ضلعي عمر ڪوٽ جي قديمي ڳوٺ ڏگهو فارم ۾ گذريل پنجن سالن کان با اثر ماڻهن منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري جا سرعام دُڪان قائم ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري نوجوانن نسل ۾ منشيات جو استعمال وڌڻ لڳو آهي. منشيات سميت سمورين بُرائين کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙيل پوليس فورس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ سندن پُٺڀرائي ڪري رهي آهي ۽ منشيات جو وڪرو پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي. منشيات جو استعمال ڪندڙ منشيات وٺڻ لاءِ گهربل پئسا نه ملڻ جي صورت ۾ ڳوٺن مان چوريون ۽ ڦرن جون ڪاروايون پڻ ڪري رهيا آهن. اسانکي اميد آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ حڪمران انهيءَ معاملي طرف ڌيان ڏيندا ۽ منشيات جو وڪرو روڪرائڻ لاءِ قدم کڻندا ته جيئن منشيات ۾ وڪوڙجي ويل اڄوڪو نوجوان نسل وڌيڪ تباهيءَ کان بچي سگهي. راشد علي رند/ڳوٺ ڏگهو فارم (عمرڪوٽ)
جواب: پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ منشيات جو وڪرو ادا جيڪر پوليس چاهي ته معاشرو جنت بڻجي وڃي اها ٻي ڳالهه آهي ته پوليس وارن جو گهر دوزخ ٿي ويندو
جواب: پوليس جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ منشيات جو وڪرو ادا اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي پوليس ته معاشري ۾ بدامني، ڪرپشن وڌائڻ جو سبب آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ مان ته سمجهان ٿو ته ڪرپشن جي هر جڙ اتان کان شروع ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي ڳوٺ جا ڪافي سارا اهي مائهون جيڪي 88 کان 93 تائين ڦر، چوري، ء ڌاڙي جي واداتن ۾ گهربل هوندا هئا، جن کي اسان پاڻ ڌاڙا هڻدي ڏٺو۔۔۔ اهي اڄ پوليس ۾ آهن ء پي پي جي ٻئي دور ۾ هنن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو۔۔۔۔۔۔۔۔ ته پوء اهڙن ماڻهن مان ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيو ته هي معاشري ۾ امن جي بحالي لاء ڪو ڪردار ادا ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اسانجو سڄو سسٽم بگڙيل آهي