Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
چمن ۾ گل جي ٽڙن ته ياد ڪجان،
انھن تي ڀوءنر مڙن ته ياد ڪجان.
ااتر جو وا لڳي ۽ چيٽ پکي،
ڪتي جا گيت کڙن ته ياد ڪجان.
وسي سانوڻ ۽ جي من ۾ آڳ لڳي،
ذھن ۾ خيال جِھڙن ته ياد ڪجان.
اچن جوڀن اڌما ۽ ننڊ ڦٽي،
اندر جا سان ڇڙن ته ياد ڪجان.
وفا چاھت محبت جي يادن ۾،
ڪي تمنائون جي چِڙن ته ياد ڪجان.
سڄڻ سڀ سيڄ چڙھِي خوشي ۾ چون،
وصل جا گيت ڪڙن ته ياد ڪجان.
جي محبوبن سان ملڻ اچن سھڻيون،
گھڙن سانسير گھڙن ته ياد ڪجان.
انھن تي ڀوءنر مڙن ته ياد ڪجان.
ااتر جو وا لڳي ۽ چيٽ پکي،
ڪتي جا گيت کڙن ته ياد ڪجان.
وسي سانوڻ ۽ جي من ۾ آڳ لڳي،
ذھن ۾ خيال جِھڙن ته ياد ڪجان.
اچن جوڀن اڌما ۽ ننڊ ڦٽي،
اندر جا سان ڇڙن ته ياد ڪجان.
وفا چاھت محبت جي يادن ۾،
ڪي تمنائون جي چِڙن ته ياد ڪجان.
سڄڻ سڀ سيڄ چڙھِي خوشي ۾ چون،
وصل جا گيت ڪڙن ته ياد ڪجان.
جي محبوبن سان ملڻ اچن سھڻيون،
گھڙن سانسير گھڙن ته ياد ڪجان.