دوستو سلام
ڪالهه هڪ موضوع موڪليو هيم عورت کي سمجهڻ لاء هڪ ڪتاب جي۔ سڀني دوستن خاص ڪري سائين سچار سنڌي ۽ سائين نثار ابڙي صلاح ڏني ته عورت جي تعريف ڪيو ته ڪم آسان ٿي ويندا۔ ان سلسلي ۾ هڪ ٽوٽڪو اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو:

هڪ همراهه پنهنجي دوست سان شڪايت ڪئي ته يار منهنجي زال مونسان هميشه ڪاوڙيل رهي ٿي ڇا ڪيان۔
ان تي دوست صلاح ڏنس ته بلڪل آسان آهي، پهنجي گهرواري جي تعريف ڪر، عورت ڪيتري به ڪاوڙيل هجي پر پنهنجي تعريف تي خوش ٿيندي آهي ، اڄ رات جيئن ئي هوء توکي ماني پيش ڪري ته سندس پچايل کاڌي جي تعريف ڪر پوء ويٺو ڏس۔
شام جو هي همراهه جيئن ئي گهر پهتو ته زال کي ماني کڻي اچڻ جو چيائين۔ گهرواريء جيئن کاڌو پيش ڪيو ته هن همراهه به پهرين ئي گرهه کڻڻ سان چيو ” واهه واهه بيگم واهه واهه، زبردست ، ڇا ته ڀاڄي تيار ڪئي اٿئي، ٽيسٽي ۽ مزيدار “
مڙس جو ايئن چوڻ ۽ زال روئڻ شروع ڪيو۔ همراهه پريشان ٿي ويو ته شايد هي نسخو به بيڪار ويو ۽ زال کان پڇيائين ته ڇا ٿيو، روئين ڇو ٿي ؟
ان تي گهرواري وڌيڪ روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳس ته اوهان ته منهنجي ڪنهن به شيء جي تعريف ڪونه ٿا ڪيو۔!!!
همراهه ڪجهه تعجب ۾ پئجي ويو ۽ چيائينس ته هن ڀاڄيء جي هيڏي تعريف جو ڪيم۔
ان تي زال چيس ته اها ته مان هوٽل تان گهرائي هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان منهنجي پچايل ماني ۽ چانورن جي تعريف ته بلڪل ڪانه ڪئي ۽ وري روئڻ لڳي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔