هڪ دفعي اوبامه ۽ سندس گهر واري مشل ڪنهن هوٽل تي ڊنر ڪرڻ جو پروگرام ڪيو ۔۔۔ هوٽل تي ويهڻ کان اڳ مشل سان ٻه سيڪنڊ ڳالهائڻ لاءِ هوٽل جي مالڪ اوبامه کان اجازت گهري۔۔۔ اوبامه کيس اجازت ڏني۔۔۔ واپسي تي اوبامه مشل کان پڇيو۔۔۔ ”هوٽل جو مالڪ تو سان ڇو ڳالهائڻ ٿي گهريو۔۔۔؟“ مشل چيو۔۔۔”هُو ڪاليج لائيف ۾ مون کي پسند ڪندڙ هو۔۔۔“ تنهن تي اوبامه کيس چيو ۔۔۔”جيڪڏهن تون ساڻس شادي ڪرين ها ته اڄ هن خوبصورت هوٽل جي مالڪ هجي ها۔۔۔“ جواب ۾ مشل چيو۔۔”نه ۔۔ مان جيڪڏهن هُن سان شادي ڪريان ها ۔۔۔ ته اڄ هو آمريڪا جو صدر هجي ها۔۔۔“
جواب: ڀاڳ بابت عورت جي سوچ۔۔۔۔۔۔ مطلب مايون زور آهن بابلا ۔۔۔۔ ڳالهه ته مشل جي سهي آهي، اهڙو نمونو هت اسان وٽ به آهي،” زرداري ڀٽو “۔۔۔ ڪي مايون به پارس هونديون آهن ۔۔۔ واه واه ۔۔۔ پر پنهنجا ڀاڳ اهڙا ڪٿي؟
جواب: ڀاڳ بابت عورت جي سوچ۔۔۔۔۔۔ ادا نثار پارس ماين لا واڏا ڪشالا ڪٽڻا ٿا پون، اسان وٽ ته زالون ماڳهين اسان جي رهيل سهيل پارسپائي به ختم ڪريو ڇڏين
جواب: ڀاڳ بابت عورت جي سوچ۔۔۔۔۔۔ ملڪاڻي ۽ فقير جي نصيبن تي اسانکي به ڏک آهي ۔۔۔ ها ها ها (ڀوڳن ۾) چوندا آهن ته مائي گهر ڌياڻي ... سندس اخلاق سٺو ۽ سگهڙ هوندي ته گهر جنت ۽ جي هوندي چڙ چڙي ۽ غير سليقه ته بس پوءِ الامان ۔۔۔ سڌي ڳالهه ابتي سمجهندي ۽ سولي ڪم کي اهڙو ڏکيو جو الامان ۔۔۔۔ پر آڱريون سڀ برابر ناهن ۔۔۔۔ جيئن مردن ۾ به ڪي مرد ڀاڙ جا تمبا ته ڪي وري سورهيه سچار بلڪل ساڳيءَ طرح عورتون به ۔۔۔۔ ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهون مجهه اچي بوِءِ بهار جي۔ خوش هجو شال پنهنجين پيارين پتنين سان ۽ جن دوستن شادي نه ڪئي آهي ته دعا آهي ته هو به جڳ جهڙا ٿين ۔۔۔ آمين