• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون صنم رهه مرڪندو

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
سال ڇا صديون سدائين ، تون صنم رهه مرڪندو
هي جنم ڇا ، هو جنم ڇا ، هر جنم رهه مرڪندو
مندرن جي گهنڊ مان اڀري پئي جيڪا صدا
۽ ڪليسائن مان جيڪا به عبادت ٿئي ادا
باک توڙي سانجهه جو جيڪو به ٿئي ذڪر خدا
مسجدن ۾ پنج وقتن تي گهريل جيڪا دعا
هر عبادت جي ثوابن جون ڀري جهوليون اچان
سڀ دعائون پنکڙيون ٺاهي مٿان تنهنجي ڇٽيان
دل ٿي چئي اي دل جا دلبر دم بدم رهه مرڪندو
هي جنم ڇا ، هو جنم ڇا ، هر جنم رهه مرڪندو

سيال حيات
 
جواب: تون صنم رهه مرڪندو

الله اڪبر، اهڙي ڪامل دعا ۔۔۔ نه اڳ ٻڌي نه گهري ۔۔۔ اوهان عشق جا گرو پيا لڳو ۔۔۔ اسانکي به پنهنجي شاگرديءَ ۾ وٺو ۔۔۔ سيال حيات ته اڄ مينهن جيئان وسي پيو آهي ۔۔۔ واه واه
 
جواب: تون صنم رهه مرڪندو

بيحد دلڪش لفظن سان سينگاريل غزل ان لا ئي ٿي سگهي ٿي جيڪو پنهنجو پاڻ کان به وڌيڪ پيارو ماڻهو هوندو۔۔۔۔۔۔۔
تمام بهترين خيال جاري رهي سائين۔۔۔۔
 
جواب: تون صنم رهه مرڪندو

سال ڇا صديون سدائين ، تون صنم رهه مرڪندو
هي جنم ڇا ، هو جنم ڇا ، هر جنم رهه مرڪندو


تمام خوبصورت شاعري جيڪا دعا به آهي ته آرزو به آهي۔۔۔۔۔۔۔۔سچ ته لاجواب آهي
 
Back
Top