تون صنم رهه مرڪندو

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
تون صنم رهه مرڪندو

سال ڇا صديون سدائين ، تون صنم رهه مرڪندو
هي جنم ڇا ، هو جنم ڇا ، هر جنم رهه مرڪندو
مندرن جي گهنڊ مان اڀري پئي جيڪا صدا
۽ ڪليسائن مان جيڪا به عبادت ٿئي ادا
باک توڙي سانجهه جو جيڪو به ٿئي ذڪر خدا
مسجدن ۾ پنج وقتن تي گهريل جيڪا دعا
هر عبادت جي ثوابن جون ڀري جهوليون اچان
سڀ دعائون پنکڙيون ٺاهي مٿان تنهنجي ڇٽيان
دل ٿي چئي اي دل جا دلبر دم بدم رهه مرڪندو
هي جنم ڇا ، هو جنم ڇا ، هر جنم رهه مرڪندو
سيال حيات
 
Back
Top