاگردن جي مستقبل جو معمار آهي. جتي هو مضبوط بنياد وجهي ٿو، اتي هڪ پائيدار مستقبل جنم وٺي ٿو، پر جتي اسان جو استاد دلچسپي نٿو وٺي ته اتي زندگي جو ڏيئو اڳيان ڪا به روشني جي لاٽ ڪو نه ٿو ٻاري ۽ زندگي اونداهو مستقبل ٿي ٿئي، منهنجو اهو پڪو ايمان آهي ته اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي تعليم ۾ ڪير سڌارو آڻي سگهي ٿو ته اهو اسان جو استاد آهي. ڳالهه صرف ايتري آهي ته اسان پنهنجي ان استاد کي نه صرف عزت ۽ احترام ڏيون. پر ان جي سندس دل ۾ به پنهنجي لاءِ عظمت ۽ اهميت جاڳايون ۽ جنهن ڏينهن اسان جي استاد پنهنجي ان مانَ ۽ مرتبي کي سنڀاليو ته مان يقين سان چوان ٿو ته اهو وڏو تعليمي انقلاب هوندو. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي، ته سنڌ جي ماڻهو جي طاقت ان جي ذهني صلاحيت آهي. جنهن جي بنياد تي هو اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ ان ذهني صلاحيت مان فائدو وٺڻ لاءِ بنيادي ضرورت تعليم آهي ۽ تعليم لاءِ هڪ عظيم ۽ محنتي استاد جي ضرورت آهي، پر اڄ ٻين سڀني ڳالهين کي اهميت آهي، پر استاد جي ان عظمت ۽ مرتبي کي اها اهميت نه ملي آهي، جنهن ڏينهن اسان ان کي اها عظمت ڏني اهو ڏينهن سنڌ ۾ هڪ عظيم دور جي آغاز جو ڏينهن هوندو. اچو ته ان اهم دور جي ابتدا اڄ پنهنجي ان استاد جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ سان ڪريون. سائين تنهنجي عظمت کي سلام!
mumtazshah62@hotmail.com