هڪ عورت پنهنجي گم ٿيل مڙس جي رپورٽ داخل ڪرائڻ ويئي۔۔ پوليس واري پڇيو: قد ڪيترو اٿس؟ زال: ڪڏهن غور نه ڪيو آهي پوليس وارو: ٿلهو آهي يا سنهو؟ زال: صحتمند چئجي سگهجي ٿو. پوليس وارو: اکين جو رنگ ڪهڙو اٿس؟ زال: ڪڏهن غور ناهي ڪيو. پوليس وارو: ڀلا وار اڇا اٿس يا ڪارا؟ زال: منهنجي خيال ۾ ڪارا اٿس. پوليس وارو: ساڻس گڏ ڪير اٿس؟ زال: منهنجو پيارو ڪتو جنهن کي سنهري پٽو ٻڌل آهي، قد اڍائي فٽ اٿس صحتمند آهي، اکيون نيريون اٿس، وار ڀورا اٿس، هن جي کاڄي پير جو نهن ٿورو ٽٽل اٿس۔ هو ڀوڪندو به ناهي، هو گوشت خور آهي، اسان گڏ کائيندا ۽ گهمندا آهيون ايئن چئي عورت ٻوڪڙ ڀري روئڻ لڳي پوليس وارو: گهٻرائجي چوڻ لڳو ته اوهان رئو نه پهريان اسان ڪتي کي ٿا ڳوليون. .
جواب: گم ٿيل مڙس دوستو شادي ضرور ڪجو پر، گهر ۾ ڪو جانور نه پالجو ۔۔۔ نه ته اهو تجربو اسانجو به آهي ۔۔۔ بس الله بچائي مايون مڙسن کي ٽين درجي جو شهري سمجهن مٿان وري دانهون به پاڻ ڪن، مٿان وري چون ته عورتن کي حق ڏيو ۔۔۔ الامان توبهه مائيءَ کي ڪتي جو سڀ ڪجه ياد ۽ مڙس جي خبر ئي نه ۔۔۔ ظلم آهي بابلا
جواب: گم ٿيل مڙس ادا عمران درويش تمام سهڻي ونڊ ڪئي اٿوَ ڌڻي پاڪ توهان کي شاد ۽ آباد رکي ۔ ادا منهنجي خيال ۾ڀلو هو ته ان مائيءَ کي شادي ئي ان ڪتي سان ڪرڻ گھرجي ها !!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!:yahoo::yahoo::yahoo:
جواب: گم ٿيل مڙس هاهاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا درويش واهه جو ٽوٽڪو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب ته اسان کي ته ايڊوانس ۾ پلاننگ ڪرڻي پوندي ۽ سائين نثار ابڙو جي صلاح وٺڻي پوندي۔ تمام گهڻي کِل آئي آهي۔۔۔۔
جواب: گم ٿيل مڙس لطيفو ته اڳ ئي ونڊ ٿيل آهي پر وري هڪ دفعو ٻيهر اهڙو يادگيرو ڏيارڻ تي توهان جي مهرباني ادا سليمان ڀلي کلي وٺ ادا ڪا ڳالهه ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ سمجهي ته ويا هوندا هههههههههههههههههههههههههههه لاجواب ونڊ آهي ادا عمران درويش صاحب جاري رکجو
جواب: گم ٿيل مڙس بس ادا الله ئي ٻڌي مڙسن جي۔ سائين الله خئير ڪندو۔۔ مون ته شادي ڪارڊ ۾ اهو لکائڻ جو سوچيو آهي ته گهرو جانور پالڻ وارا پنهنجا جانور گهر ڇڏي اچن۔۔ باقي جهڙي طرح مائي ڪتي جو تعارف ڪرائي پئي لڳي ٿو ته ڪتي جو شانختي ڪارڊ به ٺهرايو هوندس۔ ۔ ۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔ مائٽ سائين دعا ۾ ياد۔ اتي رکينس نه ادا شادي جو فيصلو پهريان ڪري ها۔۔ پر يار دعا ڪرڻ جي مهرباني دعا اها به ڪجو ته مائي اهڙي ملي جيڪا ڪوئي گهرو جانور پالڻ جي شوقين نه هجي ۔۔ خصوصا ٻلي ڇوته اسان ٻلي سان لاڳاپيل واقعا به ٻڌا آهن۔۔ پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔ جي سائين تجربي ڪارن جي صلاح لازمي آهي۔۔ ها ها ها :chilli: پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔ ادا ڀلي جي ٻيو دفعو ونڊ ٿيو پر گهڻن ماڻهن کي سندن سور ياد اچي ويا۔۔ پر ادو سليمان ڏاڍو کلي پيو لڳي ٿو ته اڃان شادي ڪو نه ڪئي اٿس۔۔ .