Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
پيار جي پھرين ملاقات خدا خير ڪري،
تنھا تارن جي رات خدا خير ڪري.
چنڊ چاندوڪي ڀرم ساڻ حجابن جي گھٽا،
ھي حسن جوڀن جذبات خدا خير ڪري.
روح ريجھي ٿو کڻي نيڻ نھارين ٿو مٺا،
اکين کي آھي گھڻي تات خدا خير ڪري.
دست وپا چمندي حياتي جي گھڙِي ٿين نه جدا،
ھڪ ئي وائي آ سدا وات خدا خير ڪري.
ھر طرف پيار جا پيغام صبا ويئي کڻي،
چاھتن کي آ ملي ڏات خدا خير ڪري.
موسمِ گل سڳنڌ ھير چمن ۾ ھي جشن،
پيار جون ڳالھيون پکن لات خدا خير ڪري.
نعمتون ڀاڳ خوشيون کوڙ جھان کي ڀي مليون،
ماڻي انمول جا سوغات خدا خير ڪري.
مس ڪا جيون ۾ جلي جوت وقت ويري ٿيو،
سڀ سمھو تارو پرڀات خدا خير ڪري.
تنھا تارن جي رات خدا خير ڪري.
چنڊ چاندوڪي ڀرم ساڻ حجابن جي گھٽا،
ھي حسن جوڀن جذبات خدا خير ڪري.
روح ريجھي ٿو کڻي نيڻ نھارين ٿو مٺا،
اکين کي آھي گھڻي تات خدا خير ڪري.
دست وپا چمندي حياتي جي گھڙِي ٿين نه جدا،
ھڪ ئي وائي آ سدا وات خدا خير ڪري.
ھر طرف پيار جا پيغام صبا ويئي کڻي،
چاھتن کي آ ملي ڏات خدا خير ڪري.
موسمِ گل سڳنڌ ھير چمن ۾ ھي جشن،
پيار جون ڳالھيون پکن لات خدا خير ڪري.
نعمتون ڀاڳ خوشيون کوڙ جھان کي ڀي مليون،
ماڻي انمول جا سوغات خدا خير ڪري.
مس ڪا جيون ۾ جلي جوت وقت ويري ٿيو،
سڀ سمھو تارو پرڀات خدا خير ڪري.