جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
آھ غريبان قهر خدائي
منهنجي پويان باھ اجائي
ڪارنهن جو الزام نه هڻ تون
هو به ڪنهنجي آهي ڄائي
مار نه مونکي پٽ ڏئي جيجل
واتان ڪڍ تون چنڱڙي وائي
سُرڪ ته ٿورو ڇانوَ ڏي سُرڪون
اڄ آ اُس ۾ ڏاڌي تائي
ڪر فرمائش ڪهڙي کائون
چانورن يا ڀڳڙن جي لائي
ڏس ته اي جيجل مونکي جلدي
ڪٿڙان اهڙي بُسري آئي
دل سان دعا وٺ پنهنجي ماءُ کان
قسمت رهندئي هردم سائي
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد