• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آ وچن اي سنڌ امڙ (آزاد نظم) نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي دوستو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ساٿيو، مونکي مهاڪوي محترم حليم باغي جو هڪ شعر ياد پيو اچي جيڪو سنڌ لاءِ هُن جي ڌيش ڀڳتي جو زنده مثال آهي :​

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦُڙو ڦُڙو ٿِي وَهِي وڃي
مُنهنجي به نصيب ٺهي وڃِي ۽ تُنهنجو به قرض لهي وڃي.​

ساٿيو محترم حليم باغي جي اها شاعري مون مختلف رسالن، ۾ پڙهي آهي، ۽ اڃا گُذريل مهيني جشن ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ ادبي ويهڪ ٿي هُئي ان ۾ بين السنڌ هڪڙو زبردست مشاعرو رکيو ويو هو، ان مشاعري جي صدارت پڻ حليم باغي ڪئي هئي جڏهن اها ساڳوڻي شاعري جڏهن سندس زباني ٻُڌي هُئم ته اصل تڙپي پيو هُئس ته ڌرتيءَ لاءِ هن ڪوي جو ايڏو پيار ڌرتيءَ لاءِ پنهنجو جيون ارپڻ جو ايڏو عظيم خيال سو به شاعريءَ جي روپ ۾ جيڪڏهن هن سنڌ ڌرتي جو هرڪو واسي جنهن مهراڻ جو پاڻي پيتو آهي صحيح معنا ۾ ان تي عمل پيرا ٿئي ته مجال آهي ڪنهن دروهي، ڪنهن مڪار، ڪنهن غدار ۽ ڪنهن ويڪو وڏيري کي جو منهنجي جيجل سنڌ طرف ميري نظر سان نيهار ڪري، دوستو مان مهاڪوي حليم باغي جي ساڳوڻي پيغام کي پنهنجي آزاد نظم (آ وچن اي سنڌ امڙ) جي ذريعي توهان ساري دنيا جي سڀني سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي پُڄايان پيو دوستو هڪڙي معمولي چترڪاريءَ جي روپ ۾ توهان جا ٿورا، توهان جي واڌو ڪاٽو راين ۽ ڪامينٽس جو شدت سان منتظر رهندس.​
دعاڳو
نثاراحمدناز
ڪوئٽه
13مئي 2011 صُبح جا ساڍا ڏهه

آ وچن اي سنڌ امڙ (نثاراحمدناز)​
230038_10150195930383216_794048215_6955865_7838854_n.jpg
 
Back
Top