• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نجيع الله ڀٽي

نجيع الله ڀٽي

سينيئر رڪن
منهنجو نالو نجيع الله ڀٽي آهي. حيدرآباد ۾ رهائش اٿم. حيدرآباد جي وحدت ڪالوني ۾ رهائش آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هينئر پير پاتو اٿم. انهيءَ شوق ۾ گاڏي کاتي ۾ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۽ ڇپائيءَ جو دڪان پڻ کوليو اٿم. هڪڙي دوست اسدالله ڀٽو صاحب مشورو ڏنو ته ”سنڌي سلامت“ کي وزٽ ڪريو، اها سائيٽ اوهان لاءِ انتهائي ڪارائتي آهي. اها ڳالهه پهرين ته دل کي نه وڻي، پر پوءِ جڏهن ابوزين کي هن سائيٽ تي رجسٽر ٿيل ڏٺو ته پوءِ دل کي تسلي ٿي ته ها! ٻيلي هيءَ سائيٽ ايتري ئي ڪارائتي آهي. اميد ته هاڻي ابوزين سوالن کان پريشان ٿي موبائل بند نه ڪري سگهندو.
 
ادا نجيع الله ڀٽي صاحب؛

اوهان هن اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا ... ادو ابوزين اسانجو محسن دوست آهي هن فورم جو مور آهي، اوهان کيس ڏسي مطمئن ٿيا، اها اسانجي خوشقسمتي آهي ته اهڙا سهڻا دوست اسانجي سٿ ۾ آهن ... اسد الله ڀٽو صاحب پاڻ ته هن اڱڻ تي شايد ڪڏهن پير پاتو هجي يا وري منهنجي نظرن کان گسي ويو هجي پر سندس جي مهرباني جو هو سنڌ سلامت لئه دوستن کي صلاحيندو رهي ٿو ... کيس منهنجا سلام چئجو ...

سائين نجيع الله! اميد ته اسانکي اوهان مان ڪئي ڳالهيون سکڻ لئه ملنديون ۽ اميد ته اوهانکي به هن فورم تي مزو ايندو ۽ ڏيڻ وٺڻ جي بنياد تي ڪچهريون پيون هلنديون ...

هڪ دفعو ٻيهر خوش آمديد ... دوست وڌن ... ميلو مچي ته مور ٽلن ...

سڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا
مونسي هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري .

shal judy hujeen
sindhsalamatsaathsal
 
اسد الله ڀٽو صاحب پاڻ ته هن اڱڻ تي شايد ڪڏهن پير پاتو هجي يا وري منهنجي نظرن کان گسي ويو هجي پر سندس جي مهرباني جو هو سنڌ سلامت لئه دوستن کي صلاحيندو رهي ٿو ... کيس منهنجا سلام چئجو ...

shal judy hujeen
sindhsalamatsaathsal

اسد الله ڀٽو منهنجو چاچو آهي. هن فورم تي ”ابو واصف“ جي نالي سان رجسٽر ٿيل آهي.

 

اسد الله ڀٽو منهنجو چاچو آهي. هن فورم تي ”ابو واصف“ جي نالي سان رجسٽر ٿيل آهي.


ادا سائين، ابو واصف کي ڪير نه سڃاڻي پر هڪ سوال ته ”اسد الله ڀٽو“ سنڌ جي مذهبي سياست ۾ هڪ نالو آهي، سو ڀلا هي سائين ابو واصف ئي آهي يا آءُ ڀليو آهيان ...
sadayeen gud
 
توهان جنهن ”اسد الله ڀٽو“ جي ڳالهه ڪريو ٿا، اهو اسان جي والد محترم جو استاد محترمي رهي چڪو آهي ۽ هن وقت جماعت اسلامي سنڌ صوبي جو امير آهي.
 
ادا نجيع الله صاحب! اوهان جون مهربانيون جو اوهان منهنجي صلاح جو قدر ڪيو. ها! هاڻي ”پُڇڻا نه ڪي منجهڻا“ چواڻيءَ کي عملي پيرائتو بڻائيندا. هن فورم تي اچي اوهان پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪندؤ.

دوستؤ! اها لاپرواهي آهي ته مون پنهنجو تعارف هن فورم تي اڃا تائين ناهي ڪرايو. سو سائين ڪجهه دير ۾ پنهنجو تعارف ڪرايان ٿو.
 
السلام عليڪم ادا نجيع الله صاحب​

ادا نجيع الله هن محبتن ڀريي فورم تي توهان کي هي ناچيز ڀليڪار ٿو چئي
توهان کي جيڪڏهن ڪو مسئلو درپيش هجي ته توهان هتي سوال ڪري سگهو ٿا هتي سائين نثار ناز ، نثار ابڙو ، رشيد سمون ، ابو زين ۽ ٻيا قابل دوست اوهان جي مدد ضرور ڪندا .
ادا توهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي مان اوهان کي خوش آمديد چوان ٿو .
ادا هي تحفه قبول ڪندا .
مهرباني ادا




16225135.jpg


57325664.jpg


52522538.jpg


71233828.jpg


95960532.jpg



shal judy hujeen


sindhsalamatsaathsal​
 
Back
Top